شريعت جو دور 33
33
1خدا جي ٻانهي موسيٰ پنهنجي مرڻ کان اڳي بني اسرائيل کي جيڪا برڪت ڏني سا هيءَ آهي. 2هن چيو تہ،
خداوند سينا مان آيو ۽ شعير مان انهن تي ظاهر ٿيو؛ هو فاران جبل مان چمڪيو ۽ لکن پاڪ ماڻهن منجهان آيو: هن جي ساڄي هٿ ۾ انهن جي لاءِ باهہ جهڙي شريعت هئي.
3هائو، هو اُمت کي پيار ٿو ڪري، هن جا سڀ پاڪ ماڻهو تنهنجي هٿ ۾ آهن: ۽ اهي تنهنجن قدمن وٽ ويٺا؛ هرڪو تنهنجي ڪلام کي قبوليندو. 4موسيٰ اسان کي هڪڙيءَ شريعت جو حڪم ڏنو، جا يعقوب جي جماعت لاءِ ميراث هئي. 5جڏهن اُمت جا رئيس، ۽ اسرائيل جا سڀ قبيلا اچي گڏ ٿيا، تڏهن هو يسورون ۾ بادشاهہ هو.
6روبن ڀلي تہ جيئرو رهي ۽ نہ مري؛ تڏهن بہ انهي جا ماڻهو ٿورا هجن.
7يهوداهہ جي لاءِ هيءَ برڪت آهي: ۽ هن چيو تہ، اي خداوند يهوداهہ جو آواز ٻڌ، ۽ هن کي سندس ماڻهن ۾ پهچاءِ: هو پنهنجي لاءِ پنهنجن هٿن سان وڙهيو؛ تون هن جي دشمن جي برخلاف سندس واهر ڪندين.
8لاويءَ جي بابت هن چيو تہ، تنهنجو تميم ۽ اوريم انهي خدا جي ٻانهي وٽ آهي: جنهن کي تو مسہ ۾ آزمايو، ۽ جنهن سان تو مريبہ جي چشمي وٽ جهيڙو ڪيو؛ 9جنهن پنهنجي ماءُ پيءُ بابت چيو، تہ مون انهن کي نہ ڏٺو آهي؛ نڪي هن پنهنجن ڀائرن کي قبول ڪيو، نڪي هن خود پنهنجن ٻارن کي سڃاتو: ڇالاءِ جو انهن تنهنجي ڪلام تي عمل ڪيو آهي، ۽ اهي تنهنجي عهد کي مڃين ٿا. 10اهي يعقوب کي تنهنجا فيصلا، ۽ اسرائيل کي تنهنجي شريعت سيکاريندا، اهي تنهنجي حضور ۾ لوبان ساڙيندا، ۽ تنهنجيءَ قربانگاهہ تي پوري قرباني چاڙهيندا. 11اي خداوند، هن جي مال متاع ۾ برڪت وجهہ، ۽ هن جي هٿن جو ڪم قبول ڪر: جيڪي انهن جي برخلاف کڙا ٿين، ۽ جيڪي انهن سان عداوت رکن، تن جي چيلهہ ڀڃي ڇڏ تہ هو وري نہ اُٿن.
12بنيمين جي بابت هن چيو، تہ خداوند جو پيارو هن وٽ سلامتيءَ سان رهندو؛ هو سارو ڏينهن انهي کي ڍڪي بيٺو آهي، ۽ سندس ڪلهن جي وچ ۾ ٿو رهي.
13يوسف جي بابت هن چيو، تہ شل هن جي زمين تي خداوند جي برڪت هجي؛ آسمان جي قيمتي شين جي، ماڪ جي، اونهي سمنڊ جي؛ 14۽ سج جي پڪل قيمتي ميون جي، چنڊ جي اثر کان پيدا ٿيل قيمتي شين جي، 15قديم جبلن جي قيمتي شين جي، هميشہ قائم رهندڙ ٽڪرن جي قيمتي شين جي، 16زمين جي قيمتي شين ۽ انهيءَ جي ڀرپورائيءَ جي، ۽ جيڪو ٻوڙي ۾ هو تنهن جي خير خواهيءَ جي برڪت شل يوسف جي مٿي تي اچي، يعني جيڪو پنهنجي ڀائرن کان ڌار هو، تنهن جي مٿي جي چوٽيءَ تي شل انهن سڀني شين جي برڪت نازل ٿئي. 17هن جو شان ڍڳي جي پهرئين ڦر جهڙو آهي؛ هن جا سڱ جهنگلي سان جي سڱن جهڙا آهن: انهن سان هو سڀني قومن کي ڌڪي، زمين جي ڇيڙي تائين پهچائيندو: اهي افرائيم جا لک، ۽ منسيءَ جا هزار آهن.
18زبولون جي بابت هن چيو، تہ اي زبولون، تون ٻاهر وڃڻ وقت، ۽ اي اشڪار، تون پنهنجن تنبن ۾، خوش رهہ. 19اهي قومن کي جبل ڏانهن سڏيندا؛ اتي هو سچائيءَ جون قربانيون پيش ڪندا: ڇالاءِ جو اهي سمنڊ جي ملڪيت، ۽ ريتيءَ ۾ لڪل خزانا حاصل ڪندا.
20جد جي بابت هن چيو، تہ جيڪو جد کي وڌائي سو شل مبارڪ هجي: هو شينهڻ وانگر ٿو رهي، ۽ ٻانهن کي، بلڪ مٿي جي چوٽيءَ کي ڦاڙيو ڇڏي.
21هن پنهنجي لاءِ پهريون حصو چونڊيو؛ ڇالاءِ جو اتي شريعت ڏيڻ واري جو مقرر حصو رکيل هو؛ ۽ هو اُمت جي رئيسن سان آيو، ۽ هن خداوند جي انصاف جي ۽ اسرائيل جي بابت سندس فيصلن جي تعميل ڪئي.
22۽ دان جي بابت هن چيو، تہ دان شينهڻ جو ٻچو آهي، جو بسن مان ٽپ ڏيئي ٿو اچي.
23۽ نفتاليءَ جي بابت هن چيو، تہ اي نفتالي، تون مهربانيءَ سان ڍاول، ۽ خداوند جي برڪت سان ڀريل آهين: تون اُلهندو ۽ ڏکڻ پنهنجي قبضي ۾ ڪر.
24۽ آشر جي بابت هن چيو، تہ شل آشر اولاد سميت مبارڪ هجي، شل ڀائرن وٽ قبول پوي، ۽ شل هو پنهنجو پير تيل ۾ ٻوڙي. 25تنهنجي جتي لوهہ ۽ پتل جي ٿيندي؛ ۽ جهڙا تنهنجا ڏينهن اهڙي ئي تنهنجي طاقت ٿيندي.
26اي يسورون، خداوند جهڙو ٻيو ڪونهي، جو تنهنجي مدد جي لاءِ آسمان تي، ۽ پنهنجي جلال جي لاءِ عرش تي سواري ٿو ڪري. 27ازلي خدا تنهنجي پناهہ آهي، ۽ هن جون مدامي ٻانهون تنهنجي هيٺان آهن: ۽ هن دشمن کي تنهنجي اڳيان ڌڪي ڪڍيو، ۽ چيائين تہ هن کي برباد ڪري ڇڏ. 28اسرائيل سلامتيءَ سان ٿو رهي، ۽ يعقوب جو چشمو اڪيلو، ان ۽ مئي جي ملڪ ۾ ٿو رهي؛ هائو، هن تي آسمان مان ماڪ ٿي پوي. 29اي اسرائيل، تون مبارڪ آهين: خداوند توکي بچايو آهي، تو جهڙي ٻي ڪهڙي قوم آهي، خداوند تنهنجي مدد جي ڍال، ۽ تنهنجيءَ وڏائيءَ جي ترار آهي! تنهنجا دشمن اچي تو وٽ پيش پوندا؛ ۽ تون اُنهن جا مٿانهان مڪان لتاڙي ڇڏيندين.
Currently Selected:
شريعت جو دور 33: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.