1
يسعياہ 6:42-7
Sindhi Bible NT
SB62
مون خداوند توکي سچائيءَ سان سڏيو آهي، آءٌ تنهنجو هٿ جهليندس ۽ تنهنجي سنڀال ڪندس، ۽ توکي اُمت جي لاءِ عهد، ۽ قومن جي لاءِ سوجهرو ڪري ڏيندس؛ تہ تون انڌن جون اکيون کولين، قيدين کي قيد مان ڪڍين، ۽ جيڪي اونداهيءَ ۾ ويٺا آهن، تن کي قيد خاني مان ڪڍين.
Compare
Explore يسعياہ 42:6-7
2
يسعياہ 8:42
آءٌ خداوند آهيان؛ اهو منهنجو نالو آهي: آءٌ پنهنجو جلال ڪنهن ٻئي کي ڪين ڏيندس، نڪي پنهنجي تعريف اُڪريل مورتن کي ڏيندس.
Explore يسعياہ 42:8
3
يسعياہ 1:42
ڏسو منهنجو بندو، جنهن کي آءٌ سنڀاليو اچان؛ منهنجو چونڊيل، جنهن مان منهنجي دل راضي آهي: مون پنهنجو روح انهيءَ تي نازل ڪيو آهي؛ هو قومن ۾ عدالت جاري ڪندو.
Explore يسعياہ 42:1
4
يسعياہ 3:42-4
ڦٿل ڪانو بہ هو ڪين ڀڃندو، ۽ دکيل سڻيءَ کي بہ هو ڪين وسائيندو: هو سچائيءَ سان عدالت جاري ڪندو. جيسين ڪ هو زمين تي عدالت قائم نہ ڪندو، تيسين هو نڪي ٿڪبو، نڪي بي همت ٿيندو؛ ۽ ٻيٽ هن جي شريعت جو انتظار ڪندا.
Explore يسعياہ 42:3-4
5
يسعياہ 16:42
آءٌ انڌن کي انهيءَ رستي کان آڻيندس، جنهن جي انهن کي خبر ڪانهي؛ آءٌ کين انهن واٽن تان هلائيندس جن جي انهن کي سڌ ڪانهي: آءٌ انهن جي اڳيان اوندهہ کي سوجهرو ڪندس، ۽ ڏنگين جاين کي سنئون ڪندس، آءٌ اهي ڪم ڪندس، ۽ آءٌ انهن کي ڇڏي نہ ڏيندس.
Explore يسعياہ 42:16
6
يسعياہ 9:42
ڏسو، اڳوڻيون ڳالهيون اچي پوريون ٿيون آهن، ۽ آءٌ نيون ڳالهيون ظاهر ٿو ڪريان: اهي پوريون ٿين تنهن کان اڳ ۾ آءٌ اوهان کي انهن جي خبر ٿو ڏيان.
Explore يسعياہ 42:9
Home
Bible
Plans
Videos