يرمياہ 35
35
1يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي ڏينهن ۾ جيڪو خداوند جو ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو سو هي آهي، تہ 2ريڪابين جي گهر وڃ ۽ انهن سان ڪلام ڪر، ۽ انهن کي خداوند جي گهر جي هڪڙيءَ ڪوٺيءَ ۾ آڻي شراب پيارين. 3تڏهن مون يازنياہ بن يرمياہ، بن حبصنياہ، ۽ سندس ڀائرن، ۽ سندس سڀني پٽن کي، ۽ ريڪابين جي ساري گهراڻي کي پاڻ سان آندو. 4۽ خداوند جي گهر ۾ خدا جي بندي حنان بن يجدلياہ جي پٽن واري ڪوٺيءَ ۾ وٺي آيو سان، جا اميرن جي ڪوٺيءَ جي ڀرسان ۽ دربان مسعياہ بن سلوم جي ڪوٺيءَ جي مٿان هئي: 5۽ مون ريڪابين جي گهراڻي جي پٽن جي اڳيان شراب سان ڀريل دُنگڙيون ۽ پيالا رکيا، ۽ چيو مان تہ اوهين شراب پيو. 6پر هنن چيو تہ اسين شراب ڪين پيئنداسين؛ ڇالاءِ جو يوناداب بن ريڪاب، اسان جي پيءُ اسان کي حڪم ڏئي چيو تہ اوهين يا اوهان جا پٽ، ڪڏهن بہ شراب متان پيو: 7نڪي اوهين گهر جوڙجو، يا ٻج پوکجو، يا ڊاک جو منهہ لڳائجو يا انهن جا مالڪ ٿجو: پر اوهين پنهنجي حياتيءَ جا سڀ ڏينهن تنبن ۾ رهجو؛ تہ جنهن زمين ۾ مسافر آهيو، تنهن ۾ گهڻن ڏينهن تائين رهو. 8۽ اسان پنهنجي پيءُ يوناداب بن ريڪاب جو حڪم مڃيو، ۽ جن ڳالهين جي اسان کي تاڪيد ڪئي هئائين سي مڃيونسين، يعني تہ اسين ۽ اسان جون زالون ۽ اسان جا پٽ ۽ اسان جون ڌيئرون سڄي عمر شراب نہ پيئون؛ 9نڪي گهر جوڙي انهن ۾ رهون: نڪي ڊاک جا منهہ يا ٻنيون يا ٻج رکون: 10پر اسين تنبن ۾ پئي رهيا آهيون، ۽ جيڪو حڪم اسان جي پيءُ يوناداب اسان کي ڏنو تنهن موجب سڀ ڪجهہ فرمانبردار ٿي پئي ڪيو اٿئون. 11پر هيئن ٿيو تہ جڏهن بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر هن ملڪ ۾ آيو تڏهن اسان چيو تہ اچو تہ ڪسدين جي لشڪر جي ڊپ کان ۽ ارامين جي لشڪر جي ڊپ کان يروشلم ڏي هلون: تنهن ڪري اسين يروشلم ۾ رهندا اچون.
12تڏهن خداوند جو ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ 13لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ وڃي يهوداہ جي ماڻهن ۽ يروشلم جي رهاڪن کي چئُہ تہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين نصيحت وٺي منهنجون ڳالهيون نہ ٻڌندا ڇا؟ 14يوناداب بن ريڪاب جن ڳالهين جو حڪم پنهنجن پٽن کي ڏنو تہ شراب نہ پيئجو تن تي هو تعميل ڪندا اچن، ۽ اڄ ڏينهن تائين هو شراب نٿا پيئن، ڇالاءِ جو هو پنهنجي پيءُ جي حڪم جا تابع آهن: پر مون صبح جو سوير اُٿي اوهان سان ڳالهايو آهي؛ ۽ اوهان منهنجي ڳالهہ نہ ٻڌي آهي. 15مون اوهان ڏي پنهنجا ٻانها نبي موڪليا آهن، بلڪ صبح جو سوير اُٿي موڪليا اٿم، ۽ چيو اٿم تہ هاڻي اوهين سڀ پنهنجي بڇڙي رستي کان باز اچو، ۽ پنهنجا ڪم سڌاريو، ۽ ٻين معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي عبادت نہ ڪريو، تہ جيڪا زمين مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني آهي، تنهن ۾ رهندا اچو: پر اوهان ڪن ڪونہ ڏنو ۽ منهنجي ڳالهہ نہ ٻڌي. 16يوناداب بن ريڪاب جي پٽن کي جيڪو سندن پيءُ حڪم ڏنو هو سو هنن بجا آندو، پر هن قوم منهنجو حڪم نہ ٻڌو؛ 17تنهن ڪري خداوند، جو لشڪرن جو خدا، ۽ اسرائيل جو خدا آهي، هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ يهوداہ تي ۽ يروشلم جي سڀني ماڻهن تي اُها سڀ خرابي آڻيندس، جا هنن جي برخلاف مون اڳيئي ظاهر ڪئي آهي: ڇالاءِ جو مون هنن کي ٻڌايو آهي پر هنن نہ ٻڌو آهي؛ ۽ مون هنن کي سڏيو آهي پر هنن جواب ڪونہ ڏنو آهي. 18۽ يرمياہ ريڪابين جي گهراڻي کي چيو تہ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ اوهان پنهنجي پيءُ يوناداب جو حڪم مڃيو آهي، ۽ ان جون سڀ وصيتون بجا آنديون آهن، ۽ جيئن هن اوهان کي حڪم ڏنو تيئن هر طرح ڪيو آهي؛ 19تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ يوناداب بن ريڪاب کي ڪڏهن بہ اهڙي ماڻهوءَ جي کوٽ نہ ٿيندي جو منهنجي اڳيان بيهي.
Currently Selected:
يرمياہ 35: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.