يسعياہ 28
28
1افسوس آهي افرائيم جي نشئين جي مغروريءَ جي تاج تي، ۽ سندس شاندار سونهن جي ڪومائجندڙ گل تي، جو انهن جي آباد ماٿريءَ جي مٿان آهي، جن تي شراب غالب پيو آهي! 2ڏسو، خداوند وٽ هڪڙو طاقتور ۽ زبردست شخص موجود آهي، هو انهي کي ڳڙن جي طوفان، ۽ برباد ڪندڙ واچ، ۽ پاڻيءَ جي زور واري اُٿل وانگر زمين تي اُڇلائي وجهندو. 3افرائيم جي نشئين جي مغروريءَ جو تاج پيرن هيٺ لتاڙيو ويندو. 4۽ هن جي شاندار سونهن جو ڪومائجندڙ گل، جو آباد ماٿريءَ جي مٿان آهي، سو اونهاري کان اڳي پهرئين پڪل انجير وانگي ٿيندو، جنهن تي جڏهن ڪنهن جي نظر ٿي پوي تہ ڏسندي ئي، ۽ هٿ ۾ ايندي ئي، کايو ڇڏي. 5انهي ڏينهن لشڪرن جو خداوند پنهنجي اُمت جي باقي بچيلن لاءِ جلال جو تاج، ۽ سونهن جو ڇٽ ٿيندو: 6۽ جيڪو عدالت ڪرڻ ويهندو تنهن لاءِ انصاف جو روح، ۽ جيڪي دروازي تي بيهي حملو ڪندڙ کي موٽائيندا تن لاءِ زور ٿيندو. 7پر هي بہ شراب جي ڪري ڀلجي ويا آهن، ۽ نشي جي ڪري گمراهہ ٿيا آهن؛ ڪاهن توڙي نبي ٻئي نشي جي ڪري ڀلجي ويا آهن، اهي شراب ۾ غرق ٿي ويا آهن، اهي نشي جي ڪري گمراهہ ٿيا آهن؛ اهي رويا ڏسڻ ۾ ڀلجن ٿا، ۽ انصاف ڪرڻ ۾ ٿاٻڙجن ٿا. 8ڇالاءِ جو سڀ دسترخانا اُلٽيءَ ۽ گندگيءَ سان ڀريل آهن، جنهن ڪري ڪابہ جاءِ صاف ڪانهي. 9هو ڪنهن کي علم سيکاريندو؟ ۽ ڪنهن کي پيغام سمجهائيندو؟ ڇا انهن کي جن کان کير ڇڏايو ويو آهي، ۽ جي ٿڻن کان پري ڪيا ويا آهن؟ 10ڇالاءِ جو حڪم تي حڪم، حڪم تي حڪم آهي، قانون تي قانون، قانون تي قانون آهي؛ ٿورو هِتي، ٿورو هُتي. 11نہ بلڪ ڌارين چپن وارن ماڻهن جي وسيلي، ۽ ٻيءَ ٻوليءَ سان هو هن اُمت سان ڳالهائيندو. 12جنهن کي هن چيو تہ هيءَ آرام جي جاءِ آهي، جيڪي ٿڪل آهن، تن کي اوهين آرام ڏيو؛ هيءَ فرحت جي جاءِ آهي: تڏهن بہ هنن نہ ٻڌو. 13تنهن ڪري خداوند جو ڪلام انهن جي لاءِ حڪم تي حڪم، حڪم تي حڪم ٿيندو؛ قانون تي قانون، قانون تي قانون ٿيندو؛ ٿورو هِتي ٿورو هُتي، انهي لاءِ تہ اهي وڃن ۽ پٺ تي ڪرن، ۽ شڪست کائين، ۽ ڦاسي پون، ۽ گرفتار ٿين.
14تنهن ڪري اي ٺٺولي ڪندڙ ماڻهو، جي يروشلم ۾ رهندڙ اُمت تي حڪومت ٿا ڪريو، سي خداوند جو ڪلام ٻڌو: 15ڇالاءِ جو اوهان چيو آهي تہ اسان موت سان عهد اقرار ڪيو آهي، ۽ دوزخ سان اسان جو انجام آهي؛ جڏهن سزا جي اُٿل ٿيندي، تڏهن اها اسان ڏانهن نہ ايندي؛ ڇالاءِ جو اسان ڪوڙ کي پنهنجي پناهہ ڪيو آهي، ۽ دغا هيٺ اسان پاڻ کي لڪايو آهي: 16تنهن ڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ صيون ۾ بنياد جي لاءِ هڪڙو پٿر ٿو رکان، اهو آزمايل پٿر، ۽ پڪي بنياد جو قيمتي پٿر آهي: جيڪو ايمان آڻيندو، سو تڪڙ نہ ڪندو. 17آءٌ عدالت کي ڏور ۽ سچائيءَ کي شاهد ڪندس: ۽ ڳڙا ڪوڙ جي پناهہ ٻهاري ويندا، ۽ پناهہ جي جاءِ جي مٿان پاڻي اُٿلي ايندو. 18۽ موت سان ٻڌل اوهان جو عهد اقرار رد ٿي ويندو، ۽ دوزخ سان اوهان جو انجام قائم نہ رهندو، جڏهن سزا جي اُٿل ايندي، تڏهن اوهين انهي جي هيٺ لتاڙجي ويندا. 19جيترا ڀيرا اها لنگهندي، اوترا ڀيرا اها اوهان کي پڪڙيندي؛ ڇالاءِ جو هر صبح جو، ۽ ڏينهن جو، ۽ رات جو اُها اوهان تي اُٿلندي، ۽ انهي پيغام جو نتيجو رڳو ڊپ ٿيندو. 20ڇالاءِ جو کٽولو اهڙو ننڍو آهي جو ان تي ماڻهو ٽنگون ڊگهيون ڪري نہ سگهي، ۽ سوَڙ اهڙي سوڙهي آهي جو ان ۾ ماڻهو پاڻ کي ويڙهي نہ سگهي. 21ڇالاءِ جو خداوند اهڙو اُٿلندو جهڙو پراضيم جبل تي، ۽ اهڙو ڪاوڙبو جهڙو جبعون جي واديءَ ۾؛ انهي لاءِ تہ هو پنهنجو ڪم، بلڪ پنهنجو عجيب ڪم ڪري، ۽ پنهنجو عمل، بلڪ پنهنجو عجيب عمل آڻي پورو ڪري. 22تنهن ڪري هاڻي اوهين ٺٺولي نہ ڪريو، متان اوهان جا بند مضبوط ڪيا وڃن؛ ڇالاءِ جو مون خداوند، لشڪرن جي خداوند کان ٻڌو آهي، تہ هن ساري ملڪ کي تباهہ ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو آهي.
23اوهين ڪن ڏيو ۽ منهنجو آواز ٻڌو؛ ڌيان ڏيئي منهنجو چوڻ ٻڌو. 24هاري پوک ڪرڻ لاءِ ڪو هميشہ هر ڏئي ٿو ڇا؟ هو ڪو هميشہ پنهنجي زمين جا ڀتر ڀڃي ۽ کوٽي ٿو ڇا؟ 25جڏهن هو انهيءَ کي مٿان سنئون سڌو ڪري ٿو، تڏهن هو جاڻ نٿو ڇٽي ڇا؟ ۽ ٻج نٿو پکيڙي ڇا؟ ۽ ڪڻڪ اوڙين ۾، ۽ جَوَ مقرر جاءِ تي، ۽ ٻاجهري انهي جي ڪناري تي نٿو ڇاٽاري ڇا؟ 26۽ هو اُهي پوريءَ طرح پوکي ٿو، ۽ هن جو خدا هن کي سيکاري ٿو. 27هو جاڻ کي ڳاهڻ واري تکي اوزار سان نٿو ڳاهي، نڪي زيري تي گاڏي جو ڦيٿو ٿو ڦيرائي؛ جاڻ لٺ سان ڪُٽي ٿو، ۽ زيرو لڪڻ سان. 28مانيءَ جو اَن چٿي ڪين ڇڏبو آهي، نڪي هو هميشہ انهي کي ڳاهيندو، ۽ نڪي انهي تي گاڏيءَ جو ڦيٿو ۽ گهوڙا هلائيندو؛ هو انهي کي چٿي ڪين ڇڏيندو. 29اهو بہ لشڪرن جي خداوند وٽان ٿو اچي، جو مصلحت ۾ عجيب، ۽ ڏاهپ ۾ عظيم آهي.
Currently Selected:
يسعياہ 28: SB62
Highlight
Share
Compare
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.