حزقي ايل 8
8
1۽ ڇهين سال ۾ ڇهين مهيني جي پنجين تاريخ، هيئن ٿيو تہ آءٌ پنهنجي گهر ويٺو هوس، ۽ يهوداہ جا بزرگ بہ منهنجي اڳيان ويٺا هئا، تہ خداوند جو هٿ اُتي منهنجي مٿان اچي پيو. 2تڏهن مون نهاريو تہ باهہ جهڙي هڪڙي شڪل ڏٺم؛ ان جي چيلهہ کان هيٺ باهہ نظر آئي: ۽ ان جي چيلهہ کان مٿي عنبير جهڙي روشنائي. 3۽ هٿ جهڙي صورت ڊگهي ڪري هن منهنجي مٿي جي وارن جي هڪڙي چڳ ورتي؛ ۽ روح مون کي آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ مٿي کڻي، خداوند جي رويائن ۾، يروشلم جي اندرئين ايوان جي اُتر واري دروازي وٽ آڻي لاٿو؛ جتي حسد جي مورت رکيل هئي، جا حسد پيدا ڪري ٿي. 4۽ ڏسو، اسرائيل جي خدا جو جلال، جهڙي طرح مون ميدان ۾ ڏٺو هو، تهڙي طرح اُتي بہ ڏٺم. 5تڏهن هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، هاڻي تون پنهنجون اکيون اُتر ڏانهن کڻ. ان موجب مون پنهنجون اکيون اُتر ڏانهن کنيون ۽ قربانگاهہ جي دروازي تي اُتر پاسي، لنگهہ جي جاءِ تي اُها ئي حسد جي مورت هئي. 6۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، ڪي ڏسين ٿو تہ هو ڇا ٿا ڪن؟ اسرائيل جو گهراڻو اُتي وڏيون گندگيون ٿو ڪري، انهي لاءِ تہ آءٌ پنهنجي پاڪ مڪان کان پري هليو وڃان؛ پر تون اڃا بہ ٻيون وڏيون گندگيون وري ڏسندين. 7پوءِ هن مون کي ايوان جي در وٽ آندو؛ ۽ نهاريم تہ ڀت ۾ هڪڙو ٽُنگ نظر آيم. 8تڏهن هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، هاڻي تون ڀت کوٽ: ۽ جڏهن مون ڀت کوٽي تہ در ڏٺم. 9۽ هن مون کي چيو تہ انهي مان اندر لنگهي وڃي ڏس تہ هو ڪهڙيون نہ گندگيون اُتي ڪن ٿا. 10مون اندر گهڙي نهاريو تہ ڇا ٿو ڏسان تہ هر قسم جا سرندڙ ۽ ڪراهت جهڙا جانور ۽ اسرائيل جي گهراڻي جا سڀ بُت، چوڌاري ڀت تي تصويرن وانگي نڪتل آهن. 11۽ اُتي اُنهن جي اڳيان اسرائيل جي گهراڻي جا بزرگ، ڪل ستر ڄڻا بيٺل آهن، ۽ انهن جي وچ ۾ يازنياہ بن سافن بيٺو آهي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهو کي هٿ ۾ لوبان ساڙڻ جو باسڻ هو، ۽ لوبان جي دونهين جي بانس مٿي پئي چڙهي. 12تڏهن هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، ڪي ڏسين ٿو تہ اسرائيل جي گهراڻي جا سڀ بزرگ پنهنجن پنهنجن بُتن جي ڪوٺين ۾ اونداهيءَ ۾ ڇا ٿا ڪن؟ ڇالاءِ جو هو چون ٿا تہ خداوند اسان کي نٿو ڏسي؛ خداوند زمين کي ڇڏي ڏنو آهي. 13هن مون کي هي بہ چيو، تہ اڃا بہ تون ٻيا وڏا ڪراهت جهڙا ڪم ڏسندين، جي هو ڪن ٿا. 14تڏهن هن مون کي خداوند جي گهر جي دروازي وٽ آندو، جو اُتر پاسي هو؛ ۽ ڏسو، اُتي زالن تموز لاءِ ويٺي رُنو. 15تڏهن هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، تو هي ڏٺو آهي؟ تون اڃا هنن کان بہ وڏا ڪراهت جهڙا ڪم ڏسندين. 16۽ هن مون کي خداوند جي گهر جي اندرئين ايوان ۾ آندو ۽ ڏسو، اُتي خداوند جي هيڪل جي در وٽ، اڳ واري ورانڊي ۽ قربانگاهہ جي وچ ۾، اٽڪل پنجويهہ ماڻهو بيٺا هئا، جن جون پٺيون خداوند جي هيڪل ڏي هيون، ۽ سندن منهن اُڀرندي ڏي هئا؛ ۽ انهن اُڀرندي ڏانهن سج جي عبادت پي ڪئي. 17تڏهن هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، تو هي ڏٺو آهي؟ تہ يهوداہ جو گهراڻو جو هي گندگيون ٿو ڪري، سو اها هلڪي ڳالهہ آهي ڇا؟ ڇالاءِ جو هنن ملڪ کي ظلم زبردستيءَ سان ڀري ڇڏيو آهي، ۽ مون کي ڪاوڙ ڏيارڻ لاءِ ڦري ويا آهن: ۽ ڏس، هو ٽاري پنهنجي نڪ وٽ ٿا آڻين. 18تنهنڪري آءٌ بہ هنن سان قهر جي هلت ڪندس: منهنجي اک گذر نہ ڪندي، ۽ نہ مون کي رحم ايندو: ۽ جيتوڻيڪ هو وڏيون رڙيون ڪري منهنجن ڪَنن ۾ پڪاريندا، تہ بہ آءٌ هنن جي ڪين ٻڌندس.
Currently Selected:
حزقي ايل 8: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.