YouVersion Logo
Search Icon

يسعياہ 26

26
1اُنهي ڏينهن يهوداہ جي ملڪ ۾ هي راڳ ڳايو ويندو: اسان وٽ هڪڙو مضبوط شهر آهي، جنهن جي ڀتين ۽ ٺلهن جي بدران هو نجات مقرر ڪندو. 2اوهين دروازا پٽيو تہ جيڪا سچي قوم سچائيءَ جي سنڀال ٿي ڪري سا اندر گهڙي. 3جنهن جي دل قائم آهي تنهن کي تون سلامت رکندين: ڇالاءِ جو هن جو توتي ڀروسو آهي. 4اوهين هميشہ لاءِ خداوند تي ڀروسو رکو: ڇالاءِ جو خداوند يهوواہ هڪڙو دائمي ٽڪر آهي. 5ڇالاءِ جو هن مٿانهينءَ تي رهڻ وارن کي، بلڪ مغرور شهر کي هيٺ ڪيرايو: يعني انهن کي هيٺ ڪيرائي زمين تي هموار ڪري، مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. 6هو پيرن هيٺ لتاڙيو ويندو؛ بلڪ غريبن جي پيرن ۽ محتاجن جي قدمن هيٺ. 7سچار جو رستو سنئون آهي: تون جو راستباز آهين، سو سچار کي واٽ ڏيکارين ٿو. 8هائو، اي خداوند اسين تنهنجي عدالتن جي رستي تي تنهنجي لاءِ منتظر ٿي رهيا آهيون؛ اسان جي روح جي خواهش تنهنجو نالو ۽ تنهنجي يادگار آهي. 9منهنجي جان رات جو تنهنجي مشتاق آهي؛ هائو آءٌ سوير توکي پنهنجي روح سان ڳوليندس: ڇالاءِ جو جڏهن تنهنجون عدالتون زمين تي جاري آهن، تڏهن جهان جا ماڻهو سچائي ٿا سکن. 10ڀلي تہ شرير سان مروت ڪرڻ ۾ اچي، انهي هوندي بہ هو سچائي نہ سکندو؛ سچائيءَ جي ملڪ ۾ هو برائي جي هلت ڪندو، ۽ خداوند جي عظمت تي نظر نہ ڪندو.
11اي خداوند تنهنجو هٿ مٿي کنيل آهي، انهي هوندي بہ هو نٿا ڏسن: پر هو قوم جي لاءِ تنهنجي غيرت ڏسندا ۽ شرمندا ٿيندا، هائو؛ باهہ تنهنجي دشمن کي ڳڙڪائي ويندي. 12اي خداوند تون ئي اسان کي سلامتي بخشيندين: ڇالاءِ جو اسان جا سڀ ڪم بہ تو اسان جي لاءِ ڪيا آهن. 13اي خداوند اسان جا خدا، توکان سواءِ ٻين معبودن اسان جي مٿان حڪم پئي هلايو آهي؛ پر تنهنجي ئي مدد سان اسين رڳو تنهنجو نالو وٺنداسين. 14هو مئل آهن، ۽ وري جيئرا نہ ٿيندا؛ هو فوت ٿي ويا آهن، ۽ وري نہ اُٿندا: تنهن ڪري تو هنن کي سزا ڏني، ۽ ناس ڪيو، ۽ سندن يادگيري بہ مٽائي ڇڏي. 15تو قوم کي وڌايو آهي، اي خداوند، تو قوم کي وڌايو آهي؛ تون جلال وارو آهين، تو ملڪ جون سڀ سرحدون وڌائي وڏيون ڪيون آهن.
16اي خداوند، تڪليف جي وقت هو تو وٽ آيا آهن، جڏهن هنن جي مٿان تنهنجي سيکت آئي تڏهن هو دعا گهرڻ لڳا. 17جيئن ڪنهن پيٽ واري زال جي ويم جو وقت ويجهو اچي، ۽ اُن کي سور ٿين ۽ سورن ۾ دانهون ڪري؛ انهيءَ طرح اسين بہ، اي خداوند، تنهنجي اڳيان آهيون. 18اسين پيٽ سان ٿيا آهيون، اسان کي سور ٿيا آهن، اسان ڄڻيو ڄڻ تہ رڳو واءُ آهي؛ اسان زمين تي ڪوبہ ڇوٽڪارو نہ پيدا ڪيو آهي؛ نڪي دنيا جا رهاڪو فنا ٿيا آهن. 19تنهنجا مئل جيئرا ٿيندا؛ منهنجا مڙهہ جي اُٿندا. اوهين جي مٽيءَ ۾ رهو ٿا، سي جاڳو ۽ ڳايو: ڇالاءِ جو تنهنجي ماڪ انهي ماڪ وانگر آهي جا گاهہ تي پوي ٿي، ۽ زمين مئلن کي ٻاهر ڪڍندي.
20اي منهنجي اُمت، اچ، پنهنجن ڪوٺين ۾ گِهڙ، ۽ پنهنجي چوڌاري در بند ڪري ڇڏ: ۽ ٿوري وقت تائين پاڻ کي لڪاءِ جيستائين ڪاوڙ لنگهي وڃي. 21ڇالاءِ جو، ڏس، خداوند پنهنجي مڪان مان زمين جي رهاڪن کي سندن بدڪاريءَ جي سزا ڏيڻ لاءِ اچي ٿو: زمين بہ اُنهي رت کي ظاهر ڪندي جو منجهس آهي، ۽ جيڪي مٿس قتل ٿيا آهن تن کي نہ لڪائيندي.

Currently Selected:

يسعياہ 26: SB62

Highlight

Share

Compare

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in