يرمياہ 29
29
1هاڻي جيڪو خط يرمياہ نبيءَ يروشلم مان باقي رهيلن قيدي بزرگن ڏي، ۽ ڪاهنن ۽ نبين ۽ انهن سڀني ماڻهن ڏي موڪليو، جن کي نبوڪدنضر قيد ڪري يروشلم مان بابل ڏي وٺي ويو هو، تنهنجا هي لفظ آهن: 2(يعني انهي کان پوءِ تہ يڪونياہ بادشاهہ، ۽ والدہ ملڪہ، ۽ ناظر، ۽ يهوداہ ۽ يروشلم جا امير، ۽ واڍا، ۽ لوهار يروشلم مان روانا ٿيا) 3۽ اُهو خط العاسہ بن سافن ۽ جمرياہ بن حلقياہ جي هٿان موڪليائين (جن کي يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر ڏي بابل ۾ موڪليو)، 4تہ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، فرمائي ٿو تہ جيڪي قيدي مون يروشلم مان بابل ڏي قيد ڪرائي موڪلي ڏنا آهن، تن سڀني کي چئو تہ: 5اوهين پنهنجي لاءِ گهر ٺاهي انهن ۾ رهو؛ ۽ باغ پوکيو ۽ انهن جو ڦر کائو؛ 6زالون پرڻجو، ۽ پٽ ۽ ڌيئون ڄڻيو، ۽ پنهنجن پٽن کي زالون پرڻايو، ۽ پنهنجين ڌيئن جون شاديون ڪرايو، تہ اُهي پٽ ۽ ڌيئون ڄڻين؛ ۽ اُتي اوهين وڌي گهڻا ٿيو ۽ نہ گهٽجو. 7۽ جنهن شهر ۾ مون اوهان کي قيد ڪري موڪليو آهي، انهي جي خير سلامتي ڳوليو ۽ انهي لاءِ خداوند کان دعا گهرو: ڇالاءِ جو انهي جي خير سلامتي ۾ اوهان کي خير سلامتي حاصل ٿيندي. 8ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪي نبي اوهان منجهہ آهن ۽ اوهان جا غيب دان اوهان کي نہ ٺڳين، ۽ جيڪي خواب اوهين لهو ٿا تن تي نہ هلو. 9ڇالاءِ جو اُهي منهنجي نالي سان ڪوڙي نبوت ڪن ٿا: خداوند ٿو فرمائي تہ مون انهن کي نہ موڪليو آهي. 10ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جڏهن بابل جي لاءِ ستر ورهيہ گذري ويندا تڏهن آءٌ اچي اوهان جي سار لهندس، ۽ جيڪو چڱو انجام اوهان سان ڪيو اٿم سو پورو ڪندس، ۽ اوهان کي موٽائي هن هنڌ آڻيندس. 11ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪي اوهان جي حق ۾ منهنجا خيال آهن، سي آءٌ ڄاڻان ٿو، اُهي خير سلامتيءَ جا خيال آهن نہ خرابي جا، يعني تہ اوهان جي پڇاڙيءَ ۾ اوهان کي اُميد ڏيان. 12۽ اوهين مون کي پڪاريندا، ۽ اوهين مون کان دعا گهرندا ۽ آءٌ اها قبول ڪندس. 13۽ اوهين مون کي ڳوليندا، ۽ جڏهن اوهين مون کي پنهنجي سموري دل سان ڳوليندا تڏهن مون کي لهندا. 14۽ خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ اوهان کان لڀندس ۽ اوهان جا قيدي موٽائي آڻيندس: ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ اوهان کي انهن سڀني قومن مان ۽ انهن سڀني هنڌن مان آڻي گڏ ڪندس، جن ڏي مون اوهان کي هڪالي ڪڍيو آهي؛ ۽ جنهن هنڌان اوهان کي مون قيد ڪرائي ڪڍيو آهي انهيءَ هنڌ اوهان کي موٽائي آڻيندس. 15ڇالاءِ جو اوهان چيو آهي تہ خداوند اسان جي لاءِ بابل ۾ نبي اُٿاريا آهن. 16هاڻي جيڪو بادشاهہ دائود جي تخت تي ويٺو آهي، تنهن بابت، ۽ جيڪي ماڻهو هن شهر ۾ رهن ٿا ۽ اوهان جا ڀائر جي اوهان سان گڏ قيد ٿي نہ ويا آهن تن سڀني بابت، خداوند هيئن ٿو فرمائي؛ 17لشڪرن جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو آءٌ هنن تي ترار ۽ ڏڪار ۽ مرض موڪليندس، ۽ انهن کي گندن انجيرن جهڙو ڪندس، جي اهڙا خراب آهن جي کائي نٿا سگهن. 18۽ آءٌ ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان هنن جي پٺيان پوندس، ۽ زمين جي سڀني بادشاهتن ۾ هنن کي هيڏي هوڏي ڌڪا کائڻ لاءِ ڏئي ڇڏيندس، انهي لاءِ تہ جن قومن ۾ مون هنن کي هڪالي ڇڏيو آهي تن سڀني ۾ هو لعنت، ۽ حيرت، ۽ شوڪار، ۽ ملامت ٿين: 19ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ هنن منهنجون اهي ڳالهيون نہ ٻڌيون آهن، جي مون صبح جو سوير اُٿي پنهنجن ٻانهن نبين جي وسيلي موڪليون: پر خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهان ٻڌڻ جي نہ ڪئي. 20تنهن ڪري اوهين جي آهيو، ۽ سڀ قيدي جن کي مون يروشلم مان بابل ڏي موڪلي ڇڏيو آهي، خداوند جو ڪلام ٻڌو.
21لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، اخي اب بن قولاياہ، ۽ صدقياہ بن معسياہ، جي بابت جي منهنجي نالي سان نبوت ڪري اوهان کي ڪوڙ ٿا ٻڌائين، هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو آءٌ هنن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي حوالي ڪندس، جو هنن کي اوهان جن اکين آڏو قتل ڪري ڇڏيندو؛ 22۽ يهوداہ جا جيڪي قيدي بابل ۾ آهن سي سڀ هنن تان هڪڙو لعنت جو مثال بنائيندا، ۽ چوندا، تہ شل خداوند توکي صدقياہ جهڙو ۽ اخي اب جهڙو ڪري، جن کي بابل جي بادشاهہ باهہ تي ڪباب ڪيو. 23ڇالاءِ جو هنن اسرائيل ۾ بي عقليءَ جو ڪم ڪيو، ۽ پنهنجي پاڙيسرين جي زالن سان زناڪاري ڪئي، ۽ ڪوڙ ڪري منهنجي نالي سان اهڙيون ڳالهيون ڪيون جي مون هنن کي نہ چيون هيون: ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اهو آهيان جو ڄاڻان ٿو ۽ شاهد آهيان.
24۽ سمعياہ نخلاميءَ جي نسبت ۾ تون چئُہ، تہ 25لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تو پنهنجي نالي سان يروشلم جي سڀني ماڻهن ڏي ۽ صفنياہ بن معسياہ ڪاهن، ۽ سڀني ڪاهنن ڏي خط موڪليا آهن، جنهن ۾ چيو اٿيئي، تہ 26خداوند توکي يهويدع ڪاهن جي جاءِ تي ڪاهن مقرر ڪيو آهي، تہ اوهين خداوند جي گهر ۾ عملدار ٿيو، ۽ جيڪو ماڻهو چريائي ڏيکاري ۽ پاڻ کي نبي بنائي تنهن کي تون ڪاٺ ۾ ۽ زنجيرن ۾ وجهہ. 27تنهن ڪري هاڻي تو ڇو يرمياہ عنتوتيءَ کي عتاب نہ ڏنو آهي، جو هو اوهان وٽ پاڻ کي نبي ٿو بنائي. 28ڇالاءِ جو هن اسان ڏي بابل ۾ چوائي موڪليو آهي تہ هن قيد جي مدت وڏي آهي: اوهين گهر جوڙي اُن ۾ رهو، ۽ باغ پوکيو، ۽ انهن جو ڦر کائو. 29۽ صفنياہ ڪاهن اهو خط يرمياہ کي پڙهي ٻڌايو. 30تڏهن خداوند جو ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو، 31تہ سڀني قيدين کي چوائي موڪل تہ خداوند سمعياہ نخلاميءَ جي نسبت ۾ هيئن ٿو فرمائي، تہ سمعياہ اوهان وٽ نبوت ڪئي آهي پر مون هن کي ڪونہ موڪليو آهي، ۽ هن اوهان کي ڪوڙ تي ڀروسو ڪرايو آهي، 32تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏسو، آءٌ سمعياہ نخلاميءَ ۽ سندس اولاد کي سزا ڏيندس، هن وٽ هن قوم ۾ رهڻ جي لاءِ ڪوبہ ماڻهو ڪونہ رهندو، ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ نڪي هو اُها چڱائي ڏسندو جا آءٌ پنهنجي قوم سان ڪندس: ڇالاءِ جو هن خداوند جي برخلاف بغاوت ڪئي آهي.
Currently Selected:
يرمياہ 29: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.