پيدائش 49
49
1۽ يعقوب پنهنجن پٽن کي سڏي چيو تہ اوهين اچي گڏ ٿيو تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان تہ پوين ڏينهن ۾ اوهان سان ڇا ڇا ٿيندو.
2اي يعقوب جو اولاد، اوهين اچي گڏ ٿيو ۽ ٻڌو، پنهنجي پيءُ اسرائيل جي ڳالهہ ڏانهن ڪن ڏيو.
3اي روبن تون منهنجو وڏو پٽ آهين، منهنجي زور ۽ منهنجيءَ طاقت جو منڍ آهين؛ تون وڏي درجي ۽ وڏي زور وارو آهين. 4تون پاڻيءَ وانگر بي قرار آهين، تنهنڪري توکي وڏائي حاصل نہ ٿيندي؛ ڇالاءِ جو تون پنهنجي پيءُ جي هنڌ تي چڙهي وئين، ۽ تو انهيءَ کي پليت ڪيو: هو منهنجي هنڌ تي چڙهي ويو.
5شمعون ۽ لاوي ڀائر آهن، هنن جون تراريون ظلم جا هٿيار آهن. 6اي منهنجا جيءَ، پنهنجي صلاح تي نہ هل؛ اي منهنجي بزرگي، هنن جي جماعت ۾ شامل نہ ٿي؛ ڇالاءِ جو هنن پنهنجي ڪاوڙ ۾ هڪڙي ماڻهوءَ کي قتل ڪيو، ۽ پنهنجيءَ مرضيءَ موجب هڪڙو ڍڳو گُڏي وڌو. 7لعنت سندن ڪاوڙ تي، جا ڏاڍي تکي هئي، ۽ سندن غصي تي، جو تمام سخت هو. آءٌ هنن کي يعقوب ۾ ڌار ڪندس، ۽ اسرائيل ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندس.
8اي يهوداہ، تنهنجا ڀائر تنهنجي ساراهہ ڪندا: تنهنجو هٿ تنهنجن دشمنن جي ڳچيءَ تي رهندو؛ تنهنجي پيءُ جا پٽ تنهنجي اڳيان ڪنڌ نمائيندا. 9يهوداہ شينهن جو ٻچو آهي؛ اي منهنجا پٽ، تون شڪار تان آيو آهين: هو شينهن وانگي ۽ شينهڻ وانگي ڇپ ماري ويٺو، ڪير هن کي اُٿاريندو؟ 10جيسين شيلوہ نہ ايندو، تيسين يهوداہ کان بادشاهي نہ ويندي، نڪي حڪومت جو عصو سندس پيرن هيٺان نڪري ويندو؛ ۽ قومون هن جي فرمانبرداري ڪنديون. 11هو پنهنجو وڇيرو ڊاک سان، ۽ پنهنجو کودڙو عمديءَ ڊاک سان ٻڌندو؛ هو پنهنجا ڪپڙا مئي ۾ ڌوئندو، ۽ پنهنجي پوشاڪ انگور جي رس ۾: 12هن جون اکيون مئي سان ڳاڙهيون ٿينديون ۽ سندس ڏند کير سان اڇا ٿيندا.
13زبولون سمنڊ جي ڪناري تي رهندو، هو جهازن جي بندرگاهہ ٿيندو؛ ۽ سندس سرحد صيدا تائين وڃي پهچندي.
14اشڪار هڪڙو مضبوط گڏهہ آهي، جو رڍن جي واڙن جي وچ ۾ ويٺو آهي. 15جڏهن هو هڪڙي چڱي آرامگاهہ ۽ دلپسند زمين ڏسندو، تڏهن هو بار کڻڻ لاءِ ڪلهو جهڪائيندو ۽ ڍل ڀريندڙ نوڪر ٿيندو.
16دان اسرائيل جي قبيلن مان هڪڙي وانگر پنهنجن ماڻهن جي عدالت ڪندو. 17دان، واٽ جي نانگ ۽ رستي جي سپ جهڙو ٿيندو، ۽ گهوڙي جي کڙين کي اهڙو ڏنگ هڻندو، جو سندس سوار پٺتي ڪري پوندو. 18اي خداوند، آءٌ تنهنجي نجات جو منتظر آهيان.
19جد تي هڪڙي فوج حملو ڪندي، پر نيٺ هو غالب پوندو.
20آشر مان سندس سڻڀي ماني پيدا ٿيندي، ۽ هو شاهي طعام موجود ڪري ڏيندو.
21نفتالي هڪڙي ڇڙواڳ هرڻ وانگي آهي: جو مٺيون مٺيون ڳالهيون ٿو ڪري.
22يوسف هڪڙو ڦلدار ٻوٽو آهي، اهڙو ڦلدار جو چشمي جي ڀرسان بيٺل هجي؛ ۽ هن جون ٽاريون ڀت تي چڙهي ويون آهن. 23تير اندازن هن کي ڏاڍو هلاڪ ڪيو ۽ کيس تير هڻي ڏکويو اٿن: 24پر هن جي ڪمان زور جهلي بيٺي، ۽ هن جي هٿن ۽ ٻانهن کي يعقوب جي قادر جي هٿن کان طاقت ملي. انهيءَ مان اهو ڌنار نڪرندو، جو اسرائيل جو ٽڪر آهي. 25هي تنهنجي پيءُ جي خدا جي حڪم سان، ۽ انهيءَ قادر مطلق جي حڪم سان ٿيندو، جو تنهنجي مدد ڪندو، ۽ توکي مٿان آسمان جون برڪتون ڏيندو، ۽ هيٺان اونهي سمنڊ جون برڪتون ڏيندو، ۽ ڇاتين جون، ۽ رحمن جون برڪتون ڏيندو. 26تنهنجي پيءُ جون دعائون، منهنجي وڏن جي دعائن کان ايترو تہ وڌيڪ آهن، جو هميشہ قائم رهندڙ جبلن جي مٿانهينءَ چوٽيءَ تائين وڃي پهتيون آهن: اهي يوسف جي مٿي تي، بلڪ سندس مٿي جي چوٽيءَ تي رهنديون، جو پنهنجن ڀائرن کان ڌار ڪيو ويو.
27بنيمين هڪڙو بگهڙ آهي، جو ڦاڙيندو وتي: هو صبح جو شڪار کائيندو، ۽ سانجهيءَ جو لٽ جو مال ورهائيندو.
28اهي سڀ اسرائيل جا ٻارهن قبيلا آهن، ۽ سندن پيءُ جيڪي کين ٻڌايو ۽ جيڪي برڪتون ڏنائين سي اُهي ئي آهن؛ هر ڪنهن کي پنهنجيءَ پنهنجيءَ برڪت موجب برڪت ڏنائين. 29۽ هن کين تاڪيد ڪري چيو تہ هاڻي آءٌ وڃي پنهنجن ۾ گڏبس: مون کي منهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ انهيءَ غار ۾ دفن ڪجو، جيڪو عفرون حتيءَ جي ٻنيءَ ۾ آهي. 30يعني انهيءَ غار ۾، جو ڪنعان جي ملڪ ۾ ممريءَ جي سامهون مڪفيلہ جي ٻنيءَ ۾ آهي. جو ابرهام ٻنيءَ سوڌو عفرون حتيءَ کان قبرستان جي لاءِ خريد ڪري انهي جو قبضو ورتو. 31اتي هنن ابرهام ۽ سندس زال سارہ کي دفن ڪيو، ۽ اتي هنن اسحاق ۽ سندس زال ربقہ کي دفن ڪيو، ۽ اتي مون لياہ کي دفن ڪيو، 32يعني انهيءَ ٻنيءَ واري غار ۾، جيڪو حت جي پٽن کان خريد ڪيو ويو هو. 33جڏهن يعقوب پنهنجن پٽن کي وصيت ڪري رهيو، تڏهن هن پنهنجون ٽنگون هنڌ ۾ ڊگهيريون ۽ ساهہ ڏنائين، ۽ وڃي پنهنجن ۾ گڏيو.
Currently Selected:
پيدائش 49: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.