YouVersion Logo
Search Icon

يسعياہ 40

40
1اوهان جو خداوند فرمائي ٿو تہ تسلي ڏيو، منهنجي اُمت کي تسلي ڏيو. 2اوهين يروشلم سان تسلي سان ڳالهايو، ۽ انهي کي پڪاري چئو تہ سندس جنگ پوري ٿي، ۽ سندس بڇڙائيءَ جي معافي ملي آهي؛ انهي کي خداوند جي هٿان سندس سڀني گناهن جو ٻيڻو بدلو مليو آهي.
3هڪڙي پڪارڻ واري جو آواز آهي، تہ اوهين بيابان ۾ خداوند جو رستو تيار ڪريو. 4هرڪا ماٿري بلند ٿيندي، ۽ هرڪو جبل ۽ ٽڪري هيٺانهين ڪئي ويندي؛ ۽ ڏنگو سنئون ڪيو ويندو، ۽ کڏون کوٻا سڌا ڪيا ويندا. 5۽ خداوند جو جلال ظاهر ٿيندو، ۽ سڀيئي ماڻهو انهي کي گڏ ڏسندا: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي واتان ائين فرمايو آهي. 6هڪڙي جي آواز چيو تہ پڪار، ۽ ٻئي چيو تہ ڇا پڪاريان؟ سڀ ماڻهو گاهہ وانگر آهن، ۽ انهن جي سڀ سونهن ميدان جي گاهہ وانگيان آهي. 7گاهہ سڪي وڃي ٿو، ۽ گل ڪومائجي ٿو؛ ڇالاءِ جو خداوند جو واءُ انهي کي لڳي ٿو: يقيناً اُمت گاهہ وانگر آهي. 8گاهہ سڪي وڃي ٿو، گل ڪومائجي ٿو: پر اسان جي خدا جو ڪلام هميشہ تائين رهندو.
9اڙي تون جو صيون کي خوشخبري ٻڌائين ٿو، مٿانهين جبل تي چڙهي وڃ؛ اڙي تون جو يروشلم کي خوشخبري ٻڌائين ٿو، زور سان پنهنجو آواز بلند ڪر؛ اهو بلند ڪر، ڊڄ نہ، يهوداہ جي شهرن کي چئُہ تہ ڏسو اوهان جو خدا! 10ڏسو، خداوند، خدا طاقت مند وانگي ايندو ۽ هن جي ٻانهن سندس لاءِ حڪم هلائيندي: ڏسو، هن جو انجام ساڻس آهي، ۽ هن جو عيوضو سندس اڳيان آهي. 11هو پنهنجو ڌڻ ڌنار وانگي چاريندو، ۽ هو گهيٽن کي پنهنجين ٻانهن هيٺ گڏ ڪري پنهنجي ڀاڪر ۾ کڻي هلندو، ۽ جيڪي کير پيارين ٿيون تن کي آهستي آهستي وٺي ويندو.
12ڪنهن سمنڊ کي پنهنجي ٻڪ سان ماپيو آهي، ۽ آسمان کي گرانٺ سان ماپيو آهي، ۽ زمين جي مٽي ماڻ سان مئي آهي، ۽ ڪنهن جبلن کي ترازيءَ ۾، ۽ ٽڪرين کي ساهميءَ ۾ توريو آهي؟ 13ڪنهن خداوند جي روح جي هدايت ڪئي آهي، يا ان جو مشير ٿي کيس تعليم ڏني آهي؟ 14ڪنهن کان هن صلاح ورتي، ۽ ڪنهن هن کي تعليم ڏني، ۽ انصاف جي واٽ ۽ علم سيکاريو، ۽ کيس سمجهہ جو رستو ڏيکاريو؟ 15ڏسو، قومون پاڻيءَ جي هڪڙي ڦڙي وانگي آهن، ۽ ساهميءَ جي سنهيءَ مٽي وانگيان شمار ٿيل آهن: ڏسو، هو ٻيٽن کي هڪڙي ذري وانگي ٿو کڻي. 16لبنان ٻارڻ جي لاءِ پورو نہ آهي، نڪي انهي جا جانور سوختني قربانيءَ لاءِ پورا آهن. 17سڀ قومون هن جي اڳيان ڪين جهڙيون آهن؛ اهي هن جي نظر ۾ ڪين کان بہ گهٽ، بلڪ بي بقا آهن. 18سو اوهين ڪنهن سان خدا جي مشابهت ڪندا؟ يا ڪنهن سان هن جو مقابلو ڪندا؟ 19اُڪريل مورت تہ ڪاريگر پگهاري، ۽ سونارو انهي تي سون مڙهي ٿو، ۽ انهيءَ جي لاءِ چانديءَ جون زنجيرون پلٽي ٺاهي ٿو، 20جن کي اهڙي قرباني پيش ڪرڻ جي وسعت ڪانهي سو اهڙو ڪو وڻ پسند ٿو ڪري جو سڙي ڪِنو نہ ٿئي؛ هو پنهنجي لاءِ اهڙو هوشيار ڪاريگر ٿو ڳولي جو اهڙي اُڪريل مورت جوڙي جا قائم رهي سگهي. 21اوهين نٿا ڄاڻو ڇا؟ شروع کان وٺي اوهان کي چيو نہ ويو آهي ڇا؟ زمين جي شروع کان وٺي اوهان نہ سمجهيو آهي ڇا؟ 22هي اهو ئي آهي جو زمين جي دائري تي ويٺو آهي، ۽ انهيءَ جا رهاڪو تڏين وانگي آهن؛ هو آسمان کي پردي وانگي تاڻي ٿو، ۽ رهڻ لاءِ تنبوءَ وانگي انهن کي پکيڙي ٿو، 23هو شهزادن کي نابود ٿو ڪري؛ ۽ زمين جي حاڪمن کي فنا ڪري ٿو ڇڏي. 24هائو، اهي ٿڏن وانگي نہ لڳايا ويا آهن؛ هائو، اهي نہ پوکيا ويا آهن؛ هائو، هنن جي ٿُڙ زمين ۾ پاڙ نہ هنئي آهي: تنهن کان سواءِ هو انهن تي ڦوڪي ٿو ۽ اهي ڪومائجي وڃن ٿا، ۽ واچوڙو انهن کي بهہ وانگي کڻي ٿو وڃي. 25پاڪ خدا فرمائي ٿو تہ اوهين ڪنهن سان منهنجي مشابهت ڪندا جو آءٌ هن جي برابر ٿيان؟ 26پنهنجون اکيون مٿي کڻو ۽ ڏسو تہ هنن سڀني کي ڪنهن خلقيو آهي، ۽ ڪير انهن جي لشڪرن کي شمار ڪري آڻي ٿو: هو انهن سڀني کي نالي سان سڏي ٿو؛ هن جي قدرت جي عظمت ۽ سندس گهڻيءَ طاقت جي ڪري هڪڙو بہ گهٽ نٿو ٿئي.
27اي يعقوب تون ڇو ٿو چوين، ۽ اي اسرائيل تون ڇو اهڙي ڳالهہ ٿو ڪرين، تہ منهنجو رستو خداوند کان لڪل آهي، ۽ منهنجي عدالت منهنجي خدا کان لنگهي وئي آهي؟ 28توکي خبر ناهي ڇا؟ تو ٻڌو ناهي ڇا؟ تہ خداوند، خدا، جو هميشہ قائم آهي، ۽ ساري زمين جو خالق، سو ماندو نٿو ٿئي، نڪي ٿڪجي ٿو؛ هن جي سمجهہ پروڙڻ جي نہ آهي. 29هو ماندن کي زور ڏئي ٿو؛ ۽ جنهن کي طاقت ڪانهي تنهن جي سگهہ وڌائي ٿو. 30نوجوان ٿڪجي ماندا ٿي پوندا، ۽ جوان ماڻهو بلڪل ڪري پوندا: 31پر جيڪي خداوند جا منتظر ٿا رهن، سي نئون زور حاصل ڪندا؛ اهي عقابن وانگي کنڀن سان چڙهندا؛ اهي ڊوڙندا ۽ ٿڪبا ڪين، اهي هلندا ۽ ماندا ڪين ٿيندا.

Currently Selected:

يسعياہ 40: SB62

Highlight

Share

Compare

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in