Bible App logo
Search Icon

حزقي ايل 5

5
1۽ اي آدمزاد، تون هڪڙي تکي ترار کڻ ۽ حجام جي پاڪيءَ وانگي اُها پنهنجي مٿي تي ۽ ڏاڙهيءَ تي گهماءِ: پوءِ تورڻ لاءِ هڪڙي ساهمي آڻ، ۽ انهن وارن جا حصا ڪر. 2انهي جون ٽيون حصو، گهيري جي ڏينهن پوري ٿيڻ کانپوءِ شهر جي وچ ۾ باهہ سان ساڙ؛ ۽ ٽيون حصو کڻي انهي کي ترار سان هيڏي هوڏي ڌڪ هڻ؛ ۽ ٽيون حصو هوا ۾ پکيڙي ڇڏ، ۽ آءٌ انهن جي پٺيان ترار ڪڍندس. 3۽ انهن مان ڪي ٿورا کڻي پنهنجي دامن ۾ ٻڌي ڇڏ. 4۽ انهن مان وري ڪي کڻي باهہ جي وچ ۾ اُڇلائي وجهہ، ۽ اُهي باهہ ۾ ساڙي ڇڏ؛ انهن مان هڪڙي باهہ نڪرندي، جا اسرائيل جي سڄي گهراڻي کي لڳي ويندي.
5خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هي يروشلم آهي؛ مون انهي کي قومن جي وچ ۾ رکيو آهي ۽ انهي جي چوڌاري ٻيا ملڪ آهن. 6۽ انهي منهنجي حڪمن جي برخلاف بغاوت ڪئي آهي، جو ٻين قومن کان وڌيڪ شرارت ڪئي اٿس، ۽ منهنجن قانونن جي، پنهنجي آس پاس وارن ملڪن کان وڌيڪ انحرافي ڪئي اٿس: ڇالاءِ جو هنن منهنجا حڪم رد ڪري ڇڏيا آهن ۽ هو منهنجن قانونن تي ڪين هليا آهن. 7تنهنڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪي قومون اوهان جي آس پاس آهن، تن کان اوهين وڌيڪ فسادي آهيو، ۽ منهنجن قانونن تي نہ هليا آهيو، ۽ نہ منهنجن فيصلن جي سنڀال ڪئي اٿوَ، نڪي پنهنجي آس پاس وارين قومن جي حڪمن تي عمل ڪيو اٿوَ؛ 8تنهنڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ، بلڪ آءٌ پاڻ، تنهنجي برخلاف آهيان؛ آءٌ تنهنجي وچ ۾ قومن جي روبرو عدالتن جي تعميل ڪندس. 9۽ تنهنجي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن سبب آءٌ تو ۾ اُهو ڪم ڪندس جو مون اڳي نہ ڪيو آهي، ۽ نہ ڪڏهن وري ٿيندو. 10تنهنڪري تنهنجي وچ ۾ پيءُ پٽن کي کائيندا، ۽ پٽ پيئرن کي کائيندا؛ ۽ آءٌ تو ۾ عدالتن جي تعميل ڪندس، ۽ تنهنجا باقي بچيل سڀ ماڻهو سڀني ڪُنڊن تي پکيڙي ڇڏيندس. 11تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ آءٌ توکي ضرور گهٽائيندس، جو تو پنهنجن سڀني ڪراهت جهڙين شين سان ۽ پنهنجن سڀني نفرت جهڙن ڪمن سان منهنجو پاڪ مڪان ناپاڪ ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ نہ منهنجي اک گذر ڪندي ۽ نہ آءٌ رحم ڪندس. 12تنهنجو ٽيون حصو مريءَ سان مرندو ۽ اُهي تنهنجي وچ ۾ ڏڪار ڪري مري چٽ ٿي ويندا؛ ۽ ٽيون حصو تنهنجي چوڌاري ترار سان مارجي ويندو؛ ۽ ٽيون حصو آءٌ سڀني ڪُنڊن تي پکيڙي ڇڏيندس ۽ انهي جي پٺيان ترار ڪڍندس. 13انهي طرح منهنجي ڪاوڙ پوري ٿيندي، ۽ آءٌ انهن تي پنهنجو غصو ڇنڊيندس، پوءِ مون کي آرام ايندو: ۽ جڏهن آءٌ مٿن پنهنجي ڪاوڙ پوري ڪندس، تڏهن هو ڄاڻندا تہ مون خداوند اهو سڀ پنهنجي غيرت سان فرمايو آهي. 14تنهن کانسواءِ جيڪي قومون تنهنجي آس پاس آهن تن ۾، ۽ جيڪي ماڻهو تنهنجي پاسي کان لنگهندا تن جي نظر ۾، آءٌ توکي ويران ۽ خواري ڪندس. 15انهي طرح جڏهن آءٌ ڪاوڙ ۽ غصي ۾، ۽ خوفناڪ ملامتن سان، تو منجهہ عدالتن جي تعميل ڪندس، تڏهن جيڪي قومون تنهنجي چوڌاري آهن تن ۾ اهو ڪم ملامت، ۽ طعنو، ۽ عبرت، ۽ حيرت ٿيندو: مون خداوند ائين فرمايو آهي. 16اُنهي وقت آءٌ هنن تي ڏڪار جا خراب تير موڪليندس، جي ناس ڪرڻ لاءِ آهن، ۽ جي آءٌ اوهان کي ناس ڪرڻ لاءِ موڪليندس؛ ۽ آءٌ اوهان تي ڏڪار وڌائيندس ۽ اوهان جي مانيءَ جي لٺ ڀڃي ڇڏيندس؛ 17۽ آءٌ اوهان تي ڏڪار ۽ خراب مرون موڪليندس، جي اوهان جا عزيز ماريندا؛ ۽ مري ۽ خونريزي تو منجهان لنگهندي؛ ۽ آءٌ توتي ترار آڻيندس: مون خداوند ائين فرمايو آهي.

Currently Selected:

حزقي ايل 5: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in