تڏهن يرمياہ نبيءَ حننياہ نبيءَ کي چيو تہ اي حننياہ، هاڻي ٻڌ؛ خداوند توکي ڪونہ موڪليو آهي؛ پر تون هن قوم کي هڪڙي ڪوڙ تي ڀروسو ٿو ڪرائين. تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ توکي زمين جي سطح تان ڪڍي ڇڏيندس: هن ئي سال تون مري ويندين، ڇالاءِ جو تو خداوند جي برخلاف بغاوت جي ڳالهہ ڪئي آهي.