Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 26

26
1يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي بادشاهت جي شروع ۾ خداوند وٽان هي ڪلام نازل ٿيو. 2خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ خداوند جي گهر جي ايوان ۾ اُٿي بيهہ ۽ جيڪي يهوداہ جا شهر خداوند جي گهر ۾ سجدي ڪرڻ لاءِ ٿا اچن، تن سڀني کي اُهي سڀ ڳالهيون ٻڌاءِ، جن جي ٻڌائڻ لاءِ آءٌ توکي حڪم ٿو ڏيان؛ هڪڙو لفظ بہ پٺتي نہ رک. 3امڪان آهي تہ هو ٻڌن ۽ انهن مان هرڪو پنهنجي خراب رستي کان باز اچي؛ تہ من هنن جي خراب ڪمن جي ڪري جيڪا مصيبت مون هنن تي آڻڻ جو ارادو ڪيو آهي، تنهن کان ڦران. 4۽ تون انهن کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جي اوهين منهنجي نہ ٻڌندا ۽ جيڪا شريعت آءٌ اوهان جي اڳيان ٿو رکان تنهن تي نہ هلندا، 5۽ جن پنهنجن ٻانهن نبين کي صبح جو سوير اُٿي اوهان ڏي موڪليان ٿو، پر جن جي اوهان نہ ٻڌي آهي تن جون ڳالهيون جي اوهين نہ ٻڌندا؛ 6تہ آءٌ هن گهر کي سيلا جهڙو ڪندس، ۽ هن شهر کي زمين جي سڀني قومن لاءِ لعنت ٺهرائيندس. 7۽ ڪاهن ۽ نبين سڀني ماڻهن يرمياہ کي خداوند جي گهر ۾ هي ڳالهيون ڪندي ٻڌو. 8۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يرمياہ اُهي سڀ ڳالهيون سڀني ماڻهن کي ٻڌائي بس ڪيون جن جي ٻڌائڻ لاءِ خداوند حڪم ڪيو هوس، تڏهن ڪاهنن ۽ نبين ۽ سڀني ماڻهن اچي جهليس، ۽ چيائونس تہ تون ضرور مرندين. 9ڇالاءِ تو خداوند جي نالي سان نبوت ڪري چيو آهي تہ هي گهر سيلا جهڙو ٿيندو، ۽ هي شهر اهڙو ويران ٿيندو جو ڪوبہ منجهس رهڻ وارو ڪونہ هوندو؟ پوءِ سڀ ماڻهو يرمياہ وٽ خدا جي گهر ۾ اچي گڏ ٿيا.
10۽ جڏهن يهوداہ جي اميرن اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن اُهي بادشاهہ جي گهر مان هلي خداوند جي گهر ۾ آيا؛ ۽ خداوند جي گهر جي نئين دروازي جي لنگهہ ۾ ويهي رهيا. 11تڏهن ڪاهنن ۽ نبين انهن اميرن کي ۽ باقي سڄي قوم کي مخاطب ٿي چيو، تہ هي ماڻهو موت جي سزا جو لائق آهي؛ ڇالاءِ جو هن شهر جي برخلاف نبوت ڪئي اٿس، جيئن اوهان پنهنجي ڪنن سان ٻڌو آهي. 12تڏهن يرمياہ سڀني اميرن کي ۽ سڄي قوم کي مخاطب ٿي چيو، تہ خداوند مون کي موڪليو تہ هن گهر ۽ هن شهر جي برخلاف اُهي ڳالهيون نبوت ڪري ٻڌايان جي اوهان ٻڌيون آهن. 13تنهن ڪري هاڻي اوهين پنهنجا رستا ۽ پنهنجا ڪم سڌاريو ۽ خداوند پنهنجي خدا جو ڪلام مڃيو، تہ پوءِ جنهن خرابيءَ جو خداوند اوهان جي برخلاف حڪم جاري ڪيو آهي تنهن کان هو ڦرندو. 14۽ باقي آءٌ، سو ڏسو، آءٌ اوهان جي هٿن ۾ آهيان: جيئن اوهان جي نظر ۾ چڱو ۽ مناسب اچي تيئن مون سان ڪريو. 15رڳو هيتري پڪ ڄاڻو تہ جي اوهين مون کي ماري وجهندا، تہ اوهين هڪڙي بيگناهہ جو خون پنهنجي مٿان، ۽ هن شهر تي، ۽ اُن جي رهاڪن تي آڻيندا، ڇالاءِ جو خداوند سچ پچ مون کي اوهان ڏي موڪليو آهي، تہ اهي سڀ ڳالهيون ڪري اوهان جن ڪنن تي وجهان. 16تڏهن اميرن ۽ سڀني ماڻهن ڪاهنن ۽ نبين کي چيو، تہ هيءُ ماڻهو موت جي سزا جو لائق ناهي؛ ڇالاءِ جو هن خداوند اسان جي خدا جي نالي سان اسان کي اهي ڳالهيون ٻڌايون آهن. 17تڏهن ملڪ جي بزرگن مان ڪي اُٿي قوم جي سڄي جماعت کي مخاطب ٿي چوڻ لڳا، تہ 18يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي ڏينهن ۾ ميڪاہ مورشتي نبوت ڪئي؛ ۽ هن يهوداہ جي سڄي قوم کي چيو تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ صيون ٻنيءَ وانگي کيڙيو ويندو، ۽ يروشلم پٿرن جو ڍڳ ٿي ويندو، ۽ هيڪل وارو جبل ٻيلي جي مٿانهن هنڌن جهڙو ٿيندو. 19پوءِ يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ ۽ يهوداہ جي ماڻهن ڪو هن کي قتل ڪيو ڇا؟ هن خداوند کان ڊڄي خداوند جي مهربانيءَ جي لاءِ منٿ آزي نہ ڪئي ڇا؟ جنهن ڪري جنهن خرابي جو هنن جي برخلاف خداوند حڪم جاري ڪيو هو، تنهن کان ڦريو؟ انهيءَ طرح اسين پنهنجن جانين سان وڏي خرابي ڪنداسين. 20۽ هڪڙو ٻيو بہ ماڻهو هو جنهن خداوند جي نالي سان نبوت ڪئي يعني اورياہ بن سمعياہ، جو قريت يعريم جو ويٺل هو، ۽ اُنهي بہ يرمياہ جي سڀني ڳالهين موافق هن شهر ۽ هن ملڪ جي برخلاف نبوت ڪئي: 21۽ جڏهن يهويقيم بادشاهہ پنهنجن سڀني بهادرن ۽ اميرن سميت هن جون ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن بادشاهہ هن کي مارڻ جي خواهش ڪئي؛ پر جڏهن اورياہ اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن هو ڊنو ۽ مصر ۾ ڀڄي ويو: 22۽ يهويقيم مصر ڏي ماڻهو موڪليا، يعني الناتن بن عڪبور ۽ ان سان گڏ ٻيا ڪي ماڻهو مصر ڏي ويا: 23۽ اُهي اورياہ کي مصر مان ڪڍي يهويقيم بادشاهہ وٽ آيا: جنهن هن کي ترار سان قتل ڪري ان جو لاش عام ماڻهن جي قبرستان ۾ اُڇلائي ڇڏيو. 24پر اخيقام بن سافن جو هٿ يرمياہ سان هو، انهي لاءِ تہ هو هن کي قتل ٿيڻ لاءِ ماڻهن جي حوالي نہ ڪن.

Currently Selected:

يرمياہ 26: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for يرمياہ 26