YouVersion Logo
Search Icon

حزقي ايل 47

47
1۽ هن مون کي موٽائي گهر جي در تي آندو؛ ۽ ڏس اُڀرندي ڏانهن گهر جي چانئٺ جي هيٺان پاڻي ٿي نڪتا، ڇالاءِ جو گهر جو اڳ اُڀرندي ڏانهن هو: ۽ پاڻي گهر جي ساڄي پاسي کان قربانگاهہ جي ڏکڻ پاسي هيٺان ئي هيٺان ٿي لٿا. 2تنهن کانپوءِ هو اُتر واري دروازي کان مون کي ٻاهر وٺي آيو، ۽ ٻاهرين رستي کان، ٻاهرين دروازي ڏانهن مون کي وٺي هليو، يعني انهي دروازي واري رستي کان جنهن جو منهن اُڀرندي ڏانهن آهي؛ ۽ ڏس، ساڄي پاسي کان پاڻي وهي ٿي نڪتا. 3جڏهن اُهو ماڻهو ڏوري هٿ ۾ کڻي اُڀرندي ڏانهن نڪري ويو، تڏهن هن هڪ هزار هٿ ماپيا ۽ مون کي پاڻين مان لنگهايائين، تہ پاڻي مرن جيڏا هئا. 4وري هن هڪ هزار ماپيو ۽ مون کي پاڻين مان لنگهايائين، تہ پاڻي گوڏن جيڏا هئا. وري هن هڪ هزار ماپيو ۽ مون کي پاڻين مان لنگهايائين، تہ پاڻي چيلهہ جيڏا هئا. 5تنهن کانپوءِ هن هڪ هزار ماپيو، تہ اُها هڪڙي ندي ٿي پيئي، جنهن مان آءٌ لنگهي نہ سگهيس: ڇالاءِ جو پاڻي چڙهيل هئا، ترڻ جهڙا پاڻي، يعني هڪڙي ندي جنهن مان ڪوبہ لنگهي نہ ٿي سگهيو. 6۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، تو هي ڏٺو آهي ڇا؟ پوءِ هن مون کي موٽائي نديءَ جي ڪناري وٽ آندو. 7هاڻي جڏهن آءٌ موٽي آيس، تڏهن ڏٺم تہ نديءَ جي ڪناري تي، هِن پاسي توڙي هُن پاسي تمام گهڻا وڻ هئا. 8تڏهن هن مون کي چيو تہ هي پاڻي اُڀرندي واري ملڪ ڏانهن نڪري ٿا وڃن، ۽ عرباہ ۾ لهي ويندا: ۽ هو سمنڊ ڏانهن ويندا؛ جيڪي پاڻي ڪڍيا ويا هئا سي سمنڊ ۾ وڃي پوندا؛ ۽ اُهي پاڻي مٺا ٿي پوندا. 9۽ هيئن ٿيندو تہ جتي نديون اينديون اُتي سڀ ساهہ وارا جيئرا رهندا ۽ تمام گهڻيون مڇيون ٿينديون: ڇالاءِ جو اُهي پاڻي اتي آيا آهن تہ سڀ شيون شفا حاصل ڪن، ۽ جتي جتي ندي ايندي اُتي سڀڪا شيءِ جيئري رهندي. 10۽ هيئن ٿيندو تہ مڇي مارڻ وارا انهي جي ڀرسان بيهندا: عين جديءَ کان وٺي عين عجليم تائين ڄارن پکيڙڻ جي جاءِ ٿيندي؛ انهن جي مڇي بہ انهن ئي جي قسمن جي ٿيندي، ۽ وڏي سمنڊ جي مڇيءَ وانگر تمام گهڻي ٿيندي. 11پر انهن جون گپ واريون جايون ۽ ڌٻڻيون مٺيون نہ ٿينديون؛ اُهي کاريون ئي رهنديون. 12۽ نديءَ جي ڀرسان ان جي ڪناري تي ٻنهي پاسي هر قسم جا ميويدار وڻ اُڀرندا، جن جا پَن ڪين ڪومائبا، ۽ نہ انهن جو ميوو کٽندو: هر مهيني اُهي نئون ڦر ڪندا، ڇالاءِ جو انهي جا پاڻي پاڪ مڪان مان ٿا نڪرن: ۽ ان جو ميوو کائڻ ۾ ايندو ۽ ان جا پن دوا جي ڪم ايندا.
13خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هيءَ حد ٿيندي، جنهن موافق اوهين اسرائيل جي ٻارهن ئي فرقن موجب اها زمين ورثي ۾ ورهائي انهن کي ڏيندا. يوسف کي بہ حصا ملندا. 14۽ اوهان مان هر ڪنهن کي هڪ جهڙو ورثو ملندو؛ جنهن بابت مون قسم کنيو تہ اُها اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏيندس: ۽ اها زمين اوهان جي ورثي ۾ ايندي. 15۽ انهي زمين جي هيءَ حد ٿيندي: اُتر جي پاسي وڏي سمنڊ کان وٺي حتلون جي رستي صداد جي گهڙڻ جي جاءِ تائين. 16حمات، بيروت، سبريم جو دمشق جي سرحد ۽ حمات جي سرحد جي وچ ۾ آهي؛ وچ وارو مصر، جو حوران جي سرحد جي پاسي ۾ آهي. 17۽ سمنڊ کان وٺي سرحد هيءَ ٿيندي، حصر عينان، دمشق جي سرحد تي، ۽ اُتر واري حد اُتر ڏانهن حمات جي سرحد آهي. اها آهي اُتر پاسي جي حد. 18۽ اُڀرندي واري حد حوران ۽ دمشق ۽ جلعاد ۽ اسرائيل جي وچ ۾ يردن ندي ٿيندي: اُتر واري حد کان وٺي اُڀرندي واري سمنڊ تائين، اوهين ماپ ڪجو. اها آهي اُڀرندي پاسي جي حد. 19۽ ڏکڻ واري حد ڏکڻ ڏانهن تمر کان وٺي مريبوت قادس جي پاڻين تائين، مصر جي نهر وٽان وڏي سمنڊ تائين. اها آهي ڏکڻ ڏانهن ڏکڻ واري حد. 20۽ اُلهندي واري حد ٿيندي وڏو سمنڊ، ڏکڻ واري سرحد کان وٺي حمات جي گهڙڻ واري جاءِ جي آمهون سامهون تائين. اها آهي اُلهندي پاسي جي حد. 21انهي طرح اها زمين اوهين اسرائيل جي فرقن موجب پاڻ ۾ ورهائي کڻجو. 22۽ هيئن ٿيندو تہ اها اوهين ڪُڻا وجهي ورثو ڪري ورهائجو، ۽ جيڪي پرديسي اوهان ۾ رهندڙ هجن، ۽ جي اوهان منجهہ رهي اولاد پيدا ڪن، تن کي بہ ڏجو؛ ۽ اُهي اوهان جي لاءِ بني اسرائيل ۾ گهر ڄاولن وانگر ٿيندا؛ انهن کي اوهان سان گڏ اسرائيل جي فرقن منجهہ ورثو ملندو. 23۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن بہ فرقي ۾ ڪو پرديسي رهندو هجي، انهي کي اُتي سندس ورثو ڏجو؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي.

Currently Selected:

حزقي ايل 47: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy