YouVersion Logo
Search Icon

يسعياہ 36

36
1هاڻي حزقياہ بادشاهہ جي حڪومت جي چوڏهين ورهيہ ۾ هيئن ٿيو، تہ اسور جو بادشاهہ سنحيرب، يهوداهہ جي سڀني قلعي وارن شهرن تي چڙهي آيو ۽ اهي ورتائين. 2۽ اسور جي بادشاهہ، ربشاقيءَ کي لڪيس مان هڪڙي وڏي لشڪر سان، حزقياہ بادشاهہ وٽ يروشلم ڏانهن موڪليو، ۽ هو ميٽ جي کاڻ واري شاهي رستي تي مٿئين تلاءَ جي موريءَ وٽ اچي بيٺو. 3تڏهن خلقياہ جو پٽ الياقم، جو گهر جي ڪم ڪار تي مقرر هو، ۽ شبناہ منشي، ۽ آسف جو پٽ يوآخ، جو دفتردار هو، سي نڪري وٽس آيا. 4۽ ربشاقيءَ هنن کي چيو تہ هاڻي اوهين حزقياہ کي هيئن چئو، تہ شاهہ عظيم، يعني اسور جو بادشاهہ ٿو چوي تہ تون ڪهڙي اميد تي ڀروسو ٿو رکين؟ 5آءٌ چوان ٿو تہ تنهنجي مشورت ۽ جنگ جي طاقت سڀ وات جون ڳالهيون آهن: آخر ڪنهن جي ڀروسي تي تو مون سان فساد ڪيو آهي؟ 6ڏس، تون انهي چٿيل ڪانهي جي لٺ تي، يعني مصر تي ڀروسو ٿو ڪرين، جنهن تي جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٽيڪ ڏئي تہ سندس هٿ ۾ گهڙي ونڌي ڇڏيس: مصر جو بادشاهہ فرعون بہ انهن سڀني لاءِ هڪ اهڙو آهي، جي مٿس ڀروسو ٿا رکن. 7پر جيڪڏهن تون مون کي چوندين تہ اسين خداوند پنهنجي خدا تي ڀروسو ٿا رکون، تہ هو اهو ناهي ڇا جنهن جا مٿانهان مڪان ۽ قربانگاهون حزقياہ ڊاهي ڇڏيون آهن، ۽ يهوداہ ۽ يروشلم کي چيو اٿس تہ اوهين هن ٻئي قربانگاهہ جي اڳيان سجدو ڪريو؟ 8تنهن ڪري هاڻي آءٌ توکي چوان ٿو تہ تون منهنجي مالڪ اسور جي بادشاهہ سان شرط ٻڌ، آءٌ توکي ٻہ هزار گهوڙا ڏيان ٿو، ۽ تون پنهنجي طرفان انهن تي سوار چاڙهي ڏيکار. 9تڏهن ڪهڙيءَ طرح تون گاڏين ۽ گهوڙيسوارن لاءِ مصر تي ڀروسو رکي منهنجي مالڪ جي معمولي نوڪرن مان هڪڙي سردار جو منهن ڦيرائي سگهندين. 10هاڻي بہ آءٌ خداوند جي چوڻ کان سواءِ هن ملڪ کي برباد ڪرڻ لاءِ مٿس چڙهي آيو آهيان ڇا؟ خداوند مون کي چيو تہ هن ملڪ تي چڙهي وڃ ۽ انهي کي برباد ڪر. 11تڏهن الياقيم، ۽ شبناہ، ۽ يوآخ، ربشاقيءَ کي چيو تہ مهرباني ڪري پنهنجن ٻانهن سان ارامي ٻوليءَ ۾ ڳالهاءِ، ڇالاءِ جو اسين اها سمجهون ٿا: پر جيڪي ماڻهو ڀت تي ويٺا آهن، تن جي ٻڌندين، اسان سان يهودين جي ٻوليءَ ۾ نہ ڳالهاءِ. 12پر ربشاقيءَ چيو تہ منهنجي مالڪ مون کي هي ڳالهيون چوڻ لاءِ فقط تنهنجي مالڪ ڏانهن ۽ تو ڏانهن موڪليو آهي ڇا؟ هن مون کي هنن ماڻهن ڏانهن ڪونہ موڪليو آهي ڇا؛ جي ڀت تي ويٺا آهن، تہ هو تو سان گڏ پنهنجو گونهن کائين، ۽ پنهنجو پيشاب پيئن. 13پوءِ ربشاقي اُٿي بيٺو، ۽ يهودين جي ٻوليءَ ۾ وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ، اوهين شاهہ عظيم، اسور جي بادشاهہ جون ڳالهيون ٻڌو. 14بادشاهہ هيئن ٿو فرمائي تہ، حزقياہ کان ٺڳجي نہ وڃو؛ ڇالاءِ جو هو اوهان کي ڇڏائي نہ سگهندو. 15نڪي حزقياہ جي چوڻ تي خداوند تي ڀروسو رکو، تہ خداوند اسان کي ضرور ڇڏائيندو، ۽ هي شهر اسور جي بادشاهہ جي حوالي نہ ڪيو ويندو. 16حزقياہ جو چوڻ نہ ٻڌو، ڇو جو اسور جو بادشاهہ هيئن ٿو فرمائي تہ اوهين مون سان صلح ڪريو ۽ مون ڏانهن هليا اچو؛ ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجي ڊاک ۽ پنهنجي انجير جي وڻ جو ميوو کائي، ۽ هرڪو پنهنجي حوض جو پاڻي پيئي: 17جيسين ڪہ آءٌ اچي اوهان کي انهي ملڪ ۾ وٺي وڃان جو اوهان جي ملڪ وانگي اَن ۽ شراب جو ملڪ، ۽ مانيءَ ۽ ڊاک جو ملڪ آهي. 18سنڀالجو، متان حزقياہ هيئن چئي اوهان کي ٺڳي تہ خداوند اسان کي ڇڏائيندو. غير قومن جي معبودن مان ڪنهن بہ پنهنجو ملڪ اسور جي بادشاهہ جي هٿان ڇڏايو آهي ڇا؟ 19حمات ۽ ارفاد جا معبود ڪٿي آهن؟ سفرائيم جو معبود ڪٿي آهي؟ انهن سامريہ کي منهنجي هٿان ڇڏايو آهي ڇا؟ 20هنن ملڪن جي سڀني معبودن مان ڪهڙن پنهنجو ملڪ منهنجي هٿان ڇڏايو آهي جو خداوند يروشلم کي منهنجي هٿان ڇڏائيندو. 21پر هو ماٺ ڪري بيٺا، ۽ جواب ۾ هڪڙو اکر بہ نہ ڪُڇيائون: ڇالاءِ جو بادشاهہ جو حڪم هو تہ هن کي جواب نہ ڏجو. 22تنهن کان پوءِ خلقياہ جو پٽ الياقيم، جو گهر جي ڪم ڪار تي مقرر هو، ۽ شبناہ منشي، ۽ آسف جو پٽ يوآخ، جو دفتردار هو، سي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي حزقياہ وٽ آيا، ۽ ربشاقيءَ جون ڳالهيون ٻڌايائونس.

Currently Selected:

يسعياہ 36: SB62

Highlight

Share

Compare

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in