YouVersion Logo
Search Icon

يسعياہ 25

25
1اي خداوند تون منهنجو خدا آهين، آءٌ تنهنجي وڏائي بيان ڪندس، آءٌ تنهنجي نالي جي تعريف؛ ڇالاءِ جو تو عجب ۽ غريب ڪم ڪيا آهن، يعني تنهنجون مصلحتون قديم کان وفاداري ۽ سچيون آهن. 2ڇالاءِ جو تو شهر کي ڍير ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ڪوٽ واري شهر کي ويران بنائي ڇڏيو اٿيئي: ۽ ڌارين جو محلات بہ شهر نہ رهيو آهي، اهو ڪڏهن بہ اڏڻ ۾ نہ ايندو. 3تنهن ڪري زوراور ماڻهو تنهنجي تعريف ڪندا، خوفناڪ قومن جو شهر تو کان ڊڄندو. 4جڏهن خوفناڪ ماڻهن جو جهوٽو ڀت تي لڳندڙ طوفان وانگي آهي، تڏهن تون غريبن جي لاءِ مضبوط قلعو، ۽ محتاج جي لاءِ سندس مصيبت ۾ آسرو، طوفان کان پناهہ ۽ گرميءَ کان بچائڻ لاءِ پاڇو آهين. 5تون پرديسين جي هل کي خشڪ جاءِ جي گرميءَ وانگي هيٺ آڻيندين؛ جيئن ڪڪر جي ڇانوَ هيٺ گرمي گهٽجي وڃي، تيئن خوفناڪ ماڻهن جي راڳ جو آواز گهٽايو ويندو. 6۽ هن جبل تي لشڪرن جو خداوند سڀني قومن جي لاءِ ٿلهين شين جي مهماني ڪندو، شرابن جي ڀريل مٽن سان؛ مک سان ڀريل ٿلهين شين سان، ۽ چڱيءَ طرح صاف ٿيل شراب جي مٽن سان. 7۽ هو سڀني قومن تي جيڪو پردو پيل آهي، ۽ سڀني قومن تي جيڪو نقاب پکڙيل آهي، سو هن جبل تي ناس ڪندو. 8هن هميشہ لاءِ موت کي فنا ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ خداوند خدا سڀني جي منهن تان ڳوڙها اُگهي ڇڏيندو؛ ۽ پنهنجي قوم جي ملامت ساري زمين جي سطح تان ڪڍي ڇڏيندو؛ ڇالاءِ جو خداوند ائين فرمايو آهي.
9۽ انهيءَ ڏينهن چوڻ ۾ ايندو تہ ڏسو، هي اسان جو خدا آهي؛ اسان هن جي لاءِ منتظر رهيا آهيون، ۽ هو اسان کي بچائيندو: هي خداوند آهي؛ اسين هن جي لاءِ منتظر رهيا آهيون، اسين هن جي نجات ڪري خوش ۽ سرها ٿينداسين. 10ڇالاءِ جو هن جبل تي خداوند جو هٿ رهندو، ۽ موآب پنهنجي جاءِ تي ائين لتاڙيو ويندو، جيئن ڪک لتاڙبا آهن. 11هو انهيءَ جي وچ ۾ پنهنجا هٿ پکيڙيندو جيئن تارو ترڻ لاءِ پنهنجا هٿ پکيڙيندو آهي: ۽ هو ان جي مغروريءَ کي ان جي هٿن جي چالاڪيءَ سان گڏ لاهي هيٺ ڪندو. 12۽ هو ڀتين جي مٿانهين ڪوٽ جي ٺلهہ کي هيٺ پٽ تي ڪيرائيندو بلڪ مٽيءَ سان ملائي ڇڏيندو.

Currently Selected:

يسعياہ 25: SB62

Highlight

Share

Compare

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in