1
يسعياہ 1:25
Sindhi Bible NT
SB62
اي خداوند تون منهنجو خدا آهين، آءٌ تنهنجي وڏائي بيان ڪندس، آءٌ تنهنجي نالي جي تعريف؛ ڇالاءِ جو تو عجب ۽ غريب ڪم ڪيا آهن، يعني تنهنجون مصلحتون قديم کان وفاداري ۽ سچيون آهن.
Compare
Explore يسعياہ 25:1
2
يسعياہ 8:25
هن هميشہ لاءِ موت کي فنا ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ خداوند خدا سڀني جي منهن تان ڳوڙها اُگهي ڇڏيندو؛ ۽ پنهنجي قوم جي ملامت ساري زمين جي سطح تان ڪڍي ڇڏيندو؛ ڇالاءِ جو خداوند ائين فرمايو آهي.
Explore يسعياہ 25:8
3
يسعياہ 9:25
۽ انهيءَ ڏينهن چوڻ ۾ ايندو تہ ڏسو، هي اسان جو خدا آهي؛ اسان هن جي لاءِ منتظر رهيا آهيون، ۽ هو اسان کي بچائيندو: هي خداوند آهي؛ اسين هن جي لاءِ منتظر رهيا آهيون، اسين هن جي نجات ڪري خوش ۽ سرها ٿينداسين.
Explore يسعياہ 25:9
4
يسعياہ 7:25
۽ هو سڀني قومن تي جيڪو پردو پيل آهي، ۽ سڀني قومن تي جيڪو نقاب پکڙيل آهي، سو هن جبل تي ناس ڪندو.
Explore يسعياہ 25:7
5
يسعياہ 6:25
۽ هن جبل تي لشڪرن جو خداوند سڀني قومن جي لاءِ ٿلهين شين جي مهماني ڪندو، شرابن جي ڀريل مٽن سان؛ مک سان ڀريل ٿلهين شين سان، ۽ چڱيءَ طرح صاف ٿيل شراب جي مٽن سان.
Explore يسعياہ 25:6