YouVersion Logo
Search Icon

حزقي ايل 48

48
1هاڻي انهن فرقن جا نالا هي آهن: اُتر واري پاسي، حتلون جي رستي جي ڀرسان، جماعت جي گهڙڻ واري جاءِ، حصر عينان تائين، جا دمشق جي سرحد وٽ اُتر ڏانهن حمات جي پاسي آهي؛ اهي اُڀرندي کان الهندي تائين؛ دان جو هڪڙو حصو. 2۽ دان جي حد سان لڳ، اُڀرندي پاسي کان وٺي الهندي پاسي تائين؛ آشر جو هڪڙو حصو. 3۽ آشر جي حصي جي ڀرسان اُڀرندي جي پاسي کان وٺي الهندي پاسي تائين؛ نفتاليءَ جو هڪڙو حصو. 4۽ نفتالي جي حد سان لڳ، اُڀرندي پاسي کان الهندي پاسي تائين؛ منسيءَ جو هڪڙو حصو. 5۽ منسيءَ جي حد جي ڀرسان، اُڀرندي پاسي کان الهندي پاسي تائين؛ افرائيم جو هڪڙو حصو. 6۽ افرائيم جي حد سان لڳ، اُڀرندي پاسي کان الهندي پاسي تائين؛ روبن جو هڪڙو حصو. 7۽ روبن جي حد سان لڳ، اُڀرندي پاسي کان اُلهندي پاسي تائين؛ يهوداہ جو هڪڙو حصو.
8۽ يهوداہ جي سرحد جي ڀرسان، اُڀرندي پاسي کان وٺي اُلهندي پاسي تائين اُهو وقف وارو حصو ٿيندو، جو اوهان کي پيش ڪرڻو ٿيندو، يعني پنجويهہ هزار ڪانا ويڪر ۾، ۽ ڊيگهہ ۾ هڪڙي حصي جيترو، اُڀرندي پاسي کان وٺي اُلهندي پاسي تائين. ۽ پاڪ مڪان انهي جي وچ ۾ ٿيندو. 9وقف وارو حصو جو اوهان کي خداوند خدا لاءِ ڏيڻو ٿيندو، سو پنجويهہ هزار ڪانا ڊگهو ۽ ڏهہ هزار ڪانا ويڪرو ٿيندو. 10۽ اهو وقف وارو پاڪ حصو انهن لاءِ، يعني ڪاهنن لاءِ ٿيندو؛ اُتر ڏانهن پنجويهہ هزار ڊيگهہ ۾، اُلهندي ڏانهن ڏهہ هزار ويڪر ۾، ۽ اُڀرندي ڏانهن ڏهہ هزار ويڪر ۾، ۽ ڏکڻ ڏانهن پنجويهہ هزار ڊيگهہ ۾: ۽ خداوند جو پاڪ مڪان انهي جي وچ ۾ ٿيندو. 11اهو ڪاهنن جي لاءِ ٿيندو، جي صدوق جي پٽن مان پاڪ ڪيا ويا آهن، ۽ جن منهنجن قانونن جي سنڀال پئي ڪئي آهي؛ ۽ جي بني اسرائيل جي گمراهہ ٿيڻ وقت گمراهہ نہ ٿيا؛ جيئن لاوي گمراهہ ٿيا هئا. 12۽ زمين جي وقف واري حصي مان اهو هنن جي لاءِ هڪڙو نذرانو ٿيندو، جو تمام پاڪ ڄاڻبو، ۽ اُهو لاوين جي حد سان لڳولڳ ٿيندو. 13۽ ڪاهنن جي سرحد جي سامهون انهي موافق لاوين کي پنجويهہ هزار ڊيگهہ ۾، ۽ ڏهہ هزار ويڪر ۾، حصو ملندو: ڪل ڊيگهہ پنجويهہ هزار ٿيندي ۽ ويڪر ڏهہ هزار. 14۽ انهي مان هو ڪو حصو وڪڻي نہ سگهندا، ۽ نہ مٽاسٽا ڪري سگهندا، نڪي انهي زمين جو پهريون ڦر ڪنهن کي ڏيئي سگهندا: ڇالاءِ جو اُهو خداوند جي لاءِ پاڪ آهي. 15۽ جيڪي پنج هزار ويڪر ۽ باقي رهيل آهن، ۽ انهن پنجويهن هزارن جي اڳيان آهن، سي عام خلق جي ڪم لاءِ، ۽ شهر لاءِ، ۽ گهرن ٺاهڻ لاءِ ۽ ٻهراڙين جي لاءِ آهن. شهر انهي جي وچ ۾ ٿيندو. 16۽ انهي جي ماپ هيءَ آهي؛ اُتر وارو پاسو چار هزار پنج سؤ، ۽ ڏکڻ وارو پاسو چار هزار پنج سؤ، ۽ اُڀرندي پاسي چار هزار پنج سؤ، ۽ اُلهندي پاسي چار هزار پنج سؤ. 17۽ شهر کي ٻهراڙيون بہ ٿينديون؛ اُتر ڏانهن ٻہ سؤ پنجاهہ، ۽ ڏکڻ ڏانهن ٻہ سؤ پنجاهہ، ۽ اُڀرندي ڏانهن ٻہ سؤ پنجاهہ، ۽ اُلهندي ڏانهن ٻہ سؤ پنجاهہ. 18۽ ڊيگهہ مان باقي جيڪي بچي، سو وقف واري پاڪ حصي موافق، ڏهہ هزار اُڀرندي ڏانهن، ۽ ڏهہ هزار اُلهندي ڏانهن ٿيندو؛ ۽ اُهو وقف واري حصي جي سامهون ٿيندو؛ ۽ اُنهي جي پيدائش شهر ۾ پورهئي ڪرڻ وارن جي قوت لاءِ رهندي. 19۽ اسرائيل جي سڀني فرقن مان جيڪي شهر ۾ پورهيو ڪندا، سي اهو حصو پوکيندا. 20ڪل وقف پنجويهہ هزار ڊگهو ۽ پنجويهہ هزار ويڪرو ٿيندو: اهو پاڪ وقف وارو حصو چورس ڪري شهر جي ملڪيت سان گڏ پيش ڪجو.
21۽ جيڪي باقي بچندو سو بادشاهہ جي لاءِ ٿيندو، جهڙو وقف واري پاڪ حصي ۽ شهر واري ملڪيت جي هڪڙي پاسي، تهڙو ٻئي پاسي، اُڀرندي سرحد وٽ وقف وارن پنجويهن هزارن جي اڳ کان، ۽ اُلهندي سرحد وٽ پنجويهن هزارن جي اڳ کان، انهن حصن جي سامهون، اهو بادشاهہ جي لاءِ ٿيندو: ۽ اُهو وقف وارو پاڪ حصو، ۽ گهر جو پاڪ مڪان انهي جي وچ ۾ ٿيندو. 22تنهن کانسواءِ لاوين جي ملڪيت کان وٺي ۽ شهر جي ملڪيت کان وٺي، جي بادشاهي ملڪيت جي وچ ۾ آهن، جيڪي بہ يهوداہ ۽ بنيمين جي سرحدن جي وچ ۾ آهي، سو بادشاهہ جو ٿيندو.
23باقي ٻين فرقن بابت: سو اُڀرندي پاسي کان وٺي اُلهندي پاسي تائين؛ بنيمين جو هڪڙو حصو. 24۽ بنيمين جي سرحد جي ڀرسان، اُڀرندي پاسي کان اُلهندي پاسي تائين؛ شمعون جو هڪڙو حصو. 25۽ شمعون جي سرحد جي ڀرسان، اُڀرندي پاسي کان اُلهندي پاسي تائين، اشڪار جو هڪڙو حصو. 26۽ اشڪار جي سرحد سان لڳ، اُڀرندي پاسي کان اُلهندي پاسي تائين؛ زبولون جو هڪڙو حصو. 27۽ زبولون جي سرحد سان لڳ، اُڀرندي پاسي کان الهندي پاسي تائين؛ جد جو هڪڙو حصو. 28۽ جد جي سرحد جي ڀرسان، ڏکڻ ڏانهن، ڏکڻ واري پاسي، تمر کان وٺي مريبوت قادس جي پاڻين تائين، مصر جي نهر وٽان وڏي سمنڊ تائين سرحد ٿيندي. 29اها آهي ڪل زمين جا اوهين ڪُڻن سان اسرائيل جي فرقن کي ورثو ڪري ورهائي ڏجو، ۽ اهي آهن انهن جا علحدا حصا؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي.
30۽ اهي آهن شهر جي ٻاهر نڪرڻ جون جايون: اُتر پاسي ماپ سان چار هزار پنج سؤ ڪانا. 31۽ شهر جا دروازا اسرائيل جي فرقن جي نالي پٺيان سڏبا؛ ٽي دروازا اُتر ڏانهن: روبن جو دروازو، هڪڙو؛ يهوداہ جو دروازو، هڪڙو؛ لاويءَ جو دروازو، هڪڙو. 32اُڀرندي پاسي چار هزار پنج سؤ ڪانا؛ ۽ ٽي دروازا: يعني يوسف جو دروازو، هڪڙو؛ بنيمين جو دروازو، هڪڙو؛ دان جو دروازو، هڪڙو: 33۽ ڏکڻ پاسي ماپ سان چار هزار ۽ پنج سؤ ڪانا؛ ۽ ٽي دروازا: شمعون جو دروازو، هڪڙو؛ اشڪار جو دروازو، هڪڙو؛ زبولون جو دروازو، هڪڙو: 34اُلهندي پاسي چار هزار ۽ پنج سؤ ڪانا، سندن ٽن دروازن سميت: جد جو دروازو، هڪڙو؛ آشر جو دروازو، هڪڙو؛ نفتاليءَ جو دروازو، هڪڙو. 35اهو شهر چوڌاري ارڙهن هزار ڪانا ٿيندو: ۽ شهر جو نالو انهي ڏينهن کان پوءِ اهو ٿيندو خداوند اُتي آهي.

Currently Selected:

حزقي ايل 48: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy