YouVersion Logo
Search Icon

پيدائش 25

25
1پوءِ ابرهام وري ٻي زال پرڻيو، جنهن جو نالو قتورہ هو. 2انهيءَ کي منجهانئس زمران، يقسان، مدان، مريان، اسباق ۽ سوخ پيدا ٿيا. 3۽ يقسان مان سبا ۽ ددان پيدا ٿيا. ۽ ددان جا پٽ اسوري، لطوسي ۽ لومي هئا. 4۽ مديان جا پٽ عيفاہ، عفر، حنوڪ، ابيداع ۽ الدوعا هئا. هي سڀ قتورہ جو اولاد هو. 5۽ ابرهام وٽ جيڪي هو سو سڀ اسحاق کي ڏنائين. 6پر جيڪي ابرهام جي سرتين جا پٽ هئا، تن کي بہ بخششون ڏيئي، پنهنجي جيئري پنهنجي پٽ اسحاق کان ڌار ڪري، اڀرندي واري ملڪ ڏانهن روانو ڪري ڇڏيائين.
7ابرهام جي سڄي عمر هڪ سؤ پنجهتر ورهيہ هئي. 8پوءِ ابرهام ساهہ ڏنو. هو ٻڍو ۽ پير مرد ٿي وڏيءَ ڄمار ۾ مئو ۽ وڃي پنهنجن ۾ گڏيو. 9۽ سندس پٽن اسحاق ۽ اسماعيل کيس صحر حتيءَ جي پٽ عفرون جي ٻنيءَ واري مڪفيلہ جي غار ۾ دفن ڪيو، جا ممريءَ جي سامهون آهي؛ 10اها ساڳي ٻني، جا ابرهام حت جي پٽن کان خريد ڪئي هئي: اتي ابرهام ۽ سندس زال سارہ دفن ڪيا ويا. 11۽ ابرهام جي مرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو جو خدا، سندس پٽ اسحاق کي برڪت ڏني، ۽ اسحاق بيرلحي روئي ۾ رهڻ لڳو.
12هاڻي ابرهام جو پٽ اسماعيل، جو سارہ جي ٻانهيءَ هاجرہ کي ابرهام مان ڄائو هو، تنهن جو نسب نامو هن ريت آهي. 13اسماعيل جي پٽن جا نالا سندن پيڙهين موجب هي آهن: اسماعيل جو وڏو پٽ نبايوت هو، ۽ ٻيا هئا قيدار، ادبئيل، مبسام، 14مشماع، دومہ، مسا، 15حدو، تيما، يطور، نفيس، ۽ قدمہ. 16اسماعيل جا پٽ اهي هئا، ۽ انهن جي نالن موجب سندن ڳوٺن ۽ منزلگاهن جا نالا پيا؛ ۽ اهي ئي سندن قومن جا ٻارهن سردار هئا. 17اسماعيل جي عمر هڪ سؤ ستٽيهہ ورهيہ هئي: پوءِ هن ساهہ ڏنو ۽ وڃي پنهنجن ۾ گڏيو. 18۽ اهي حويلہ کان شور تائين رهندا هئا، جو اسور ڏانهن ويندي مصر جي سامهون آهي، ۽ هو پنهنجن سڀني ڀائرن جي سامهون رهندو آيو.
19هاڻي ابرهام جي پٽ اسحاق جو نسب نامو هن ريت آهي: ابرهام مان اسحاق پيدا ٿيو. 20۽ جڏهن اسحاق چاليهن ورهين جو ٿيو، تڏهن ربقہ، جا فدان ارام واري بيتوايل اراميءَ جي ڌيءَ، ۽ لابن اراميءَ جي ڀيڻ هئي، تنهن سان شادي ڪيائين. 21۽ اسحاق پنهنجيءَ زال جي لاءِ خداوند کان دعا گهري؛ ڇالاءِ جو هوءَ سنڍ هئي: ۽ خداوند هن جي دعا قبول ڪئي ۽ هن جي زال ربقہ حاملہ ٿي، 22۽ ٻار سندس پيٽ ۾ چُرڻ پرڻ لڳا، تڏهن هن چيو تہ ڇو منهنجو هي حال ٿيو آهي؟ تنهنڪري هوءَ خداوند کان پڇڻ ويئي. 23۽ خداوند چيس تہ تنهنجي پيٽ ۾ ٻہ قومون آهن، ۽ ٻہ امتون تنهنجي پيٽ مان ئي هڪ ٻئي کان ڌار ٿينديون: ۽ هڪڙي اُمت ٻيءَ کان زور واري ٿيندي؛ ۽ وڏي ننڍيءَ جي خدمت ڪندي. 24پوءِ جڏهن هن جي ويامڻ جا ڏينهن اچي ڀريا، تڏهن ڏٺائون تہ سندس پيٽ ۾ جاڙا ٻار هئا. 25پهريون ڳاڙهو نڪتو ۽ هن جو بت پوستين وانگر هو، تنهنڪري انهي جو نالو عيسو رکيائون. 26تنهن کان پوءِ سندس ڀاءُ پنهنجي هٿ ۾ عيسو جي کڙي جهلي نڪتو، ۽ انهي جو نالو يعقوب رکيائون: جڏهن اسحاق کي هي ٻار ڄاوا، تڏهن هو سٺ ورهين جو هو. 27پوءِ ڇوڪرا وڏا ٿيا، ۽ عيسو هوشيار شڪاري ۽ جهنگ ۾ گذاريندڙ هو؛ ۽ يعقوب سادو ماڻهو ۽ تنبن ۾ رهندڙ هو. 28هاڻي اسحاق عيسوءَ کي پيار ڪندو هو؛ ڇالاءِ جو هو کيس پنهنجي شڪار جو گوشت کارائيندو هو، پر ربقہ جو پيار يعقوب تي هو. 29هڪڙي ڏينهن يعقوب ٻوڙ ويٺي رڌو تہ عيسو جهنگ مان آيو، ۽ ڏاڍو ٿڪل هو، 30۽ عيسوءَ يعقوب کي عرض ڪري چيو تہ انهيءَ ڳاڙهي ٻوڙ مان مون کي کاراءِ، ڇالاءِ جو آءٌ ماندو ٿو ٿيان: انهيءَ ڪري هن جو نالو ادوم (ڳاڙهو) پئجي ويو. 31تڏهن يعقوب چيو تہ اڄ تون پنهنجي پهريتي هئڻ جو حق مون کي وڪڻي ڏي. 32تنهن تي عيسوءَ چيو تہ ڏس، آءٌ مرڻ تي آهيان: ۽ پهريتي هئڻ جي حق مان مون کي ڪهڙو فائدو رسندو؟ 33تڏهن يعقوب چيو تہ اڄ مون سان قسم کڻ ۽ هن ساڻس قسم کنيو، ۽ پنهنجي پهريتي هئڻ جو حق يعقوب کي وڪڻي ڇڏيائين. 34پوءِ يعقوب، عيسوءَ کي ماني ۽ مسور جي دال ڏني، ۽ هو کائي پي اُٿيو ۽ پنهنجي واٽ وٺي هليو ويو. انهيءَ طرح عيسوءَ پنهنجي پهريتي هئڻ جي حق کي حقير سمجهيو.

Currently Selected:

پيدائش 25: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy