Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 31

31
1خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ اسرائيل جي سڀني قبيلن جو خدا ٿيندس، ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا. 2خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جيڪا قوم ترار کان بچي وئي، تنهن بيابان ۾ فضل حاصل ڪيو؛ يعني اسرائيل، جڏهن آءٌ انهن کي آرام ڏيڻ ويس. 3خداوند قديم وقت کان مون کي ڏيکاري ڏئي چيو تہ هائو، مون دائمي محبت سان توکي پيار ڪيو آهي: تنهن ڪري رحمت سان توکي ڇڪيو اٿم. 4اي اسرائيل جي ڪنواري آءٌ وري بہ توکي اڏيندس ۽ تون اڏبينءَ: وري تون پنهنجن کنجرين سان سينگاري ويندينءَ ۽ خوشي ڪندڙن جي ناچن سان نڪرندينءَ. 5وري تون سامريہ جي جبلن تي ڊاک جا منهہ پوکينديئن، پوکڻ وارا پوکيندا ۽ ان جو ڦر کائيندا. 6ڇالاءِ جو هڪڙو اهڙو ڏينهن ٿيندو جو افرائيم جي ٽڪرن تي پهري وارو پڪاري چوندو تہ اوهين اُٿو، هلو تہ صيون ڏي خداوند پنهنجي خدا وٽ هلون. 7ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ يعقوب جي لاءِ خوشيءَ سان ڳايو، ۽ قومن جي سردار لاءِ نعرا هڻو: اوهين پڌرائي ڪريو، اوهين تعريف ڪريو ۽ چئو تہ اي خداوند، پنهنجي قوم اسرائيل جي باقي بچيلن کي بچاءِ. 8ڏس، آءٌ هنن کي اُتر واري ملڪ مان آڻيندس ۽ زمين جي تمام پرانهن ڀاڱن مان هنن کي گڏ ڪندس، ۽ انهن سان گڏ انڌا ۽ منڊا هوندا، ۽ پيٽ واري زال ۽ ويم جي سورن واري زال هوندي: هو وڏي جماعت ٿي هيڏي موٽي ايندا. 9هو رئندا ۽ منٿون ڪندا ايندا، ۽ آءٌ سندن رهبري ڪندس: آءٌ هنن کي پاڻيءَ جي ندين جي ڪنارن سان اهڙي سنئين رستي تي هلائيندس، جنهن تي هو ٿاٻو نہ کائيندا؛ ڇالاءِ جو آءٌ اسرائيل جو پيءُ آهيان، ۽ افرائيم منهنجو پهريون ڄاول ٻار آهي.
10اي قومون، اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو، ۽ پرانهين ٻيٽن ۾ اهو ٻڌايو؛ ۽ چئو تہ جنهن اسرائيل کي ڇڙوڇڙ ڪيو، سو ئي هن کي گڏ ڪندو ۽ سنڀاليندو، جيئن ڪو ڌنار پنهنجي ڌڻ کي سنڀاليندو آهي. 11ڇالاءِ جو خداوند يعقوب کي عيوضو ڏئي ڇڏايو آهي، ۽ جيڪو کانئس ڏاڍو هو تنهن جي هٿان هن کي آزاد ڪرائي ورتو اٿس. 12۽ هو ايندا ۽ صيون جي چوٽيءَ تي ڳائيندا، ۽ گڏجي خداوند جي چڱائيءَ ڏي اُٿي هلندا، يعني اناج ڏي ۽ مئي ڏي، ۽ تيل ڏي، ۽ ڌڻ ڏي، ۽ ڌڻ ۽ گلي جي ٻچن ڏي: ۽ هنن جو روح پاڻي ڏنل باغ جهڙو ٿيندو، ۽ هو وري ڪڏهن بہ ڏک نہ ڪندا، 13تڏهن ڪنواري ڇوڪري جوان ۽ ٻڍن ماڻهن سان گڏجي ناچ ۾ خوشي ڪندي، ڇالاءِ جو آءٌ انهن جي غم کي بدلائي خوشي ڪندس، ۽ هنن کي تسلي ڏيندس، ۽ هنن جي غمگيني مان کين خوشحال ڪندس. 14۽ خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ ڪاهنن جي جان کي چڪنائيءَ سان ڀريندس ۽ منهنجي قوم منهنجي چڱائي مان راضي رهندي.
15خداوند ٿو فرمائي، تہ رامہ ۾ هڪڙو رئڻ ۽ رڙڻ جو آواز ٿو ٻڌجي؛ راخل پنهنجي ٻارن لاءِ روئي ٿي ڇالاءِ جو اُهي موجود ناهن، ۽ هن کي ڪابہ تسلي نٿي اچي. 16خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ رئڻ کان پنهنجو آواز روڪ، ۽ لڙڪن کان پنهنجن اکين کي جهل: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ توکي تنهنجو اجر ملندو: ۽ هو دشمن جي ملڪ مان موٽي ايندا. 17۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ تنهنجي پڇاڙيءَ جي لاءِ اميد آهي؛ ۽ تنهنجا ٻار پنهنجي ملڪ ۾ موٽي ايندا. 18يقين مون افرائيم کي ماتم ڪندو ٻڌو آهي جو چوي ٿو تہ تو مون کي سيکت ڏني آهي، ۽ مون انهي گابي وانگي سيکت پاتي جو پاڃاريءَ جو هريل نہ هو: تون مون کي ڦيراءِ تہ آءٌ ڦران: ڇالاءِ جو تون خداوند منهنجو خدا آهين. 19يقين آهي تہ پنهنجي ڦرڻ کان پوءِ مون توبهہ ڪئي؛ ۽ تعليم ملڻ کان پوءِ مون پنهنجي ران تي ڌڪ هنيو؛ آءٌ شرمندو ٿيس، هائو، بلڪ منجهي پيس، ڇالاءِ جو مون پنهنجي جوانيءَ جي خواري کنئي آهي. 20افرائيم منهنجو پيارو پٽ آهي ڇا؟ جيترا ڀيرا آءٌ هن جي برخلاف ٿو ڳالهايان، اوترا ڀيرا آءٌ هن کي زيادہ شوق سان ياد ٿو ڪريان: تنهن ڪري هن جي لاءِ منهنجن آنڊن کي سيڪ ٿو اچي؛ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ ضرور هن تي رحم ڪندس.
21پنهنجي لاءِ رستي جا نشان کڙا ڪر، پنهنجي لاءِ سونهپ جا ڪاٺ جوڙيو: شاهي رستي سان دل لڳاءِ، يعني اهو رستو جنهن تان تون وئين: اي اسرائيل جي ڪنواري موٽي اچ، تون پنهنجن هنن شهرن ڏي موٽي اچ. 22اي نٺر ڌيءَ، ڪيستائين تون هيڏي هوڏي پئي رلندينءَ؟ خداوند زمين تي هڪڙي نئين شيءِ پيدا ڪئي آهي، يعني زال مڙس کي گهيري ويندي.
23لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جڏهن آءٌ هنن جا قيدي موٽائي آڻيندس تڏهن هو وري بہ يهوداہ جي زمين ۾ ۽ ان جي شهرن ۾ هيئن چوندا: تہ اي انصاف جا مڪان، اي پاڪ جبل، شل خداوند توکي برڪت ڏئي. 24۽ يهوداہ ۽ ان جا سڀ شهر انهي ۾ گڏ رهندا، يعني هاري ۽ ڌنار جي ڌڻ وٺي نڪرن ٿا. 25ڇالاءِ جو ٿڪل جان کي مون ڍاول ڪيو آهي، ۽ سڀ ڪنهن غمگين روح کي مون راضي ڪيو آهي. 26اتي آءٌ جاڳي پيس ۽ نگاهہ ڪيم؛ ۽ منهنجي ننڊ مون کي مٺي لڳي. 27خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ اسرائيل جي گهر ۾، ۽ يهوداہ جي گهر ۾ ماڻهوءَ ۽ جانور جو ٻج پوکيندس. 28۽ هيئن ٿيندو تہ جيئن مون هنن تي نگهباني ڪري هنن کي پٽي ڪڍيو ۽ ڀڃي ڇڏيو، ۽ اونڌو ڪري ناس ڪيو ۽ ڏکويو؛ تيئن آءٌ هنن تي نگهباني ڪري هنن کي اڏيندس ۽ پوکيندس؛ خداوند ائين ٿو فرمائي. 29انهن ڏينهن ۾ هو وري ڪڏهن بہ نہ چوندا تہ پيءُ کٽي ڊاک کاڌي ۽ پٽ جا ڏند کٽا ٿي پيا آهن. 30پر سڀڪو پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري مرندو: جيڪو کٽي ڊاک کائيندو، تنهن جا ئي ڏند کٽا ٿيندا.
31خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ اسرائيل جي گهراڻي سان ۽ يهوداہ جي گهراڻي سان نئون عهد اقرار ڪندس: 32خداوند ٿو فرمائي، تہ نہ انهي عهد اقرار موجب جو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان انهي ڏينهن ڪيو هو جڏهن هنن جو هٿ وٺي هنن کي مصر جي زمين مان ڪڍي آيس؛ جو عهد اقرار هنن ڀڳو، جيتوڻيڪ آءٌ هنن جي لاءِ مڙس جي بجاءِ هوس. 33پر خداوند ٿو فرمائي تہ هي اُهو عهد اقرار آهي جو آءٌ انهن ڏينهن کان پوءِ اسرائيل جي گهراڻي سان ڪندس؛ آءٌ پنهنجي شريعت هنن جي اندر ۾ رکندس ۽ هنن جي دل ۾ لکندس؛ ۽ آءٌ هنن جو خدا ٿيندس ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا: 34۽ هنن مان ڪوبہ وري اڳتي پنهنجي پاڙيسريءَ کي ۽ پنهنجي ڀاءُ کي ائين چئي نہ سيکاريندو تہ خداوند کي سڃاڻ: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ننڍي کان وٺي وڏي تائين هو سڀ مون کي سڃاڻندا، ڇالاءِ جو آءٌ هنن جي بدڪاري معاف ڪندس، ۽ هنن جو گناهہ وري اڳتي ياد نہ ڪندس. 35خداوند هيئن ٿو فرمائي، يعني اُهو جو ڏينهن جي روشنائيءَ لاءِ سج ڏئي ٿو، ۽ رات جي روشنائيءَ لاءِ چنڊ، ۽ تارن جا قانون ٿو ڏئي، ۽ جو سمنڊ کي ولوڙي ٿو تہ انهي جون لهرون گجگار ڪن؛ لشڪرن جو خداوند انهي جو نالو آهي: 36تہ جيڪڏهن اهي قانون منهنجي اڳيان ٽري ويندا، تہ پوءِ خداوند فرمائي ٿو تہ اسرائيل جو نسل بہ منهنجي اڳيان هميشہ جي لاءِ اُمت ٿيڻ کان ٽري ويندو. 37خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جيڪڏهن مٿي آسمان ماپي سگهبو ۽ هيٺ زمين جو بنياد جانچي معلوم ڪري سگهبو، تہ پوءِ، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اسرائيل جو سمورو نسل بہ سندن سڀني ڪمن جي ڪري ڦٽو ڪري ڇڏيندس. 38ڏس خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن حنن ايل جي ٺلهہ کان وٺي ڪنڊ واري دروازي تائين خداوند جي لاءِ شهر اڏجي ويندو. 39۽ ماپ ڪرڻ جي ڏور اڃا بہ جاريب جي ٽڪريءَ تائين اڳتي سنئين هلي ويندي، ۽ ڦري جوعاتہ تائين ايندي. 40۽ مڙهن ۽ ڪيريءَ جي سڄي وادي، ۽ سڀ ٻنيون قدرون جي نهر تائين، ۽ اُڀرندي ڏي گهوڙي واري دروازي جي ڪنڊ تائين، خداوند جي لاءِ پاڪ ٿينديون؛ اُهو پٽي ڪڍيو نہ ويندو، ۽ نہ وري ڪڏهن هيٺ اُڇلايو ويندو.

Currently Selected:

يرمياہ 31: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in