يرمياہ 36
36
1يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي چوٿين ورهيہ ۾ هيئن ٿيو تہ خداوند وٽان هيءُ ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ 2هڪ ڪتاب جي ويڙهي کڻ ۽ اسرائيل جي بابت ۽ يهوداہ جي بابت، ۽ سڀني قومن جي بابت، جنهن ڏينهن مون تو سان ڳالهايو تنهن کان وٺي يعني يوسياہ جي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين، جيڪي ڳالهيون مون تو سان ڪيون آهن سي سڀ انهي ۾ لک. 3امڪان آهي تہ يهوداہ جو گهراڻو اُها سڀ خرابي ٻڌي جا آءٌ انهن سان ڪرڻ ٿو گهران؛ تہ من هنن مان سڀ ڪو پنهنجي خراب رستي کان باز اچي؛ تہ آءٌ هنن جو قصور ۽ هنن جو گناهہ معاف ڪريان. 4تڏهن يرمياہ، باروڪ بن نيرياہ کي سڏيو؛ ۽ باروڪ، يرمياہ جي واتان خداوند جون اُهي سڀ ڳالهيون ڪتاب جي ويڙهيءَ تي لکيون، جي هن کيس ڪري ٻڌايون. 5۽ يرمياہ باروڪ کي حڪم ڪري چيو تہ آءٌ بند ۾ پيو آهيان؛ ۽ آءٌ خداوند جي گهر ۾ وڃي نٿو سگهان: 6تنهن ڪري تون وڃي هن ويڙهيءَ مان، جا تو منهنجي واتان لکي آهي، خداوند جون ڳالهيون خداوند جي گهر ۾، روزي واري ڏينهن ماڻهن جي ٻڌندي پڙهہ: يعني سڄي يهوداہ جي قوم، جا پنهنجن شهرن مان نڪري ٿي اچي، تنهن جي ٻڌندي اها پڙهج. 7شايد هو خداوند جي اڳيان منٿ آزي ڪن ۽ انهن مان هرڪو پنهنجي خراب رستي کان باز اچي: ڇالاءِ جو جيڪو غصو ۽ جيڪا ڪاوڙ خداوند انهيءَ قوم جي برخلاف ظاهر ڪئي آهي سا وڏي آهي. 8۽ باروڪ بن نيرياہ، يرمياہ نبيءَ جي ڏنل حڪم موجب تعميل ڪئي، ۽ ڪتاب ۾ خداوند جون جيڪي ڳالهيون هيون سي هن خداوند جي گهر ۾ پڙهي ٻڌايون.
9هاڻي يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي پنجين ورهيہ جي نائين مهيني ۾ هيئن ٿيو تہ يروشلم جي سڀني ماڻهن ۽ يهوداہ جي شهرن مان جيڪي ماڻهو يروشلم ۾ آيا تن سڀني خداوند جي اڳيان روزي رکڻ جو اشتهار ڪيو. 10تڏهن باروڪ خداوند جي گهر ۾، جمرياہ بن سافن منشيءَ جي جاءِ ۾، مٿئين ايوان ۾، خداوند جي گهر جي نئين دروازي جي لنگهہ وٽ، يرمياہ جون ڳالهيون سڀني ماڻهن جي ٻڌندي ڪتاب مان پڙهيون. 11۽ جڏهن ميڪاياہ بن جمرياہ بن سافن، ڪتاب مان خداوند جون سڀ ڳالهيون ٻڌيون، 12تڏهن هو هيٺ لهي بادشاهہ جي گهر ۾ منشيءَ جي ڪوٺيءَ ۾ ويو: ۽ ڏس، سڀ امير اُتي ويٺا هئا، يعني اليسمع منشي، ۽ دلاياہ بن سمعياہ، ۽ الناتن بن عڪبور، ۽ جمرياہ بن سافن، ۽ صدقياہ بن حننياہ ۽ ٻيا سڀ امير بہ ويٺا هئا. 13تڏهن ميڪاياہ اُهي سڀ ڳالهيون هنن کي ٻڌايون، جي هن باروڪ کان ٻڌيون، جڏهن هن اُهو ڪتاب ماڻهن کي پڙهي ٿي ٻڌايو. 14تنهن ڪري سڀني اميرن، يهودي بن نتنياہ، بن سلمياہ، بن ڪوشيءَ کي باروڪ ڏي چوائي موڪليو تہ اها جيڪا ويڙهي تو ماڻهن کي پڙهي ٻڌائي آهي سا پنهنجي هٿ ۾ کڻي اچ. تڏهن باروڪ بن نيرياہ اُها ويڙهي پنهنجي هٿ ۾ کڻي هنن وٽ آيو. 15۽ هنن چيس تہ هاڻي ويهي رهہ ۽ اها اسان کي پڙهي ٻڌاءِ. اُن موجب باروڪ اُها هنن کي پڙهي ٻڌائي. 16هاڻي هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن اُهي سڀ ڳالهيون ٻڌيون تڏهن ڊپ کان هڪ ٻئي ڏي نهارڻ لڳا، ۽ باروڪ کي چوڻ لڳا تہ اسين ضرور هي سڀ ڳالهيون بادشاهہ کي ٻڌائينداسين. 17۽ هنن باروڪ کان پڇيو ۽ چيائونس تہ هاڻي ڪيئن تو هي سڀ ڳالهيون هن جي واتان لکيون؟ 18تڏهن باروڪ هنن کي ورندي ڏيئي چيو، تہ هن پنهنجي وات سان اهي سڀ ڳالهيون مون کي ڪري ٻڌايون ۽ آءٌ مس سان ڪتاب ۾ لکندو ويس. 19تڏهن اميرن باروڪ کي چيو تہ تون ۽ يرمياہ وڃي لڪو؛ تہ ڪنهن کي بہ خبر نہ پوي تہ ڪٿي آهيو. 20پوءِ هو ايوان ۾ اندر لنگهي بادشاهہ وٽ ويا؛ پر هنن اُها ڪاغذ جي ويڙهي اليسمع منشيءَ جي ڪوٺيءَ ۾ رکي ڇڏي؛ ۽ انهن اهي سڀ ڳالهيون بادشاهہ جي ڪنن تائين رسايون. 21تڏهن بادشاهہ يهوديءَ کي موڪليو تہ وڃي اُها ويڙهي کڻي اچ: ۽ هن اُها وڃي اليسمع منشيءَ جي ڪوٺيءَ مان هٿ ڪئي. ۽ يهوديءَ اُها بادشاهہ کي، ۽ جيڪي امير بادشاهہ جي پاسي ۾ بيٺا هئا تن کي پڙهي ٻڌائي. 22هاڻي بادشاهہ نائين مهيني ۾ سياري واري گهر ۾ ويٺو هو: ۽ سندس اڳيان اڳيٺيءَ ۾ باهہ پئي ٻري. 23۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يهودي ٽي يا چار ورق پڙهي ويو تهن بادشاهہ ڪپ سان انهن کي وڍي اڳيٺيءَ ۾ باهہ ۾ اُڇلائي وڌا، جيسين ڪ اها سڄي ويڙهي اڳيٺيءَ ۾ باهہ ۾ سڙي چٽ ٿي وئي. 24۽ بادشاهہ توڙي سندس نوڪر، جن اهي سڀ ڳالهيون ٻڌيون، سي ڊنا ڪين، ۽ نہ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيائون. 25تنهن هوندي بہ الناتن، ۽ دلاياہ، ۽ جمرياہ بادشاهہ کي منٿ ڪئي تہ ويڙهي نہ ساڙ؛ پر هن انهن جي نہ ٻڌي. 26۽ بادشاهہ، شاهزادي يرحمئيل، ۽ شراياہ بن عزري ايل، ۽ سلمياہ بن عبدي ايل کي حڪم ڏنو تہ باروڪ ڪاتب ۽ يرمياہ نبيءَ کي پڪڙيو: پر خداوند انهن کي لڪائي ڇڏيو.
27جڏهن بادشاهہ اُها ويڙهي ۽ جيڪي ڳالهيون باروڪ يرمياہ جي واتان لکيون هيون سي ساڙي ڇڏيون تڏهن خداوند جو ڪلام يرمياہ نبي تي نازل ٿيو، تہ 28تون ٻي ويڙهي کڻ ۽ جيڪي اڳوڻيون ڳالهيون اُنهي پهرين ويڙهي ۾ لکيل هيون، جا يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ساڙي ڇڏي هئي، سي سڀ انهي ۾ لک. 29۽ يهوداهہ جي بادشاهہ يهويقيم جي نسبت ۾ تون چئج تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تو هي ويڙهي ساڙي آهي ۽ چيو اٿيئي تہ تو ڇو هن ۾ لکيو آهي تہ بابل جو بادشاهہ ضرور اچي هي ملڪ ناس ڪندو، ۽ اتان ماڻهن توڙي جانورن کي نيست نابود ڪري ڇڏيندو؟ 30تنهن ڪري خداوند، يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم جي نسبت ۾ هيئن ٿو فرمائي، تہ دائود جي تخت تي ويهڻ لاءِ هن وٽ ڪوبہ ڪونہ هوندو: ۽ هن جو لاش ڏينهن جو گرميءَ ۾ ۽ رات جو پاري ۾ اُڇلايو ويندو. 31۽ آءٌ هن کي، ۽ سندس اولاد کي، ۽ سندس نوڪرن کي، سندن بدڪاريءَ سبب سزا ڏيندس؛ ۽ آءٌ هنن تي، ۽ يروشلم جي رهاڪن تي، ۽ يهوداہ جي ماڻهن تي اُها سڀ خرابي آڻيندس جا مون سندن برخلاف ظاهر ڪري ٻڌائي، ۽ هنن نہ ٻڌي. 32تڏهن يرمياہ ٻي ويڙهي کڻي باروڪ بن نيرياہ ڪاتب کي ڏني؛ جنهن يرمياہ جي واتان انهي ۾ اُنهي ڪتاب جون سڀ ڳالهيون لکيون، جو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم باهہ ۾ ساڙي ڇڏيو هو: ۽ انهن کان سواءِ ٻيون انهن جهڙيون گهڻيون ئي ڳالهيون انهي ۾ گڏيون ويون.
Currently Selected:
يرمياہ 36: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.