YouVersion Logo
Search Icon

پيدائش 23

23
1هاڻي سارہ جي عمر هڪ سؤ ستاويهہ ورهيہ هئي: سارہ جي حياتي ايترن سالن جي هئي. 2۽ سارہ ڪنعان جي ملڪ ۾ قريت اربع، يعني حبرون ۾ وفات ڪئي ۽ ابرهام سارہ جي لاءِ ماتم ڪيو ۽ رنو. 3پوءِ ابرهام پنهنجي مردي وٽان اٿي، حت جي پٽن کي چيو تہ 4آءٌ اوهان وٽ ڌاريو ۽ مسافر آهيان: مون کي پاڻ وٽ قبرستان جي لاءِ زمين جو ٽڪر ڏيو تہ آءٌ پنهنجو مردو پنهنجيءَ نظر کان پاسي ڪري، اتي دفن ڪريان. 5تڏهن حت جي پٽن ابرهام کي ورندي ڏيئي چيو تہ 6اي سائين، اسان جي ڳالهہ ٻڌ، تون اسان جي وچ ۾ هڪڙو وڏو امير آهين، اسان جي قبرستان ۾ جيڪا قبر توکي وڻي، تنهن ۾ پنهنجو مردو دفن ڪر، اسان مان ڪوبہ توکي پنهنجيءَ قبر کان منع نہ ڪندو، ڀلي تون پنهنجو مردو دفن ڪر. 7تڏهن ابرهام اٿي انهن ماڻهن، يعني حت جي پٽن اڳيان ڪنڌ نمايو. 8۽ چيائين تہ جيڪڏهن اوهان جي مرضي آهي تہ آءٌ پنهنجو مردو پنهنجيءَ نظر کان پاسي ڪري دفن ڪريان، تہ منهنجي ڳالهہ ٻڌو، صحر جي پٽ عفرون کي منهنجي سفارش ڪريو، 9تہ هو مڪفيلہ جو غار، جو سند ملڪيت آهي، ۽ سندس ٻنيءَ جي پڇاڙيءَ ۾ آهي، تنهن جي پوري قيمت وٺي مون کي ڏي؛ تہ اوهان جي وچ ۾ هڪڙو قبرستان منهنجي ملڪيت ٿئي. 10هاڻي عفرون اتي حت جي پٽن جي وچ ۾ ويٺو هو: سو انهن سڀني جي اڳيان، ۽ جيڪي حت جا پٽ سندس شهر جي دروازي مان اندر ٿي آيا، تن جي روبرو ابرهام کي چوڻ لڳو، 11تہ منهنجا سائين، منهنجي ڳالهہ ٻڌ، اها ٻني ۽ جيڪو غار منجهس آهي، سي ٻئي آءٌ توکي مفت ۾ ٿو ڏيان، اهي آءٌ پنهنجيءَ قوم جي پٽن جي روبرو توکي ٿو ڏيان: تون ڀلي پنهنجو مردو دفن ڪر. 12تڏهن ابرهام انهيءَ ملڪ جي ماڻهن جي اڳيان ڪنڌ نمايو. 13۽ هن انهيءَ ملڪ جي ماڻهن جي روبرو عفرون کي چيو تہ جي تون راضي آهين، تہ آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان، تہ منهنجي ڳالهہ ٻڌ؛ آءٌ ٻنيءَ جي قيمت ڏيان ٿو، اها مون کان وٺ، تہ پوءِ آءٌ اتي پنهنجو مردو دفن ڪريان. 14تڏهن عفرون ابرهام کي ورندي ڏيئي چيو تہ 15منهنجا سائين، منهنجي ڳالهہ ٻڌ، هن زمين جي ٽڪر جي قيمت چانديءَ جا چار سؤ سڪا آهن، سي تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ڇا آهن؟ تون ڀلي پنهنجو مردو دفن ڪر. 16۽ ابرهام، عفرون جي ڳالهہ قبول ڪئي؛ ۽ ابرهام اوتري چاندي، جيتري هن حت جي پٽن جي روبرو چئي هئي، يعني چانديءَ جا چار سؤ سڪا، جي واپارين ۾ چالو هئا، سي توري ڏنائينس. 17انهيءَ طرح عفرون جي اها ٻني، جا مڪفيلہ ۾ ممري جي سامهون هئي، ۽ غار جو منجهس هو، ۽ جيڪي وڻ ٻنيءَ ۾، ۽ انهيءَ جي چئني حدن ۾ هئا تن سوڌي، 18حت جي پٽن ۽ جيڪي هن جي شهر جي دروازي جي اندر آيا ٿي، تن جي روبرو ابرهام کي پڪيءَ طرح قبضي ۾ ملي. 19تنهن کان پوءِ ابرهام پنهنجيءَ زال سارہ کي مڪفيلہ واريءَ ٻنيءَ جي غار ۾، جو ممري، يعني حبرون جي سامهون ڪنعان جي ملڪ ۾ آهي؛ اتي دفن ڪيو. 20۽ اُها ٻني ۽ جيڪو غار منجهس آهي، سي حت جي پٽن، قبرستان جي لاءِ پڪيءَ طرح ابرهام جي قبضي ۾ ڏنا.

Currently Selected:

پيدائش 23: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy