YouVersion Logo
Search Icon

پيدائش 47

47
1تنهن کان پوءِ يوسف فرعون وٽ ويو، ۽ چيائينس تہ منهنجو پيءُ، ۽ منهنجا ڀائر، ۽ سندن ڍور، ۽ ڌڻ، ۽ ٻيو جيڪي وٽن آهي، تنهن سوڌا ڪنعان جي ملڪ مان آيا آهن؛ ۽ ڏس اهي جشن جي علائقي ۾ آهن. 2۽ هو پنهنجن ڀائرن مان پنج ڄڻا پاڻ سان وٺي ويو، ۽ انهن کي فرعون وٽ حاضر ڪيائين. 3تڏهن فرعون هن جي ڀائرن کان پڇيو تہ اوهان جو ڌنڌو ڪهڙو آهي؟ هنن فرعون کي چيو تہ اسين تنهنجا ٻانها ۽ اسان جا ابا ڏاڏا، ڌنار آهيون. 4۽ هنن فرعون کي چيو تہ اسين هن ملڪ ۾ رهڻ آيا آهيون؛ ڇالاءِ جو ڪنعان جي ملڪ ۾ ڏاڍو ڏڪار آهي، ۽ تنهنجن ٻانهن جي ڌڻن لاءِ چارو ڪونهي؛ تنهنڪري هاڻي اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ پنهنجن ٻانهن کي جشن جي علائقي ۾ رهڻ جي موڪل ڏي. 5تنهن تي فرعون يوسف کي چيو تہ تنهنجو پيءُ ۽ تنهنجا ڀائر تو وٽ آيا آهن: 6مصر جو ملڪ تنهنجي اڳيان پيو آهي؛ جيڪا تمام چڱي زمين هجي، اتي پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي ڀائرن کي ٽڪاءِ؛ ڀلي تہ هو جشن جي علائقي ۾ رهن: ۽ جي منجهن ڪي هوشيار ماڻهو هجن، تہ انهن کي منهنجو چوپايو مال سنڀالڻ لاءِ ڏي.
7پوءِ يوسف پنهنجي پيءُ يعقوب کي وٺي آيو، ۽ آڻي فرعون جي اڳيان بيهاريائينس: ۽ يعقوب فرعون کي برڪت ڏني. 8۽ فرعون يعقوب کان پڇيو تہ تنهنجي عمر ڪيترن ورهين جي آهي؟ 9۽ يعقوب فرعون کي چيو تہ منهنجي مسافريءَ جا ڏينهن هڪ سؤ ٽيهہ ورهيہ آهن: منهنجيءَ حياتيءَ جا ڏينهن ٿورا ۽ ڏکيا گذريا آهن، ۽ جيترا حياتيءَ جا ڏينهن منهنجن ابن ڏاڏن هن مسافريءَ ۾ گذاريا، اوترا ڏينهن اڃا منهنجا ڪين ٿيا آهن. 10پوءِ يعقوب فرعون کي برڪت ڏيئي وٽانئس ٻاهر آيو. 11۽ يوسف پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي ڀائرن کي فرعون جي حڪم موجب مصر جي ملڪ ۾ تمام چڱي زمين، يعني رعمسيس جي زمين سندن قبضي ۾ ڏيئي، کين اتي رهايو. 12۽ يوسف پنهنجي پيءُ، ۽ پنهنجي ڀائرن، ۽ پنهنجي سڄي خاندان کي، سندن ٻارن آهر کاڌو ڏيئي، سندن پرورش ڪئي.
13انهيءَ ساري ملڪ ۾ کاڌو ڪونہ هو؛ ڇالاءِ جو ڏڪار تمام زور هو، ۽ ڏڪار جي ڪري مصر جي ملڪ جا، ۽ ڪنعان جي ملڪ جا ڏاڍا برا حال ٿيا. 14۽ جيڪو اَن ماڻهن خريد پئي ڪيو، تنهن جي عيوض، جيترو پيسو مصر جي ملڪ ۽ ڪنعان جي ملڪ ۾ هو، سو سڀ يوسف گڏ ڪري فرعون جي گهر ۾ کڻي آيو. 15۽ جڏهن مصر جي ملڪ ۾، ۽ ڪنعان جي ملڪ ۾ پيسو کٽي ويو، تڏهن مصر جا سڀيئي ماڻهو يوسف وٽ آيا ۽ چوڻ لڳا تہ اسان کي کاڌو ڏي: تنهنجي هوندي اسين ڇو مري وڃون؟ ڇالاءِ جو اسان جو پيسو کپي ويو آهي. 16تڏهن يوسف چين تہ جيڪڏهن پيسو ڪونهي تہ پنهنجو چوپايو مال ڏيو؛ آءٌ اوهان جي چوپائي مال جي عيوض ۾ اوهان کي اَن ڏيندس. 17تڏهن هو پنهنجو چوپايو مال يوسف وٽ وٺي آيا، ۽ يوسف انهن کي سندن گهوڙن، گڏهن، ڍورن ۽ ڌڻن جي عيوض کاڌو ڏنو: ۽ هن کين اهو سال سندن چوپائي مال جي عيوض ماني کارائي. 18۽ جڏهن اهو سال پورو ٿيو، تڏهن ٻئي سال وري هو وٽس آيا ۽ چيائونس تہ اسين پنهنجي حاڪم کان اها ڳالهہ نٿا لڪايون تہ اسان جو پيسو سڀ کپي ويو آهي، ۽ چوپائي مال جا ڌڻ بہ سڀ سائينءَ جا ٿي ويا آهن؛ سائين جن جي نظر ۾ اسان جن سرن ۽ زمينن کان سواءِ ٻيو ڪي بہ ڪين بچيو آهي. 19اسين توڙي اسان جي زمين تنهنجي هوندي ڇو برباد ٿيون؟ اسان کي ۽ اسان جيءَ زمين کي کاڌي جي عيوض خريد ڪر: اسين پنهنجيءَ زمين سوڌو فرعون جا ٻانها ٿينداسين: اسان کي ٻج ڏي تہ اسين جيئرا رهون ۽ مري نہ وڃون، ۽ اسان جي زمين بہ ويران نہ ٿئي.
20تڏهن يوسف مصر جي ساري زمين فرعون جي لاءِ خريد ڪئي؛ ڇالاءِ جو مصرين مان هر ڪنهن پنهنجي زمين وڪي، ڇو جو ڏڪار کين ڏاڍو هلاڪ ڪيو هو. اهڙيءَ طرح زمين بہ فرعون جي ٿي. 21باقي رهيا ماڻهو، تن کي هن مصر جي هڪڙيءَ حد کان ٻيءَ حد تائين لڏائي شهرن ۾ آڻي وهاريو. 22رڳو ڪاهنن جي زمين هن خريد ڪانہ ڪئي؛ ڇالاءِ جو ڪاهنن کي فرعون کان لوازمو ملندو هو، ۽ اهو جيڪو لوازمو فرعون انهن کي ڏيندو هو، سو هو کائيندا هئا؛ تنهنڪري هنن پنهنجي زمين ڪانہ وڪي. 23پوءِ يوسف ماڻهن کي چيو تہ ڏسو، اڄ مون اوهان کي ۽ اوهان جيءَ زمين کي فرعون جي لاءِ خريد ڪيو آهي: اِجهو اوهان جي لاءِ ٻج موجود آهي. اوهين وڃي زمين پوکيو. 24۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن اوهين فصل کڻو، تڏهن پنجون حصو فرعون کي ڏجو، ۽ چار حصا ٻنيءَ جي ٻج لاءِ، ۽ اوهان جي کاڌي لاءِ، ۽ اوهان جي خاندان ۽ ٻارن ٻچن جي خوراڪ لاءِ، اوهان جا ٿيندا. 25تڏهن هنن چيو تہ تو اسان جي حياتي بچائي آهي: هاڻي سائين جن اسان تي مهربانيءَ جي نظر رکي، ۽ اسين فرعون جا نوڪر ٿينداسين. 26۽ يوسف مصر جي ملڪ لاءِ اهو قانون جاري ڪيو جو اڄ ڏينهن تائين هلندو اچي، تہ فرعون کي پنجون حصو ملي؛ رڳو ڪاهنن جي زمين فرعون جي ڪانہ ٿي. 27۽ اسرائيل مصر جي ملڪ ۾ جشن جي علائقي ۾ رهي پيو؛ ۽ اتي مال ملڪيت گڏ ڪيائون، ۽ وڌندا ويجهندا ويا.
28يعقوب مصر جي ملڪ ۾ سترهن ورهيہ جيئرو رهيو: سو يعقوب جي سڄي عمر هڪ سؤ ستيتاليهہ ورهيہ ٿي. 29نيٺ اسرائيل جي وفات جو وقت ويجهو آيو، تڏهن هن پنهنجي پٽ يوسف کي سڏي چيو تہ جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي، تہ ڀلائي ڪري پنهنجو هٿ منهنجيءَ ران جي هيٺان رک، ۽ مون سان مهربانيءَ ۽ سچائيءَ جي هلت ڪج، ۽ مون کي مصر ۾ دفن نہ ڪج. 30پر جڏهن آءٌ وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن ۾ ملان، تڏهن مون کي مصر مان کڻي وڃج، ۽ هنن جي قبرستان ۾ وڃي دفن ڪج. تڏهن هن چيو تہ جيئن تون چوين ٿو تيئن ئي ڪندس. 31تنهن تي هن چيو تہ انهيءَ جو مون سان قسم کڻ: ۽ هن ساڻس قسم کنيو. تڏهن اسرائيل پنهنجي هنڌ جي سيرانديءَ تي مٿو جهڪائي سجدو ڪيو.

Currently Selected:

پيدائش 47: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in