YouVersion Logo
Search Icon

پيدائش 24

24
1هاڻي ابرهام ٻڍو ۽ وڏي عمر جو ٿيو، ۽ خداوند سڀني ڳالهين ۾ ابرهام کي برڪت ڏني هئي. 2۽ ابرهام پنهنجي گهر جي سڀني کان پراڻي نوڪر کي سڏيو، جو سندس ساري ملڪيت جو خيال رکندو هو، ۽ چيائينس تہ مهرباني ڪري، پنهنجو هٿ منهنجي ران جي هيٺان رک: 3۽ خداوند، جو آسمان ۽ زمين جو خدا آهي، تنهن جو آءٌ تو کي قسم ٿو ڏيان، تہ جن ڪنعانين ۾ آءٌ رهان ٿو، تن جي ڌيئرن مان ڪنهن سان بہ منهنجي پٽ جي شادي نہ ڪرائج. 4پر تون منهنجي ملڪ ۾ منهنجن عزيزن ۾ وڃي، اُتان منهنجي پٽ اسحاق جي لاءِ زال وٺي اچ. 5تڏهن هن نوڪر چيس تہ شايد اها زال مون سان گڏ هن ملڪ ۾ اچڻ لاءِ راضي نہ ٿئي، تہ پوءِ آءٌ تنهنجي پٽ کي موٽائي انهيءَ ملڪ ۾ وٺي وڃان ڇا، جتان تون آيو آهين؟ 6تنهن تي ابرهام چيس تہ خبردار، متان منهنجي پٽ کي موٽائي انهيءَ ملڪ ۾ وٺي وڃين. 7خداوند آسمان جو خدا، جنهن مون کي منهنجي پيءُ جي گهر مان ۽ منهنجي وطن مان ڪڍي آندو، ۽ مون سان ڪلام ڪيو، ۽ مون سان قسم کڻي مون کي چيو تہ آءٌ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين ڏيندس؛ سو ئي پنهنجي فرشتي کي تنهنجي اڳيان موڪليندو، تہ تون اُتان منهنجي پٽ جي لاءِ زال وٺي اچين. 8۽ جي اها زال تون سان گڏ اچڻ لاءِ راضي نہ ٿئي، تہ پوءِ تون منهنجي هن قسم کان ڇٽل آهين؛ پر منهنجي پٽ کي بلڪل اوڏانهن وٺي نہ وڃج. 9پوءِ انهيءَ نوڪر پنهنجي مالڪ ابرهام جي ران جي هيٺان هٿ رکيو ۽ انهيءَ ڳالهہ بابت قسم کنيائين.
10پوءِ انهيءَ نوڪر پنهنجي مالڪ جي اُٺن مان ڏهہ اُٺ کنيا، ڇو جو سندس مالڪ جي ساري مال تي اختيار هوس: ۽ اٿي روانو ٿيو، ۽ مسوپتاميہ ۾ نحور جي شهر ۾ آيو. 11۽ شام جو، جنهن وقت زالون پاڻي ڀرڻ وينديون آهن، تنهن وقت شهر کان ٻاهر پاڻيءَ جي کوهہ وٽ اُٺ آڻي جهڪايائين. 12۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند، منهنجي مالڪ ابرهام جا خدا، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ اڄ تون منهنجي مراد پوري ڪر، ۽ منهنجي مالڪ ابرهام تي مهرباني ڪر. 13ڏس، آءٌ هن پاڻيءَ جي چشمي وٽ بيٺو آهيان، ۽ شهر جي ماڻهن جون ڌيون پاڻي ڀرڻ لاءِ ٿيون اچن. 14شل ائين ٿئي، تہ جنهن ڇوڪريءَ کي آءٌ چوان تہ مهرباني ڪري پنهنجو دلو لاهہ تہ آءٌ پاڻي پيان؛ ۽ هوءَ چوي تہ ڀلي پيءُ، ۽ آءٌ تنهنجن اُٺن کي بہ پاڻي پيارينديس؛ اُها ئي ڇوڪري تنهنجي طرفان تنهنجي ٻانهي اسحاق جي لاءِ مقرر ڪيل هجي؛ ۽ انهيءَ مان مون کي خبر پوندي تہ تو منهنجي مالڪ تي مهرباني ڪئي آهي. 15اڃا هن ايترو چئي بس ڪئي، تہ هيئن ٿيو جو ربقہ، جا ابرهام جي ڀاءُ نحور جي زال مالڪاہ جي پٽ بيتوايل مان پيدا ٿي هئي، سا دلو پنهنجي ڪلهي تي کڻي آئي. 16اها ڇوڪري ڪنواري، ۽ ڏاڍي سهڻي ۽ مرد کان ناواقف هئي: هوءَ چشمي ۾ هيٺ لهي ويئي ۽ دلو ڀري ٻاهر آئي. 17تڏهن اهو نوڪر ڊوڙي وڃي کيس گڏيو ۽ چيائينس تہ آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ پنهنجي دلي مان مون کي ٿورو پاڻي پيار. 18۽ هن چيو تہ منهنجا سائين، ڀلي پيءُ ۽ جهٽ دلو لاهي هٿ تي رکي کيس پاڻي پياريائين. 19جڏهن هن کي پاڻي پياري چڪي، تڏهن چيائينس تہ آءٌ تنهنجن اُٺن جي لاءِ بہ پاڻي ڀري ٿي اچان، جيسين ڪ هي پي ڍؤ ڪن. 20پوءِ هن جهٽ پنهنجي دلي جو پاڻي حوض ۾ هاري وڌو، ۽ وري پاڻي ڀرڻ لاءِ چشمي ڏانهن ڀڳي ۽ هن جي سڀني اُٺن لاءِ پاڻي ڀريائين. 21۽ هن ماڻهوءَ ڏانهنس چتائي نهاريو ۽ خيال پئي ڪيائين تہ خداوند منهنجو پنڌ سجايو ڪيو آهي يا نہ.
22۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اُٺن پاڻي پي بس ڪئي، تڏهن هن ماڻهوءَ هڪڙي اڌ سڪي تور جي سوني نٿ، ۽ ڏهن سڪن تور جا ٻہ سونا ڪنگڻ هن جي هٿ لاءِ ڪڍيا، 23۽ چيائين تہ ڀلائي ڪري ٻڌائينم تہ تون ڪنهن جي ڌيءَ آهين، ۽ تنهنجي پيءُ جي گهر ۾ اسان جي رهڻ لاءِ ڪا جاءِ آهي يا نہ؟ 24هن چيس تہ آءٌ بيتوايل جي ڌيءَ آهيان، جو ملڪاہ کي نحور مان پيدا ٿيو. 25۽ اهو بہ چيائينس تہ اسان وٽ گاهہ ۽ چارو ججهو ئي آهي، ۽ رهڻ جي جاءِ بہ آهي. 26تڏهن هن ماڻهوءَ پنهنجو ڪنڌ نمائي خداوند کي سجدو ڪيو. 27۽ چيائين تہ سڳورو آهي خداوند، منهنجي مالڪ ابرهام جو خدا، جنهن پنهنجي رحم ۽ راستيءَ کان منهنجي مالڪ ابرهام کي وانجهي نہ رکيو آهي: ۽ خداوند منهنجي رهبري ڪري مون کي منهنجي مالڪ جي ڀائرن ۾ آندو آهي. 28پوءِ انهيءَ ڇوڪريءَ ڊوڙي وڃي پنهنجيءَ ماءُ جي گهر ۾ اها ڳالهہ ٻڌائي. 29۽ ربقہ کي لابن نالي هڪڙو ڀاءُ هو، سو ڊوڙي انهيءَ ماڻهو وٽ چشمي تي ويو. 30۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن پنهنجيءَ ڀيڻ وٽ نٿ، ۽ هٿن ۾ ڪنگڻ ڏٺا، ۽ پنهنجيءَ ڀيڻ ربقہ جي ڳالهہ ٻڌائين، جنهن چيس تہ انهيءَ ماڻهوءَ مون کي هيئن چيو، تڏهن هو انهيءَ ماڻهوءَ وٽ آيو ۽ ڏٺائين تہ هو چشمي وٽ اُٺن جي ويجهو بيٺو آهي. 31۽ هن کي چيائين تہ اي خداوند جا مبارڪ؛ اندر هل، ٻاهر ڇو بيٺو آهين؟ مون گهر، ۽ اُٺن جي واسطي جاءِ، تيار ڪئي آهي. 32پوءِ هو ماڻهو گهر ۾ آيو، ۽ لابن اُٺن کي ڇوڙي انهن جي لاءِ هن کي گاهہ ۽ چارو ڏنو ۽ سندس، ۽ ساڻس جيڪي ٻيا ماڻهو هئا، تن جي پيرن ڌوئڻ لاءِ پاڻي بہ ڏنائين. 33پوءِ هنن جي اڳيان کائڻ لاءِ کاڌو رکيو ويو: پر هن چيو تہ جيسين آءٌ پنهنجو پيغام نہ ٻڌائيندس، تيسين ڪين کائيندس. تڏهن هنن چيس تہ ڀلي پنهنجو پيغام ٻڌاءِ.
34تنهن تي هن چيو تہ آءٌ ابرهام جو نوڪر آهيان. 35خداوند منهنجي مالڪ کي گهڻي برڪت ڏني آهي ۽ هو وڏو ماڻهو آهي: هن کيس ڌڻ، ڍور، چاندي، سون، غلام، ٻانهيون، اُٺ ۽ گڏهہ ڏنا آهن. 36۽ منهنجي مالڪ مان سندس زال سارہ کي پيريءَ ۾ پٽ ڄائو آهي، جنهن کي هن پنهنجو سڀ مال متاع ڏيئي ڇڏيو آهي. 37۽ منهنجي مالڪ مون کي قسم کڻائي چيو تہ جن ڪنعانين جي ملڪ ۾ آءٌ رهان ٿو، تن جي ڌيئرن مان ڪنهن سان بہ منهنجي پٽ جي شادي نہ ڪرائج. 38پر تون منهنجي پيءُ جي گهر ڏانهن منهنجن عزيزن ۾ وڃي، منهنجي پٽ جي لاءِ زال وٺي اچ. 39۽ مون پنهنجي مالڪ کي چيو تہ شايد اُها زال مون سان گڏ اچڻ لاءِ راضي نہ ٿئي. 40تڏهن هن مون کي چيو تہ جنهن خداوند جي حضور ۾ آءٌ هلان ٿو، سو پنهنجي فرشتي کي تو سان موڪليندو، ۽ تنهنجو پنڌ سجايو ڪندو؛ ۽ تون منهنجن عزيزن مان ۽ منهنجي پيءُ جي گهر مان منهنجي پٽ جي لاءِ زال آڻج. 41جڏهن تون منهنجن عزيزن وٽ ويندين، تڏهن تون منهنجي قسم کان ڇٽل ٿيندين. جيڪڏهن هو توکي اها نہ ڏين؛ پوءِ تون ڇٽل آهين. 42سو اڄ آءٌ هن چشمي تي آيس ۽ چيم تہ اي خداوند، منهنجي مالڪ ابرهام جا خدا، هيءَ مسافري، جا مون ڪئي آهي، سا جي تون سَجائي ڪرين، 43تہ ڏس، آءٌ پاڻيءَ جي چشمي وٽ بيٺو آهيان؛ ۽ هيئن ٿئي، تہ جيڪا ڇوڪري پاڻي ڀرڻ اچي، ۽ آءٌ چوانس تہ مهرباني ڪري مون کي پنهنجي دلي مان ٿورو پاڻي پيار؛ 44۽ هوءَ مون کي چوي تہ ڀلي تون بہ پيءُ ۽ آءٌ تنهنجن اُٺن کي بہ پاڻي پيارينديس: اها ئي زال خداوند جي طرفان منهنجي مالڪ جي پٽ لاءِ مقرر ڪيل هجي. 45اڃا پنهنجيءَ دل ۾ ايترو چئي بس ڪيم، تہ ربقہ پنهنجو دلو پنهنجي ڪلهي تي کڻي آئي؛ هوءَ چشمي ۾ هيٺ لهي ويئي ۽ پاڻي ڀريائين: تڏهن مون چيومانس تہ آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ مون کي پاڻي پيار. 46۽ هن جهٽ دلو ڪلهي تان لاهي چيو تون پاڻي پيءُ، ۽ آءٌ تنهنجن اُٺن کي بہ پاڻي پيارينديس: سو مون پاڻي پيتو ۽ هن منهنجن اُٺن کي بہ پاڻي پياريو. 47۽ مون هن کان پڇيو تہ تون ڪنهن جي ڌيءَ آهين؟ هن چيو تہ آءٌ نحور جي پٽ بيتوايل جي ڌيءَ آهيان، جو سندس زال ملڪاہ مان ڄائو هو: پوءِ مون هن جي نڪ ۾ نٿ ۽ هٿن ۾ ڪنگڻ پارايا. 48۽ مون پنهنجو ڪنڌ نمائي خداوند کي سجدو ڪيو، ۽ چيم تہ خداوند، منهنجي مالڪ ابرهام جو خدا سڳورو آهي، جنهن مون کي سنئين واٽ ڏيکاري، جو مون پنهنجي مالڪ جي ڀائٽي سندس پٽ لاءِ هٿ ڪئي. 49هاڻي جيڪڏهن اوهين منهنجي مالڪ سان مهرباني ۽ سچائيءَ سان هلڻ ٿا گهرو، تہ مون کي ٻڌايو، ۽ جي نہ، تہ بہ مون کي ٻڌايو تہ پوءِ آءٌ ساڄي يا کٻي وڃان.
50تڏهن لابن ۽ بيتوايل ورندي ڏيئي چيو تہ اها ڳالهہ خداوند جي طرفان آهي، اسين توکي چڱو يا مٺو چئي نٿا سگهون. 51اِجها ربقہ حاضر آهي، وٺي وڃينس تہ ڀلي خداوند جي چوڻ موجب تنهنجي مالڪ جي پٽ سان شادي ڪري. 52۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ابرهام جي نوڪر هن جي اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن زمين تي ڪنڌ جهڪائي خداوند کي سجدو ڪيائين. 53پوءِ هن نوڪر چانديءَ ۽ سون جا زيور، ۽ ڪپڙا ڪڍي ربقہ کي ڏنا: ۽ سندس ڀاءُ ۽ ماءُ کي بہ قيمتي شيون ڏنائين. 54پوءِ هن، ۽ ٻيا جيڪي ماڻهو ساڻس هئا، تن کاڌو ۽ پيتو ۽ سڄي رات اتي گذاريائون. جڏهن صبح جو اُٿيا، تڏهن هن چيو تہ هاڻي مون کي پنهنجي مالڪ ڏانهن روانو ڪريو. 55تنهن تي ربقہ جي ڀاءُ ۽ ماءُ چيو تہ ڇوڪريءَ کي ڪجهہ ڏينهن، يعني گهٽ ۾ گهٽ ڏهہ ڏينهن، اسان وٽ رهڻ ڏي، پوءِ هوءَ هلندي. 56پر هن کين چيو تہ مون کي نہ روڪيو، جو ڏسو ٿا تہ خداوند منهنجو پنڌ سجايو ڪيو آهي؛ مون کي موڪل ڏيو تہ آءٌ پنهنجي مالڪ وٽ وڃان. 57هنن چيو تہ اسين ڇوڪريءَ کي سڏي کانئس پڇون ٿا. 58سو هنن ربقہ کي سڏيو ۽ چيائونس تہ تون هن ماڻهوءَ سان ويندينءَ؟ ۽ هن چيو تہ وينديس. 59تڏهن هنن پنهنجي ڀيڻ ربقہ ۽ سندس دائيءَ، ۽ ابرهام جي نوڪر ۽ سندس ماڻهن کي موڪل ڏيئي روانو ڪيو، 60۽ ربقہ کي دعا ڪري چيائون تہ اسان جي ڀيڻ، شل تون هزارن ۽ لکن جي ماءُ ٿين، شل تنهنجو اولاد پنهنجي دشمن جي دروازي تي قبضو ڪري. 61پوءِ ربقہ ۽ سندس سهيليون اُٿي اُٺن تي چڙهيون، ۽ انهيءَ ماڻهوءَ جي پٺيان هليون، ۽ اهو نوڪر ربقہ کي وٺي روانو ٿيو.
62۽ اسحاق بيرلحي روئي واري رستي تان پئي آيو؛ ڇالاءِ جو هو ڏکڻ واري ملڪ ۾ رهندو هو. 63۽ اسحاق سانجهيءَ جي وقت غور ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ نڪري ويو، ۽ هن پنهنجون اکيون مٿي کڻي ڏٺو تہ اُٺ پيا اچن. 64۽ ربقہ پنهنجون اکيون مٿي کنيون ۽ اسحاق کي ڏسي اُٺ تان لهي پيئي. 65۽ نوڪر کان پڇيائين تہ هيءُ ماڻهو جو ميدان ۾ اسان کي گڏجڻ لاءِ پيو اچي، سو ڪير آهي؟ نوڪر چيو تہ اهو منهنجو مالڪ آهي: تڏهن هن برقعو کڻي پنهنجو منهن ڍڪيو. 66۽ نوڪر جيڪي ڪيو هو، سو سڀ اسحاق کي بيان ڪري ٻڌايائين. 67تڏهن اسحاق هن کي پنهنجي ماءُ سارہ جي تنبوءَ ۾ وٺي ويو. پوءِ هن ربقہ سان شادي ڪئي ۽ هوءَ سندس زال ٿي، ۽ هو کيس پيار ڪرڻ لڳو: ۽ اسحاق کي سندس ماءُ جي مرڻ کان پوءِ تسلي ملي.

Currently Selected:

پيدائش 24: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy