Bible App logo
Search Icon

حزقي ايل 7

7
1اُنهي کان سواءِ هي بہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 2اي آدمزاد، خداوند خدا اسرائيل جي ملڪ کي ٿو فرمائي تہ پڇاڙي، يعني ملڪ جي چئني ڪُنڊن تي پڇاڙي آئي آهي. 3هاڻي تنهنجي پڇاڙي اچي پهتي آهي، ۽ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ توتي ڇنڊيندس، ۽ تنهنجن ڪمن موجب تنهنجي عدالت ڪندس؛ ۽ تنهنجا سڀ ڪراهت جهڙا ڪم توتي آڻيندس. 4۽ منهنجي اک توکي ڇڏي نہ ڏيندي، ۽ نہ مون کي ڪو رحم ايندو: پر آءٌ تنهنجون واٽون توتي آڻيندس، ۽ تنهنجا ڪراهت جهڙا ڪم تنهنجي وچ ۾ هوندا: ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.
5خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ خرابي، بي مثل خرابي، ڏس اُها اچي ٿي. 6پڇاڙي اچي پهتي آهي، اها پڇاڙي اچي پهتي آهي، بلڪ توتي چڙهي آئي آهي؛ ڏس، اُها اچي ٿي. 7اي زمين جا رهاڪو، تنهنجي سزا توتي آئي آهي: وقت اچي پهتو آهي، ڏينهن اچي ويجهو پيو آهي، نہ جبلن تان خوشيءَ جي نعرن هڻڻ جو ڏينهن، پر گوڙ گڙٻڙ جو ڏينهن. 8هاڻي جلدي آءٌ پنهنجي ڪاوڙ توتي ڇنڊيندس، ۽ پنهنجو غصو توتي پورو ڪندس، ۽ تنهنجن ڪمن موجب تنهنجي عدالت ڪندس؛ ۽ تنهنجا سڀ ڪراهت جهڙا ڪم توتي آڻيندس. 9۽ منهنجي اک توکي ڇڏي نہ ڏيندي، ۽ نہ مون کي ڪو رحم ايندو، پر آءٌ توکي تنهنجن ڪمن موجب سزا ڏيندس، ۽ تنهنجا سڀ ڪراهت جهڙا ڪم تنهنجي وچ ۾ هوندا؛ ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند مارڻ وارو آهيان. 10ڏس، اُهو ڏينهن اچي ٿو: تنهنجي سزا نڪتي آهي؛ لٺ ٻور جهليو آهي؛ مغروريءَ مُکڙيون ڪڍيون آهن. 11ظلم اُڀري شرارت جي لٺ ٿيو آهي؛ هنن مان ڪوبہ ڪونہ رهندو، نہ سندن جماعت مان ۽ نہ سندن دولت مان، ۽ نہ هنن ۾ ڪا بزرگي رهندي. 12وقت اچي پهتو آهي، ڏينهن ويجهو ايندو وڃي: خريد ڪندڙ خوشي نہ ڪري، ۽ نہ وڪڻندڙ غم ڪري، ڇالاءِ جو انهن جي سڄي جماعت تي غضب نازل ٿيو آهي. 13ڇالاءِ جو وڪڻندڙ وري وڪڻيل شيءِ وٽ موٽي نہ ايندو، جيتوڻيڪ اُهي اڃا جيئرا هوندا: ڇالاءِ جو اهو رويا سڄي جماعت لاءِ آهي؛ ڪوبہ ڪونہ موٽندو، ۽ نڪو پاڻ کي پنهنجيءَ حياتيءَ جي بدڪاريءَ ۾ مضبوط ڪندو. 14هنن قرناءِ وڄائي آهي، ۽ سڀ ڪجهہ تيار ڪيو اٿن؛ پر ڪوبہ جنگ ڪرڻ ڪونہ ٿو وڃي: ڇالاءِ جو منهنجو غضب انهي جي ساري جماعت تي نازل ٿيو آهي. 15ترار ٻاهران آهي، ۽ مري ۽ ڌڪار اندر وچ ۾ آهن: جيڪو ٻنيءَ ۾ آهي سو ترار سان مرندو، ۽ جيڪو شهر ۾ آهي، تنهن کي ڏڪار ۽ مرض ناس ڪندو. 16پر جيڪي هنن مان ڀڄي نڪرندا سي بچندا، ۽ وادين جي ڪبوترن وانگي جبلن تي هوندا، ۽ انهن مان هرڪو پنهنجي بدڪاريءَ جي سبب ماتم ڪندو. 17سڀ هٿ سست ٿيندا، ۽ سڀ گوڏا پاڻيءَ جهڙا ضعيف ٿيندا. 18هو پنهنجي چيلهہ سان کٿا بہ ٻَڌندا، ۽ خوف هنن کي ڍڪي ڇڏيندو؛ ۽ سڀني جي منهن تي شرم هوندو، ۽ انهن سڀني جا مٿا گنجا هوندا. 19هو پنهنجي چاندي گهٽين ۾ اُڇلائيندا، ۽ هنن جو سون ناپاڪ شيءِ جهڙو ٿيندو؛ هنن جي چاندي ۽ هنن جو سون خداوند جي ڪاوڙ جي ڏينهن هنن کي ڇڏائي نہ سگهندو؛ هو پنهنجن روحن کي راضي نہ ڪندا، ۽ نہ هو پنهنجو پيٽ ڀري سگهندا: ڇالاءِ جو اُهو هنن جي بدڪاريءَ جو آٿڙائڻ وارو پهڻ ٿيو آهي. 20باقي هن جي زيور جي سونهن، سا هنن وڏائي لاءِ رکي: ۽ هن پنهنجي ڪراهت جهڙين شين، ۽ نفرت جهڙين شين جون مورتون انهي مان جوڙيون: تنهنڪري مون انهن کي سندن لاءِ ناپاڪ ڪيو. 21۽ اُهو آءٌ ڌارين ماڻهن جي هٿن ۾ شڪار ڪري ڏيندس، ۽ زمين جي شريرن کي لٽ جو مال ڪري ڏيندس؛ ۽ اُهي هن کي ناپاڪ ڪندا. 22پنهنجو منهن بہ آءٌ هنن کان ڦيرائيندس، ۽ هو منهنجي اندرين جاءِ ناپاڪ ڪندا: ۽ چور انهي ۾ گهڙندا ۽ انهي کي ناپاڪ ڪندا. 23زنجير ٺاهہ، ڇالاءِ جو ملڪ خونريزيءَ جي ڏوهن سان ڀريو پيو آهي، ۽ شهر ظلم سان ڀريل آهي. 24تنهنڪري آءٌ غير قومن مان تمام خراب ماڻهو آڻيندس، ۽ اُهي هنن جي گهرن جا مالڪ ٿيندا: آءٌ زور وارن جو فخر بہ ڀڃي ڇڏيندس، ۽ هنن جون پاڪ جايون ناپاڪ ڪيون وينديون. 25خرابي اچي ٿي، ۽ هو خير سلامتي ڳوليندا، پر اُها ڪانہ لڀندا. 26نقصان تي نقصان ايندو، ۽ افواهہ تي افواهہ هوندي؛ ۽ هو نبيءَ جي رويا ڳوليندا، پر شريعت ڪاهنن کان نڪري ويندي ۽ صلاح مصلحت بزرگن کان. 27بادشاهہ ماتم ڪندو، ۽ اميرن تي حيرت غالب ٿيندي، ۽ رعيت جا هٿ ڏڪندا: آءٌ هنن جي چال موافق ساڻن هلت ڪندس، ۽ سندن ڪمن موجب آءٌ هنن جي عدالت ڪندس: ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.

Currently Selected:

حزقي ايل 7: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in