Bible App logo
Search Icon

حزقي ايل 9

9
1تڏهن هن وڏي آواز سان منهنجي ڪَنن ۾ پڪاري چيو، تہ جن جي هٿ ۾ شهر جو انتظام آهي، تن کي سڏائي ويجهو آڻ، ۽ هرڪو پنهنجو مارڻ جو هٿيار هٿ ۾ کڻي اچي. 2۽ ڏسو، جيڪو مٿيون دروازو اُتر ڏانهن آهي، انهي مان ڇهہ ماڻهو آيا، هر ڪنهن کي قتل ڪرڻ جو هٿيار هٿ ۾ هو؛ ۽ انهن جي وچ ۾ هڪڙو ماڻهو سڻيءَ جي پوشاڪ سان هو، جنهن جي چيلهہ ۾ ڪاتبن وارو قلمدان هو. ۽ اُهي اندر لنگهي وڃي پتل واري قربانگاهہ جي پاسي ۾ بيٺا. 3۽ اسرائيل جي خداوند جو جلال، جو ڪروبي تي هو، سو اُتان نڪري گهر جي چانئٺ تي وڃي بيٺو: ۽ جنهن سڻيءَ جي پوشاڪ پيل ماڻهو جي چيلهہ ۾ ڪاتبن جو قلمدان هو، تنهن کي هن سڏيو. 4۽ خداوند هن کي چيو تہ شهر جي وچان، يعني يروشلم جي وچان، لنگهي وڃ ۽ انهي منجهہ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم ڪرڻ ۾ ٿا اچن، تن لاءِ جيڪي ماڻهو آهون ۽ دانهون ڪن ٿا، تن جي پيشانين تي نشان ڪر. 5۽ ٻين کي هن منهنجي ٻڌندي چيو، تہ اوهين هن جي پٺيان شهر منجهان وڃو ۽ ماريو: پنهنجي اک کي گذر ڪرڻ نہ ڏيو، ۽ نڪو رحم ڪريو: 6ٻڍي توڙي جوان، ڪنواري توڙي ننڍن ٻارن ۽ زالن کي اصل قتل ڪري ڇڏيو: پر جنهن ماڻهوءَ تي نشان هجي، انهي کي ويجهو نہ اچجو؛ ۽ منهنجي پاڪ مڪان کان شروع ڪريو. تڏهن هنن بزرگن کان شروع ڪيو، جي گهر جي اڳيان هئا. 7۽ هن انهن کي چيو تہ گهر کي ناپاڪ ڪريو، ۽ ايوان ڪُٺلن سان ڀري ڇڏيو: نڪري هلو. پوءِ هو نڪري ويا ۽ شهر ۾ ڪوس ڪرڻ لڳا. 8۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن پئي ماڻهو ماريا، ۽ مون کي ڇڏي ڏنائون، تڏهن آءٌ منهن ڀر ڪِري پيس، ۽ دانهون ڪري چوڻ لڳس تہ هاءِ، اي خداوند خدا، يروشلم تي پنهنجي ڪاوڙ ڇنڊڻ ۾ تون اسرائيل جا باقي رهيل سڀ ماڻهو ناس ڪري ڇڏيندين ڇا؟ 9تڏهن هن مون کي چيو تہ اسرائيل ۽ يهوداہ جي گهراڻي جو گناهہ تمام وڏو آهي، ۽ ملڪ خون سان ۽ شهر بي انصافي سان ڀريو پيو آهي: ڇالاءِ جو هو چون ٿا تہ خداوند زمين کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ خداوند ڏسي نٿو. 10۽ منهنجي بہ اک گذر نہ ڪندي، نڪي آءٌ رحم ڪندس، پر آءٌ هنن جي واٽ سندن مٿي تي آڻيندس. 11۽ ڏسو، جنهن سڻيءَ جي پوشاڪ پيل ماڻهوءَ کي ڪمر ۾ قلمدان هو، تنهن اطلاع ڏئي چيو تہ جيئن تو حڪم ڏنو آهي، تيئن مون ڪيو آهي.

Currently Selected:

حزقي ايل 9: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in