جنهن بابل جي بادشاهہ جو اوهان کي ڊپ آهي، تنهن کان نہ ڊڄو؛ خداوند ٿو فرمائي تہ انهي جو ڪوبہ ڊپ نہ رکو، ڇالاءِ جو اوهان کي بچائڻ لاءِ ۽ هن جي هٿان ڇڏائڻ لاءِ، آءٌ اوهان سان آهيان. ۽ آءٌ اوهان تي رحم ڪندس، جنهن ڪري هو بہ اوهان تي رحم ڪري اوهان کي موٽائي پنهنجي زمين ڏي موڪليندو.