حزقي ايل 6
6
1۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 2اي آدمزاد، تون پنهنجو منهن اسرائيل جي جبلن ڏانهن ڪر ۽ انهن جي برخلاف نبوت ڪر 3۽ چئُہ تہ اي اسرائيل جا جبل، خداوند خدا جو ڪلام ٻڌو: خداوند خدا جبلن کي ۽ ٽڪرن کي، نهرن کي ۽ وادين کي هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ، بلڪ آءٌ پاڻ، اوهان تي ترار نازل ڪندس، ۽ اوهان جا سڀ مٿانهان مڪان ناس ڪندس. 4۽ اوهان جون قربانگاهون سڀ ويران ٿينديون، ۽ اوهان جون سج جون مورتون ڀڄي پونديون، ۽ آءٌ اوهان جا ڪُٺل ماڻهو اوهانجن بُتن جي اڳيان اُڇلائي وجهندس. 5۽ آءٌ بني اسرائيل جا مڙهہ سندن بُتن جي اڳيان رکندس؛ آءٌ اوهان جا هڏا اوهانجين قربانگاهن جي آس پاس پکيڙيندس. 6اوهانجن سڀني رهڻ وارن هنڌن جا شهر ويران ڪيا ويندا، ۽ مٿانهان مڪان سڃا ڪيا ويندا؛ تہ اوهانجون قربانگاهون ويران ۽ سُڃيون ٿي وڃن، ۽ اوهان جا بُت ڀڄي پون ۽ نابود ٿي وڃن، ۽ اوهان جون سج جون مورتون وڍجي ڪِري پون، ۽ اوهان جي ڪاريگريءَ جا ڪم ناس ٿي وڃن. 7۽ ڪُٺل ماڻهو اوهان جي وچ ۾ ڪِرندا، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان. 8تنهن هوندي بہ آءٌ ڪجهہ باقي ڇڏيندس، جي اوهان مان ترار کان بچي نڪري قومن ۾ ويندا؛ ۽ انهي وقت اوهين ملڪن ۾ ڇڙوڇڙ ٿي ويندا. 9۽ جيڪي اوهان مان ڀڄي نڪرندا، سي جن قومن ۾ قيد ٿي کڄي ويندا، تن ۾ مون کي ياد ڪندا، تہ ڪيئن نہ مون سندن زناڪار دل، جا مون کان پري ٿي آهي، ۽ سندن اکيون، جي سندن بُتن جي پٺيان زناڪاري ڪنديون وتن، تن کي ڀڃي ڇڏيو آهي: ۽ جيڪي خرابيون هنن پنهنجن سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن سان ڪيون آهن، تن جي ڪري هو خود پنهنجي نظر ۾ پاڻ کي نفرتي ڄاڻندا. 10۽ هنن کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان: مون اها ڳالهہ اجائي نہ ڪئي آهي تہ آءٌ هنن تي هيءَ خرابي آڻيندس.
11خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ پنهنجي هٿ سان ڌڪ هڻ، ۽ پنهنجو پير زمين تي هڻ، ۽ چئُہ تہ افسوس آهي بني اسرائيل جي سڀني خراب ڪراهت جهڙن ڪمن تي: ڇالاءِ جو اُهي سڀ ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان ڪِرندا. 12جيڪو پري آهي سو مرض جي ڪري مرندو؛ ۽ جيڪو ويجهو آهي سو ترار سان ڪِرندو؛ ۽ جيڪو باقي بچندو، سو گهيرجي ويندو ۽ ڏڪار سان مرندو. انهي طرح آءٌ پنهنجو غضب انهن تي پورو ڪندس. 13۽ اوهين تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن هنن جا ڪُٺل ماڻهو، سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ تي، سڀني جبلن جي چوٽين تي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ، ۽ سڀ ڪنهن شاهہ بلوط جي وڻ هيٺ، جتي هو پنهنجن سڀني بُتن لاءِ خوشبودار نذرانا چاڙهيندا هئا، اُتي سندن قربانگاهن جي چوڌاري، سندن بُتن جي وچ ۾، پيا رهندا. 14۽ آءٌ هنن تي پنهنجو هٿ ڊگهيريندس، ۽ بيابان کان وٺي دبلا تائين هنن جي سڀني رهڻ وارن هنڌن ۽ ملڪن کي ويران ۽ غير آباد ڪندس: ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.
Currently Selected:
حزقي ايل 6: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.