YouVersion Logo
Search Icon

داني ايل 1

1
1يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم جي بادشاهت جي ٽئين سال ۾، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر يروشلم ۾ آيو، ۽ انهي کي گهيرو ڪيائين. 2۽ خداوند يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم کي ۽ ساڻس گڏ ڪي خداوند جي گهر جا ٿانوَ بہ هن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيا؛ ۽ اُهي هو کڻي سنعار جي ملڪ ۾ پنهنجي معبود جي گهر ۾ ويو: ۽ اُهي ٿانوَ هن پنهنجي معبود جي گهر ۾ آڻي رکيا. 3۽ بادشاهہ پنهنجي ناظرن جي سردار اسپنز کي چيو، تہ بني اسرائيل جي شاهي نسل ۽ اميرن مان، ڪي ماڻهو وٺي آڻي حاضر ڪر؛ 4اهڙا جوان جن ۾ ڪو عيب نہ هجي، پر چڱي شڪل جا هجن، ۽ هر قسم جي ڏاهپ ۾ هوشيار، علم ۾ قابل، ۽ حڪمت سمجهندا هجن: ۽ اهڙا هجن جو بادشاهہ جي محلات ۾ بيهي سگهن؛ پوءِ انهن کي تون ڪسدين جي ٻولي ۽ علم سيکار. 5۽ بادشاهہ انهن جي لاءِ پنهنجي شاهي خوراڪ مان، ۽ جيڪو شراب پاڻ پيئندو هو تنهن مان، ڪو حصو مقرر ڪيو، انهي لاءِ تہ ٽن ورهين تائين انهن کي پرورش ملي؛ ۽ انهيءَ عرصي جي پوري ٿيڻ تي هو اچي بادشاهہ جي حضور ۾ بيهن. 6هاڻي انهن ۾ بني يهوداہ مان داني ايل، حننياہ، ميساايل ۽ عزرياہ هئا. 7۽ ناظرن جي سردار انهن کي نوان نالا ڏنا؛ داني ايل کي هن بيلطشضر جو نالو ڏنو؛ ۽ حننياہ کي سدرڪ؛ ۽ ميساايل کي ميسڪ؛ ۽ عزرياہ کي عبدنجو جو نالو ڏنو. 8پر داني ايل پنهنجي دل ۾ اهو ارادو ڪيو تہ پاڻ کي شاهي خوراڪ سان ۽ شراب سان پليت نہ ڪري؛ تنهنڪري هن ناظرن جي سردار کي عرض ڪيو تہ هن کي موڪل ملي تہ هو پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪري. 9هاڻي خدا داني ايل کي ناظرن جي سردار جي نظر ۾ مان وارو ۽ رحم جوڳو ڪيو. 10۽ ناظرن جي سردار داني ايل کي چيو، تہ آءٌ پنهنجي ڌڻيءَ بادشاهہ کان ڊڄان ٿو، جو هن تنهنجو کاڌو پيتو مقرر ڪري ڇڏيو آهي: ۽ ڪهڙي سبب ڪري هو اوهان جا منهن اوهان جي هم عمر جوانن کان ڪريل ۽ بگڙيل ڏسي، جو ائين ڪرڻ سان اوهين منهنجو سر بادشاهہ جي اڳيان خطري ۾ وجهندا. 11تڏهن داني ايل انهي خانسامان کي چيو، جنهن کي ناظرن جي سردار، داني ايل، حننياہ، ميساايل، ۽ عزرياہ تي مقرر ڪيو هو: 12تہ آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ تون پنهنجن ٻانهن کي ڏهہ ڏينهن آزمائي ڏس؛ ۽ اسان کي کائڻ لاءِ ڀاڄي ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي ڏي. 13پوءِ تون اسان جون شڪليون انهن جوانن جي مقابلي ۾ ڏسج جي بادشاهہ جو طعام ٿا کائين؛ پوءِ جيئن توکي چڱو نظر ۾ اچي، تيئن پنهنجن ٻانهن سان ڪج. 14تڏهن هن انهن جي اها ڳالهہ مڃي، ۽ ڏهن ڏينهن تائين انهن جي آزمائش ورتائين. 15۽ ڏهن ڏينهن جي پوري ٿيڻ تي هنن جون شڪليون وڌيڪ سهڻيون، ۽ بدن وڌيڪ ٿلها ڏسڻ ۾ آيا، بنسبت انهن جوانن جي، جن بادشاهہ جا طعام کاڌا هئا. 16تڏهن خانسامان هنن جو کاڌو ۽ پيئڻ لاءِ شراب بند ڪيو، ۽ هنن کي ڀاڄي ڏيڻ لڳو. 17هاڻي انهن چئن جوانن کي خدا هر قسم جو علم، ۽ حڪمت، ۽ واقفيت، ۽ قابليت ڏني؛ ۽ داني ايل کي سڀني رويائن ۽ خوابن جي سمجهہ هئي. 18۽ جڏهن اُهي ڏينهن پورا ٿيا جي بادشاهہ هنن جي حاضر ٿيڻ لاءِ مقرر ڪيا هئا، تڏهن ناظرن جي سردار هنن کي نبوڪدنضر جي حضور ۾ آندو. 19۽ بادشاهہ هنن سان گفتگو ڪئي، ۽ انهن سڀني ۾ بادشاهہ کي داني ايل، حننياہ، ميساايل ۽ عزرياہ جهڙو ٻيو ڪوبہ ڏسڻ ۾ ڪونہ آيو. تنهنڪري هو بادشاهہ جي حضوريءَ ۾ رهڻ لڳا. 20۽ عقل ۽ سمجهہ جي جيڪا ڳالهہ بادشاهہ هنن کان پڇي، تنهن ۾ هن انهن کي جيڪي جادوگر ۽ منڊ هڻندڙ سندس بادشاهت ۾ هئا، تن سڀني کان ڏهہ ڀيرا بهتر لڌو. 21۽ داني ايل خورس بادشاهہ جي پهرين ورهيہ تائين جيئرو رهيو.

Currently Selected:

داني ايل 1: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy