۽ هي سڄو ملڪ ويران ۽ حيرت جو سبب ٿيندو؛ ۽ اُهي قومون ستر ورهيہ بابل جي بادشاهہ جي غلامي ڪنديون. ۽ جڏهن ستر ورهيہ پورا ٿيندا تڏهن خداوند ٿو فرمائي، تہ هيئن ٿيندو جو آءٌ بابل جي بادشاهہ ۽ انهي قوم ۽ ڪسدين جي ملڪ کي سندن بدڪاريءَ سبب سزا ڏيندس؛ ۽ آءٌ انهي زمين کي هميشہ لاءِ ويران ڪندس.