YouVersion Logo
Search Icon

يسعياہ 27

27
1انهي ڏينهن خداوند پنهنجي سخت، ۽ وڏيءَ، ۽ مضبوط ترار سان ازدها، يعني تکي نانگ کي، ۽ انهي ازدها، يعني ڏنگي نانگ کي، سزا ڏيندو؛ ۽ هو انهيءَ ازدها کي قتل ڪندو جو سمنڊ ۾ آهي. 2انهي ڏينهن اوهين ڊاک جي منهہ جي ساراهہ جو گيت ڳائجو. 3آءٌ خداوند انهي جي سنڀال ڪريان ٿو، آءٌ هردم انهي کي پاڻي ڏيندس، آءٌ رات ڏينهن انهي جي سنڀال ڪندس، متان ڪو انهي کي نقصان پهچائي. 4مون ۾ ڪاوڙ ڪانهي، جنگ ۾ ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا منهنجي برخلاف هجن ها تہ آءٌ انهن تي ڪاهہ ڪريان ها، ۽ سڀني کي گڏ ساڙي ڇڏيان ها. 5يا جي هو منهنجي طاقت جي آسري هيٺ اچي، تہ مون سان، هائو، ڀلي تہ هو مون سان، صلح ڪري. 6ايندڙ ڏينهن ۾ يعقوب پاڙ هڻندو؛ ۽ اسرائيل ٻور جهليندو، ۽ گل ڪندو: اهي ساري دنيا ميون سان ڀري ڇڏيندا.
7جيئن هن پنهنجي ماريندڙن کي ماريو هو تيئن انهي کين ماريو آهي ڇا؟ يا جيئن هن قتل ڪيو هو تيئن هو قتل ٿيو آهي ڇا؟ 8جڏهن تو هن کي ڪڍيو، تڏهن تو انصاف سان ساڻس حجت ڪئي؛ اُڀرندي واري واءُ جي ڏينهن هن پنهنجي سخت طوفان سان انهي کي ڪڍي ڇڏيو آهي. 9انهي جي ڪري يعقوب جي خطا ميٽجي ويندي، ۽ اهو سڀ هن جي گناهہ ميٽجڻ جو نتيجو آهي: جڏهن هو قربانگاهہ جا سڀ پٿر چن جي نرم ڳنڍن جهڙا ٿو ڪري، جي ڀڄي ڀري ٿا وڃن، تڏهن اتي يسيرتون ۽ سج جون مورتون وري قائم نہ ٿينديون. 10ڇالاءِ جو ڪوٽ وارو شهر خالي آهي، ۽ رهڻ جو هنڌ بيابان جهڙو ويران ۽ سڃو آهي: اتي گابو چرندو، ۽ اتي ئي سمهي رهندو، ۽ انهي جون ٽاريون کائي کپائيندو. 11جڏهن هن جا ڏار ڪومائبا، تڏهن اهي ڀڃي ڇڏيا ويندا، ۽ زالون اچي انهن کي باهہ ڏينديون؛ ڇالاءِ جو انهيءَ قوم کي سمجهہ ڪانهي، تنهن ڪري سندن خالق کي مٿن رحم نہ ايندو، ۽ سندن جوڙيندڙ مٿن مهرباني ڪانہ ڏيکاريندو.
12۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ خداوند فرات نديءَ جي اُٿل کان وٺي مصر جي نهر تائين، انهي جو ڦر سٽي ڇاڻي ڇڏيندو، ۽ اي بني اسرائيل اوهين هڪڙو هڪڙو ڪري گڏ ڪيا ويندا.
13۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ هڪڙي وڏي تري وڄائي ويندي، ۽ جيڪي اسور جي ملڪ ۾ تباهہ ٿيڻ تي هئا، ۽ جيڪي مصر جي ملڪ ۾ جلاوطن هئا، سي ايندا؛ ۽ اُهي يروشلم جي پاڪ جبل تي خداوند جي عبادت ڪندا.

Currently Selected:

يسعياہ 27: SB62

Highlight

Share

Compare

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in