YouVersion Logo
Search Icon

پيدائش 50

50
1تڏهن يوسف پنهنجي پيءُ تي ڪري روئڻ لڳو، ۽ کيس چميائين. 2۽ جيڪي طبيب يوسف وٽ نوڪر هئا، تن کي حڪم ڏيئي چيائين تہ منهنجي پيءُ کي سرهاڻيون لايو: ۽ طبيبن اسرائيل کي سرهاڻ سان ڀريو. 3انهيءَ ۾ چاليهہ ڏينهن گذري ويا؛ ڇالاءِ جو سرهاڻ لائڻ ۾ ايترا ڏينهن لڳندا آهن: ۽ مصر جي ماڻهن هن جي لاءِ ستر ڏينهن ماتم ڪيو.
4جڏهن هن جي ماتم جا ڏينهن پورا ٿيا، تڏهن يوسف فرعون جي گهر وارن کي چيو تہ هاڻي، جيڪڏهن مون تي اوهان جي مهربانيءَ جي نظر آهي، تہ ڀلائي ڪري هيءَ ڳالهہ فرعون جي ڪن تي وجهو ۽ چئوس 5تہ منهنجي پيءُ مون کي قسم کڻائي چيو هو تہ ڏس، آءٌ مران ٿو ۽ جيڪا قبر مون پنهنجي لاءِ ڪنعان جي ملڪ ۾ کڻائي ڇڏي آهي؛ تنهن ۾ اوهين مون کي دفن ڪجو. تنهنڪري آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان، تہ مون کي موڪل ڏي، تہ وڃي پنهنجي پيءُ کي دفن ڪريان. پوءِ آءٌ موٽي ايندس. 6تڏهن فرعون چيو تہ جيئن تنهنجي پيءُ توکي قسم کڻائي چيو آهي، تيئن وڃي دفن ڪرينس. 7تڏهن يوسف پنهنجي پيءُ کي دفن ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو: ۽ ساڻس گڏ فرعون جا سڀ نوڪر، ۽ هن جي گهر جا بزرگ، ۽ مصر جي ملڪ جا سڀ وڏيرا، 8۽ يوسف جي گهر جا سڀيئي ماڻهو، ۽ سندس ڀائر، ۽ سندس پيءُ جي گهر جا سڀ ڀاتي گڏجي هليا: فقط هنن پنهنجا ٻار، ۽ پنهنجا ڍور، ۽ پنهنجا ڌڻ، جشن جي زمين ۾ ڇڏيا. 9۽ سواريءَ جون گاڏيون ۽ گهوڙي سوار بہ ساڻس گڏ ويا: 10مڙئي تہ ڏاڍي وڏي جماعت هئي. ۽ جڏهن اهي اتد جي هلر وٽ آيا، جو يردن جي پرينءَ ڀر آهي، تڏهن اتي هنن ڏاڍي زور سان رنو؛ ۽ اتي هن پنهنجي پيءُ جي لاءِ ست ڏينهن ماتم ڪيو. 11جڏهن ڪنعان ملڪ جي ماڻهن اهو اتد جي هلر وارو ماتم ڏٺو، تڏهن چوڻ لڳا تہ هي مصرين جو سخت ماتم آهي: تنهنڪري انهيءَ هنڌ جو نالو ابيل مصرئيم پئجي ويو، جو يردن جي پرينءَ ڀر آهي. 12سو جيئن هن کين حڪم ڏنو هو، تيئن سندس پٽن ساڻس ڪيو؛ 13ڇالاءِ جو سندس پٽ کيس ڪنعان جي ملڪ ۾ کڻي ويا، ۽ کيس مڪفيلہ جي ٻنيءَ واري غار ۾ دفن ڪيائون، جو ابرهام ٻنيءَ سوڌو، ممريءَ جي سامهون، عفرون حتيءَ کان قبرستان جي لاءِ خريد ڪري پنهنجي قبضي ۾ آندو هو.
14پوءِ يوسف پاڻ، ۽ سندس ڀائر، ۽ ٻيا جيڪي سندس پيءُ کي دفن ڪرڻ لاءِ ساڻس گڏ ويا هئا، سي پڻس کي دفن ڪري موٽي مصر ۾ آيا، 15هاڻي جڏهن يوسف جي ڀائرن ڏٺو تہ اسان جو پيءُ مري ويو آهي، تڏهن چوڻ لڳا تہ شايد هاڻي يوسف اسان سان دشمني ڪندو، ۽ جيڪا بڇڙائي اسان هن سان ڪئي آهي، تنهن جو اسان کان پوريءَ طرح بدلو وٺندو. 16تنهنڪري هنن يوسف ڏانهن هڪڙو پيغام موڪليو، ۽ چيائونس تہ تنهنجي پيءُ مرڻ کان اڳ ۾ هي حڪم ڏنو هو، 17تہ اوهين يوسف کي چئجو تہ هاڻي ڀلائي ڪري پنهنجن ڀائرن جو قصور ۽ سندن گناهہ معاف ڪج؛ ڇالاءِ جو هنن توسان بڇڙائي ڪئي هئي: سو هاڻ اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ پنهنجي پيءُ جي خدا جي ٻانهن جا گناهہ معاف ڪر. ۽ جڏهن هنن يوسف کي ائين چيو تڏهن هن روئي ڏنو. 18۽ سندس ڀائر بہ وڃي سندس پيرن تي ڪري پيا ۽ چوڻ لڳا تہ ڏس، اسين تنهنجا نوڪر آهيون. 19تڏهن يوسف کين چيو تہ ڊڄو نہ، آءٌ ڪو خدا آهيان ڇا؟ 20باقي اوهان برابر مون سان برائي ڪرڻ جو ارادو ڪيو، پر خدا کي انهيءَ مان ڀلائي ڪرڻي هئي، ۽ ائين ئي ڪرڻو هوس، جيئن اڄ ٿيو آهي، جو گهڻن ماڻهن جي حياتي بچي پيئي. 21تنهنڪري هاڻي اوهين ڊڄو نہ، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي ٻارن کي سنڀاليندو رهندس. پوءِ هنن کي دلداري ڏنائين، ۽ ساڻن پيار سان ڳالهايائين.
22۽ يوسف پاڻ ۽ سندس پيءُ جو خاندان مصر ۾ رهڻ لڳا: ۽ يوسف هڪ سؤ ڏهہ ورهيہ جيئرو رهيو. 23۽ يوسف افرائيم جي ٽينءَ پيڙهيءَ وارا ٻار بہ ڏٺا: ۽ منسيءَ جي پٽ مڪير جا ٻار بہ يوسف جي هنج ۾ نپنا. 24نيٺ يوسف پنهنجن ڀائرن کي چيو تہ هاڻ آءٌ مرڻ تي آهيان: پر خدا ضرور اوهان جي سار لهندو، ۽ اوهان کي هن ملڪ مان ڪڍي، انهيءَ ملڪ ۾ نيندو: جنهن جو هن ابرهام سان، ۽ اسحاق سان، ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو. 25۽ يوسف بني اسرائيل کان قسم کڻائي کين چيو تہ خدا ضرور اوهان جي سار لهندو، پوءِ اوهين منهنجا هڏا هتان کڻي وڃجو. 26انهيءَ طرح يوسف هڪ سؤ ڏهن ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي: ۽ هنن کيس سرهاڻيون لائي پيتيءَ ۾ وجهي مصر ۾ رکيو.

Currently Selected:

پيدائش 50: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in