YouVersion Logo
Search Icon

پيدائش 26

26
1هاڻي ابرهام جي ڏينهن ۾ جو پهريون ڏڪار انهيءَ ملڪ ۾ پيو هو، تنهن کان پوءِ ٻيو بہ ڏڪار اچي پيو. ۽ اسحاق، فلستين جي بادشاهہ ابي ملڪ وٽ جرار ۾ ويو. 2۽ خداوند کيس ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ مصر ڏانهن نہ وڃ، پر جنهن ملڪ بابت آءٌ توکي چوان تنهن ۾ رهہ. 3تون هن ئي ملڪ ۾ رهي پئُہ، ۽ آءٌ توسان هوندس ۽ توکي برڪت ڏيندس: ڇالاءِ جو آءٌ هي سڀ ملڪ توکي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيندس؛ ۽ جيڪو قسم مون تنهنجي پيءُ ابرهام سان کنيو آهي، سو پورو ڪندس. 4آءٌ تنهنجو اولاد آسمان جي تارن وانگر وڌائيندس ۽ هي سڀ ملڪ تنهنجي اولاد کي ڏيندس؛ ۽ تنهنجي نسل مان زمين جي سڀني قومن کي برڪت ملندي؛ 5ڇالاءِ جو ابرهام منهنجو چوڻ مڃيو ۽ منهنجيءَ هدايت، ۽ منهنجن حڪمن، ۽ منهنجن قانونن، ۽ منهنجن قاعدن تي عمل ڪيائين.
6سو اسحاق جرار ۾ رهڻ لڳو: 7۽ انهيءَ هنڌ جي ماڻهن کانئس سندس زال بابت پڇيو؛ ۽ هن چيو تہ هوءَ منهنجي ڀيڻ آهي: ڇالاءِ جو هو پنهنجي زال چوڻ کان ڊنو ٿي، جو سمجهيائين تہ متان هن هنڌ جا ماڻهو ربقہ جي ڪري مون کي ماري وجهن: ڇو تہ هوءَ ڏسڻ ۾ سهڻي هئي. 8۽ هو اتي ڪيترائي ڏينهن رهيو، پوءِ هيئن ٿيو جو فلستين جي بادشاهہ دريءَ مان ٻاهر نهاريندي ڏٺو تہ اسحاق پنهنجيءَ زال ربقہ سان ويٺو لاڏ ڪري. 9تڏهن ابي ملڪ، اسحاق کي چيو تہ ڏس، مون کي پڪ آهي تہ هيءَ تنهنجي زال آهي، پوءِ تو ڪيئن چيو تہ هيءَ منهنجي ڀيڻ آهي؟ تڏهن اسحاق چيس تہ انهيءَ لاءِ تہ مون سمجهيو تہ متان هن جي ڪري آءٌ ماريو وڃان. 10تنهن تي ابي ملڪ چيو تہ تو اسان سان هي ڇا ڪيو؟ ائين تہ هنن ماڻهن مان ڪوبہ تنهنجيءَ زال سان صحبت ڪري سگهي ها، ۽ پوءِ تون اسان تي ڏوهہ مڙهين ها. 11پوءِ ابي ملڪ سڀني ماڻهن کي تاڪيد ڪري حڪم ڏنو تہ جيڪو هن ماڻهو يا سندس زال کي هٿ لائيندو، سو ضرور ماريو ويندو. 12۽ اسحاق انهيءَ زمين ۾ پوک ڪئي، ۽ ساڳئي سال سؤڻي پيدائش ٿيس، ۽ خداوند کيس برڪت ڏني. 13۽ هو شخص وڏو ٿيو ۽ وڌندو ويو، تان جو وڏو امير ٿي پيو: 14۽ وٽس ڌڻ، ۽ ڍور، ۽ گهڻيئي نوڪر هئا، تنهنڪري فلستي ساڻس حسد ڪرڻ لڳا. 15هاڻي، جيڪي کوهہ سندس پيءُ ابرهام جي ڏينهن ۾ ابرهام جي نوڪرن کوٽيا هئا، سي سڀ فلستين مٽيءَ سان ڀري بند ڪري ڇڏيا. 16۽ ابي ملڪ، اسحاق کي چيو تہ اسان وٽان هليو وڃ؛ ڇالاءِ جو تون اسان کان وڌيڪ زور وارو آهين. 17سو اسحاق اتان نڪتو ۽ جرار جي ماٿريءَ ۾ وڃي تنبو کوڙي رهيو. 18۽ پاڻيءَ جا کوهہ، جيڪي هنن سندس پيءُ ابرهام جي ڏينهن ۾ کوٽيا هئا، سي اسحاق وري کوٽايا؛ ڇالاءِ جو فلستين، ابرهام جي مرڻ کان پوءِ اُهي بند ڪري ڇڏيا هئا. ۽ انهن تي اهي ئي نالا بہ رکيائين، جيڪي پڻس رکيا هئا. 19جڏهن اسحاق جي نوڪرن انهيءَ ماٿريءَ ۾ زمين کوٽي، تڏهن هڪڙو کوهہ لڌائون جنهن ۾ پاڻيءَ جو چشمو هو. 20۽ جرار جي ڌنارن، اسحاق جي ڌنارن سان جهيڙو ڪيو ۽ چيائون تہ هي پاڻي اسان جو آهي: ۽ هن انهيءَ چشمي جو نالو عسق (جهيڙو) رکيو، ڇو تہ هنن ساڻس جهيڙو ڪيو. 21پوءِ هنن ٻيو کوهہ کوٽيو ۽ انهي تان بہ انهن جهيڙو ڪيو، ۽ هن انهي جو نالو ستنہ (دشمني) رکيو. 22پوءِ هو اتان وڌي اڳتي ويو ۽ هڪڙو ٻيو کوهہ کوٽيائين؛ ۽ انهيءَ تان هنن تڪرار ڪونہ ڪيو. تنهنڪري انهي جو نالو رحوبوت (ڪشادو) رکيائين ۽ چيائين تہ هاڻي خداوند اسان کي جاءِ ڏني آهي، ۽ اسين هن ملڪ ۾ وڌنداسين.
23اتان هو بيرسبع ڏانهن ويو. 24۽ انهيءَ ساڳيءَ رات خداوند کيس ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ آءٌ تنهنجي پيءُ جو خدا آهيان: تون ڊپ نہ ڪر، ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان. آءٌ توکي برڪت ڏيندس ۽ پنهنجي ٻانهي ابرهام جي ڪري، تنهنجو اولاد وڌائيندس. 25پوءِ هن اتي هڪڙي قربانگاهہ جوڙي، ۽ خداوند کان دعا گهريائين، ۽ اتي پنهنجو تنبو کوڙيائين، ۽ اتي اسحاق جي نوڪرن هڪڙو کوهہ کوٽيو. 26پوءِ ابي ملڪ جرار مان وٽس آيو، ۽ هن جو دوست اَخوزت، ۽ سپهہ سالار فيڪل بہ هن سان گڏ هئا. 27۽ اسحاق هنن کي چيو تہ جڏهن اوهين منهنجي حقارت ٿا ڪريو، ۽ مون کي پاڻ وٽان ڪڍي ڇڏيو اٿوَ، تڏهن مون وٽ ڇو آيا آهيو؟ 28تنهن تي هنن چيو تہ اسان چٽيءَ طرح ڏٺو آهي، تہ خدا تو ساڻ آهي؛ سو اسان چيو تہ هاڻي اسين، يعني اسين ۽ تون، پاڻ ۾ قسم کڻون، ۽ اسين تو سان عهد ڪريون. 29۽ جيئن اسان توکي هٿ نہ لاتو آهي ۽ نيڪيءَ کان سواءِ تو سان ٻيو ڪي بہ ڪين ڪيو اٿئون، ۽ توکي صحيح سلامت روانو ڪيوسين؛ تيئن تون بہ اسان سان ڪا برائي نہ ڪندين، جو هاڻ تون خداوند جو مبارڪ آهين. 30تڏهن هن سندن مهماني ڪئي ۽ هنن کاڌو پيتو، 31۽ هو صبح جو سوير اُٿيا ۽ هڪ ٻئي سان قسم کنيائون. پوءِ اسحاق کين موڪل ڏني ۽ هو صحيح سلامت وٽانئس روانا ٿيا. 32۽ انهيءَ ساڳئي ڏينهن هيئن ٿيو جو اسحاق جي نوڪرن اچي کيس چيو تہ جيڪو کوهہ اسان کوٽيو هو، تنهن مان پاڻي نڪتو آهي. 33سو هن انهيءَ جو نالو سبع رکيو، تنهنڪري اڄ ڏينهن تائين انهي شهر جو نالو بيرسبع ٿو سڏجي.
34جڏهن عيسو چاليهن ورهين جو ٿيو، تڏهن بيري حتيءَ جي ڌيءَ يهودٿا، ۽ ايوان حتيءَ جي ڌيءَ بشامٿا سان شادي ڪيائين. 35۽ انهن اسحاق ۽ ربقہ کي ڏاڍو ڏک ڏنو.

Currently Selected:

پيدائش 26: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy