پيدائش 48
48
1انهن ڳالهين کان پوءِ هيئن ٿيو جو ڪنهن ماڻهوءَ يوسف کي چيو تہ ڏس، تنهنجو پيءُ بيمار آهي: تڏهن هو پنهنجا ٻئي پٽ منسي ۽ افرائيم پاڻ سان وٺي روانو ٿيو. 2۽ ڪنهن ماڻهوءَ يعقوب کي خبر ڏني تہ ڏس، تنهنجو پٽ يوسف تو وٽ ٿو اچي: تڏهن اسرائيل همت جهلي هنڌ تي اُٿي ويٺو: 3۽ يعقوب يوسف کي چيو تہ خدا قادر مطلق ڪنعان جي ملڪ ۾ لوز وٽ مون کي ڏيکاري ڏيئي برڪت ڏني، 4۽ مون کي چيائين تہ ڏس، آءٌ توکي ڦلدار ڪندس ۽ توکي وڌائيندس، ۽ تو مان گهڻيون ئي قومون پيدا ڪندس، ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين هميشہ جي لاءِ قبضي ۾ ڏيندس. 5هاڻي تنهنجا ٻہ پٽ، جي آءٌ تو وٽ مصر جي ملڪ ۾ آيس تنهن کان اڳي تو مان پيدا ٿيا آهن، سي منهنجا آهن: جيئن روبن ۽ شمعون منهنجا آهن، تيئن افرائيم ۽ منسي بہ منهنجا ٿيندا. 6۽ هنن کان پوءِ ٻيو جيڪو اولاد توکي ٿيندو، سو تنهنجو ئي ٿيندو؛ ۽ اهي پنهنجيءَ ميراث ۾ سندن ڀائرن جي نالن سان گڏيا ويندا. 7باقي آءٌ، سو جڏهن فدان مان ٿي آيس، ۽ اڃا فرات کان ٿورو پرڀرو هوس، تہ اتي ڪنعان جي ملڪ ۾ منهنجي ڏسندي راخل واٽ ۾ ئي مري ويئي، ۽ مون کيس افرات، يعني بيت الحم جي رستي تي دفن ڪيو. 8پوءِ اسرائيل يوسف جي پٽن کي ڏسي چيو تہ هي ڪير آهن؟ 9۽ يوسف پنهنجي پيءُ کي چيو تہ هي منهنجا پٽ آهن، جي خدا مون کي هتي ڏنا آهن. تڏهن هن چيو تہ انهن کي مون وٽ وٺي اچ تہ کين برڪت ڏيان. 10هاڻي اسرائيل جي اکين ۾ ٻڍاپي جي ڪري اهڙو ڌنڌ هو، جو هو ڏسي نٿي سگهيو، تنهنڪري هو هنن کي وٽس ويجهو وٺي آيو. تڏهن هن کين چُميو ۽ ڀاڪر پاتائين. 11پوءِ اسرائيل يوسف کي چيو تہ مون نٿي ڀانئيو تہ آءٌ تنهنجو منهن ڏسندس: پر ڏس، خدا مون کي تنهنجو اولاد بہ ڏيکاريو. 12تڏهن يوسف انهن کي سندس گوڏن مان پري ڪيو، ۽ پاڻ زمين تي ڪنڌ جهڪايائين. 13پوءِ يوسف افرائيم کي پنهنجي ساڄي هٿ سان وٺي اسرائيل جي کٻي هٿ ڏانهن آندو، ۽ منسيءَ کي پنهنجي کٻي هٿ سان وٺي اسرائيل جي ساڄي هٿ ڏانهن آندائين، انهيءَ طرح ٻنهي کي هن جي ويجهو وٺي آيو. 14۽ اسرائيل پنهنجو ساڄو هٿ ڊگهيري افرائيم جي مٿي تي رکيو، جو ننڍو هو، ۽ پنهنجو کٻو هٿ منسيءَ جي مٿي تي رکيائين؛ هن ڄاڻي ٻجهي پنهنجا هٿ ائين ڪيا، جيتوڻيڪ منسي وڏو هو. 15۽ هن يوسف کي برڪت ڏني ۽ چيائين تہ خدا، جنهن جي حضور ۾ منهنجو پيءُ اضحاق، ۽ منهنجو ڏاڏو ابرهام هلندا هئا ۽ اهوئي خدا، جنهن منهنجي ساريءَ عمر ۾ اڄ ڏينهن تائين منهنجي پرورش ڪئي آهي. 16۽ اهو فرشتو جنهن مون کي سڀني بڇڙاين کان بچايو آهي، سو شل هنن ڇوڪرن کي برڪت ڏئي، ۽ شل هي منهنجي، ۽ منهنجي ابي ڏاڏي ابرهام، ۽ اضحاق، جي نالي سڏجن؛ شل هو ڌرتيءَ جي وچ ۾ وڌي راڄ ٿين. 17جڏهن يوسف ڏٺو تہ سندس پيءُ پنهنجو ساڄو هٿ افرائيم جي مٿي تي رکيو آهي، تڏهن ناراض ٿيو، ۽ پنهنجي پيءُ جو هٿ جهليائين تہ اهو افرائيم جي مٿي تان کڻي منسيءَ جي مٿي تي رکي. 18۽ يوسف پنهنجي پيءُ کي چيو تہ بابا ائين ٿيڻ نہ گهرجي: پنهنجو ساڄو هٿ هن جي مٿي تي رک، ڇالاءِ جو هو وڏو آهي. 19پر پڻس نہ مڃيو ۽ چيائين تہ آءٌ ڄاڻان ٿو، منهنجا پٽ آءٌ ڄاڻان ٿو: هي بہ وڌي راڄ ٿيندو، ۽ هي بہ بزرگ ٿيندو، پر سندس ننڍو ڀاءُ کانئس وڌيڪ ٿيندو، ۽ هن جي نسل مان گهڻيئي قومون نڪرنديون. 20سو هن انهيءَ ڏينهن کين برڪت ڏني، ۽ چيائين تہ تنهنجي نالي اسرائيلي هيئن چئي برڪت ڏيندا، تہ شل خدا توکي افرائيم جهڙو ۽ منسيءَ جهڙو ڪري: 21پوءِ اسرائيل يوسف کي چيو تہ ڏس هاڻ آءٌ مرڻ تي آهيان: پر خدا اوهان سان هوندو، ۽ اوهان کي وري پنهنجن ابن ڏاڏن جي ملڪ ۾ وٺي ويندو. 22ٻيو تہ مون توکي تنهنجي ڀائرن کان هڪڙو حصو وڌيڪ ڏنو آهي، جو مون پنهنجيءَ ترار ۽ پنهنجيءَ ڪمان سان امورين کان ورتو هو.
Currently Selected:
پيدائش 48: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.