يرمياہ 28
28
1۽ ساڳئي سال ۾، يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جي بادشاهت جي شروعات ۾، چوٿين ورهيہ جي پنجين مهيني ۾ هيئن ٿيو تہ حننياہ بن عزور نبي، جو جبعون جو هو، تنهن خداوند جي گهر ۾ ڪاهنن ۽ سڄي قوم جي روبرو مون کي چيو، تہ 2لشڪرن جو خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ مون بابل جي بادشاهہ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏي آهي. 3ٻن ڀرين ورهين اندر آءٌ خداوند جي گهر جا اُهي سڀ ٿانوَ هن هنڌ موٽائي آڻيندس، جي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر هن هنڌان هٿ ڪري بابل ڏي کڻي ويو هو: 4۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ يڪونياہ بن يهويقيم کي بابل ڏي ويلن يهوداہ جي سڀني قيدين سميت موٽائي هن هنڌ آڻيندس: ڇالاءِ جو آءٌ بابل جي بادشاهہ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏيندس. 5تڏهن يرمياہ نبي حننياہ نبيءَ کي، ڪاهنن، ۽ ٻيا جيڪي ماڻهو خداوند جي گهر ۾ بيٺا هئا تن جي روبرو چيو، تہ 6آمين، يعني يرمياہ نبي چيو، تہ شل خداوند ائين ڪري: جي ڳالهيون نبوت ڪري تو ڪيون آهن، سي شل خداوند پوريون ڪري، ۽ خداوند جي گهر جا ٿانوَ ۽ سڀ قيدي بابل مان موٽي هن هنڌ اچن. 7انهيءَ هوندي بہ هاڻي هي جيڪو ڪلام تنهنجن ڪنن تي ۽ ساري قوم جي ڪنن تي آءٌ وجهان ٿو سو ٻڌ: 8جيڪي نبي قديم زماني ۾ مون کان اڳي ۽ توکان اڳي ٿي گذريا آهن، تن گهڻن ملڪن ۽ وڏين بادشاهتن جي برخلاف جنگ ۽ مصيبت ۽ مرض بابت پيشنگوئيون ڪيون هيون. 9جو نبي خير سلامتيءَ جي پيشنگوئي ٿو ڪري، جڏهن انهيءَ نبي جو ڪلام اچي پورو ٿيندو تڏهن انهيءَ نبي جي نسبت ۾ معلوم ٿيندو تہ خداوند سچ پچ ان کي موڪليو آهي يا نہ. 10تڏهن حننياہ نبيءَ يرمياہ جي ڳچيءَ تان گز ڀڃي ڇڏيو. 11۽ حننياہ سڄي قوم کي مخاطب ٿي چيو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ انهيءَ طرح آءٌ ٻن ڀرين ورهين اندر بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي پاڃاري سڀني قومن جي ڳچيءَ مان ڀڃي ڇڏيندس. پوءِ يرمياہ نبي پنهنجي واٽ وٺي هليو ويو. 12حننياہ نبيءَ يرمياہ نبيءَ جي ڳچيءَ مان گز کڻي ڀڃي ڇڏيو، تنهن کان پوءِ خداوند جو ڪلام يرمياہ وٽ آيو، جنهن چيو تہ 13وڃي حننياہ کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تو ڪاني جا گز ڀڃي ڇڏيا آهن؛ پر انهن جي بدران تون لوهہ جا گز جوڙيندين. 14ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ مون هنن سڀني قومن جي ڳچيءَ ۾ لوهہ جي پاڃاري وڌي آهي، انهي لاءِ تہ هو بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي خدمت چاڪري ڪن؛ ۽ هو ضرور ان جي خدمت چاڪري ڪندا: ۽ مون هن کي جهنگ جا جانور بہ ڏنا آهن. 15تڏهن يرمياہ نبيءَ حننياہ نبيءَ کي چيو تہ اي حننياہ، هاڻي ٻڌ؛ خداوند توکي ڪونہ موڪليو آهي؛ پر تون هن قوم کي هڪڙي ڪوڙ تي ڀروسو ٿو ڪرائين. 16تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ توکي زمين جي سطح تان ڪڍي ڇڏيندس: هن ئي سال تون مري ويندين، ڇالاءِ جو تو خداوند جي برخلاف بغاوت جي ڳالهہ ڪئي آهي. 17اُن موجب حننياہ نبي، انهي ساڳئي ورهيہ جي ستين مهيني ۾ مري ويو.
Currently Selected:
يرمياہ 28: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.