Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 25

25
1اُهو ڪلام جو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي چوٿين سال ۾ يهوداہ جي ماڻهن جي نسبت ۾ يرمياہ تي نازل ٿيو؛ اُهو ئي ساڳيو بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر جو پهريون سال هو؛ 2۽ اُهو يرمياہ نبيءَ يهوداہ جي سڀني ماڻهن کي ۽ يروشلم جي سڀني رهاڪن کي ٻڌايو ۽ چيائين، تہ 3يهوداہ جي بادشاهہ يوسياہ بن آمون جي تيرهين سال کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جيڪي ٽيويهہ ورهيہ گذريا آهن، تن ۾ خداوند جو ڪلام مون وٽ آيو آهي ۽ مون صبح جو سوير اُٿي اوهان کي ٻڌايو آهي؛ پر اوهان نہ ٻڌو. 4۽ خداوند اوهان ڏي صبح جو سوير اٿي پنهنجا ٻانها نبي موڪليا آهن؛ پر اوهان نہ ٻڌو آهي نہ ٻڌڻ لاءِ اوهان پنهنجو ڪن ڏنو؛ 5انهيءَ چيو تہ اوهان مان هرڪو پنهنجي خراب رستي کان ۽ پنهنجي ڪمن جي خرابيءَ کان باز اچي، ۽ جيڪا زمين خداوند قديم وقت کان هميشہ لاءِ اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني آهي تنهن ۾ رهي: 6اوهين ٻين معبودن جي عبادت ڪرڻ ۽ انهن کي سجدي ڪرڻ لاءِ انهن جي پٺيان نہ وڃو، ۽ پنهنجن هٿن جي ڪم سان مون کي ڪاوڙ نہ ڏياريو؛ ۽ آءٌ اوهان کي ڪو ايذاءُ نہ پهچائيندس. 7انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهان منهنجي ڳالهہ نہ مڃي آهي؛ انهي لاءِ تہ پنهنجن هٿن جي ڪمن سان مون کي ڪاوڙ ڏياري پاڻ کي نقصان پهچايو. 8تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇالاءِ جو اوهان منهنجون ڳالهيون نہ ٻڌيون، 9تنهن ڪري ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اُتر وارا سڀ قبيلا گهرائي وٺندس، ۽ آءٌ پنهنجي ٻانهي بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر کي گهرائي هن ملڪ تي ۽ ان جي رهاڪن تي، ۽ آس پاس وارن انهن سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس؛ ۽ آءٌ انهن کي اصل چٽ ڪري ڇڏيندس، ۽ انهن کي حيرت ۽ شوڪار جو باعث ڪندس، ۽ هميشہ ويران رکندس. 10تنهن کان سواءِ آءٌ هنن مان سرهائي جو آواز، گهوٽ جو آواز ۽ ڪنوار جو آواز، جنڊن جو آواز، ۽ ڏيئي جو سوجهرو ڪڍي ڇڏيندس. 11۽ هي سڄو ملڪ ويران ۽ حيرت جو سبب ٿيندو؛ ۽ اُهي قومون ستر ورهيہ بابل جي بادشاهہ جي غلامي ڪنديون. 12۽ جڏهن ستر ورهيہ پورا ٿيندا تڏهن خداوند ٿو فرمائي، تہ هيئن ٿيندو جو آءٌ بابل جي بادشاهہ ۽ انهي قوم ۽ ڪسدين جي ملڪ کي سندن بدڪاريءَ سبب سزا ڏيندس؛ ۽ آءٌ انهي زمين کي هميشہ لاءِ ويران ڪندس. 13۽ آءٌ انهي زمين تي اُهي سڀ ڳالهيون آڻيندس جي انهن جي برخلاف مون اڳيئي ظاهر ڪيون آهن، يعني اُهي سڀ جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، جي يرمياہ سڀني قومن جي برخلاف نبوت ڪري ٻڌايون آهن. 14ڇالاءِ جو گهڻيون قومون ۽ وڏا بادشاهہ انهن کان، هائو، انهن کان پنهنجي لاءِ خدمت چاڪري وٺندا: ۽ آءٌ انهن کي سندن ڪمن موجب ۽ سندن دستڪاريءَ موجب بدلو ڏيندس.
15ڇالاءِ جو خداوند، اسرائيل جو خدا، مون کي هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجي هٿان هن ڪاوڙ جي شراب جو پيالو وٺي انهن سڀني قومن کي وڃي پيار جن ڏي آءٌ توکي موڪليان ٿو. 16۽ هو پيئندا، ۽ هيڏي هوڏي آٿڙندا ۽ مست ٿيندا، انهيءَ ترار جي سبب جا آءٌ انهن ۾ موڪليندس. 17تڏهن مون خداوند جي هٿان پيالو ورتو، ۽ جن قومن ڏي خداوند مون کي موڪليو هو تن سڀني کي مون انهي مان پياريو: 18يعني يروشلم ۽ يهوداہ جي شهرن، ۽ ان جي بادشاهن، ۽ ان جي اميرن کي، انهي لاءِ تہ انهن کي ويران ڪري، ۽ حيرت، ۽ شوڪار، ۽ لعنت جو سبب ڪري؛ جيئن ڪہ اڄوڪي ڏينهن آهي؛ 19مصر جي بادشاهہ فرعون، ۽ انهي جي نوڪرن، ۽ انهي جي اميرن، ۽ انهي جي سڄي قوم کي؛ 20۽ سڀني گڏيلن ماڻهن کي، عوض جي ملڪ جي سڀني بادشاهن کي، ۽ فلستين جي ملڪ جي سڀني بادشاهن کي، ۽ اسقلون، ۽ غزہ، ۽ عقرون، ۽ اشدود جي باقي بچيلن کي؛ 21ادوم، ۽ موآب، ۽ بني عمون کي؛ 22۽ صور جي سڀني بادشاهن کي، ۽ صيدا جي سڀني بادشاهن کي، ۽ سمنڊ جي هن ڀر جيڪو ٻيٽ آهي تنهن جي سڀني بادشاهن کي؛ 23ددان، ۽ تيما، بوز، ۽ انهن سڀني کي جي پنهنجن وارن جون ڪنڊون ٿا ڪوڙائين؛ 24۽ سڀني عربستان جي بادشاهن کي، ۽ جيڪي گڏيل قومون بيابان ۾ رهن ٿيون تن جي سڀني بادشاهن کي؛ 25۽ زمريءَ جي سڀني بادشاهن کي، ۽ عيلام جي سڀني بادشاهن کي، ۽ ميدين جي سڀني بادشاهن کي؛ 26۽ اُتر جي سڀني بادشاهن کي، جي ويجهو ۽ پري آهن يا هڪٻئي سان گڏ آهن؛ ۽ زمين جي سطح تي دنيا جون جيڪي بادشاهتون آهن تن کي: ۽ انهن کان پوءِ شيشڪ جو بادشاهہ پيئندو. 27۽ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ تون انهن کي چئُہ، تہ اوهين پيو ۽ مست ٿيو ۽ قئي ڪريو، ۽ ڪري پئو ۽ جيڪا ترار آءٌ اوهان ۾ موڪليندس تنهنجي سبب وري نہ اُٿو. 28۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن هو تنهنجي هٿان پيئڻ لاءِ پيالي وٺڻ کان انڪار ڪندا تہ پوءِ تون هنن کي چئُہ تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين ضرور پيئندا. 29ڇالاءِ جو ڏسو، جيڪو شهر منهنجي نالي سان ٿو سڏجي، تنهن ۾ آءٌ خرابي ڪرڻ شروع ٿو ڪريان، تہ ڇا اوهين سزا کائڻ کان صاف ڇٽي ويندا؟ اوهين سزا کان ڇٽي نہ ويندا: ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند فرمائي ٿو، تہ آءٌ زمين جي سڀني رهاڪن تي ترار آڻيندس. 30تنهن ڪري تون انهن سڀني جي برخلاف هنن ڳالهين جي نبوت ڪر، ۽ انهن کي چئُہ تہ خداوند مٿان گجندو، ۽ پنهنجي پاڪ مڪان مان پنهنجو آواز بلند ڪندو؛ هو پنهنجي چراگاهہ جي برخلاف زور سان گجندو؛ هو زمين جي سڀني رهاڪن تي اهڙي هڪل ڪندو جهڙي ڊاک لتاڙڻ وارا ڪندا آهن. 31بلڪ زمين جي ڪناري تائين هڪل ايندي؛ ڇالاءِ جو خداوند کي قومن سان جهيڙو ڪرڻو آهي، ۽ هو سڀني انسانن سان حجت دليل ڪندو؛ باقي شريرن جي نسبت ۾ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهن کي ترار جي حوالي ڪري ڇڏيندس.
32لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، هڪڙي قوم کان ٻي قوم ڏي خرابي نڪري پکڙندي ويندي، ۽ زمين جي ازحد ڀاڱن کان هڪڙو وڏو طوفان اُٿاريو ويندو. 33۽ انهي ڏينهن خداوند جا ڪُٺل زمين جي هڪڙي ڪناري کان وٺي ٻئي ڪناري تائين هوندا: انهن تي ڪوبہ ماتم ڪونہ ڪندو ۽ نہ انهن کي گڏ ڪري دفن ڪندا: اُهي زمين جي مٿان ڇيڻي وانگي پيا هوندا. 34اي ڌنار، واويلا مچايو ۽ دانهن ڪريو؛ اي گلي جا سردار، اوهين خاڪ ۾ ليٽو؛ ڇالاءِ جو اوهان جي ڪوس جا ڏينهن اچي ڀريا آهن، ۽ آءٌ اوهان کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندس، ۽ اوهين هڪڙي نازڪ ٿانوَ وانگي ڪري پوندا. 35۽ ڌنارن کي ڀڄڻ جو ڪوبہ رستو ڪونہ ٿيندو ۽ نہ گلي جي سردارن کي نڪرڻ جو. 36اِجهو ڌنارن جي رڙين، ۽ گلي جي سردارن جي واويلا جو آواز! ڇالاءِ جو خداوند هنن جي چراگاهہ ويران ڪري ٿو ڇڏي. 37۽ جيڪي سلامت هئا سي خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ سبب چپ ڪرايا ويا آهن. 38هن شينهن وانگي پنهنجي ڏر ڇڏي ڏني آهي! ڇالاءِ جو هنن جو ملڪ زبردست ترار جي سختيءَ ڪري ۽ انهي جي خوفناڪ ڪاوڙ ڪري، حيرت جو سبب ٿي پيو آهي.

Currently Selected:

يرمياہ 25: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in