YouVersion Logo
Search Icon

شريعت جو دور 32

32
1اي آسمانو ڪن ڏيو، جو آءٌ ڳالهايان ٿو؛ ۽ ڀلي تہ زمين منهنجي وات جون ڳالهيون ٻڌي.
2منهنجي تعليم مينهن وانگي وسندي، ۽ منهنجي تقرير ماڪ وانگي پوندي؛ جهڙيءَ طرح سنهي گاهہ تي مينهن جي ڦڙڦڙ پوندي آهي، ۽ ٻوٽن تي وسڪار ٿيندي آهي:
3ڇالاءِ جو آءٌ خداوند جي نالي جو اعلان ڪندس: اوهين اسان جي خدا جي تعظيم ڪريو.
4اهو ٽڪر آهي، ۽ سندس ڪم ڪامل آهي؛ ڇالاءِ جو هن جا سڀ رستا انصاف وارا آهن: هو سچو ۽ گناهہ کان پاڪ آهي، هو عادل ۽ راستباز آهي.
5هنن ساڻس خراب هلت ڪئي آهي، اهي سندس ٻار نہ آهن، اهو سندن عيب آهي؛ هوءَ گمراهہ ۽ ڏنگي قوم آهي.
6اڙي بي عقل ۽ نادان قوم، اوهين خداوند کي اهو عيوضو ٿا ڏيو ڇا؟ هو اوهان جو ابو ناهي ڇا جنهن اوهان کي خريد ڪيو آهي؟ هن توکي جوڙيو، ۽ قائم ڪيائين.
7اڳوڻا ڏينهن ياد ڪر، گهڻين پيڙهين تي غور ڪر: پنهنجي پيءُ کان پڇ، تہ اهو توکي سمجهائي؛ پنهنجن بزرگن کان پڇ، تہ اهي توکي ٻڌائين.
8جڏهن خدا تعاليٰ قومن کي سندن ورثو ڏنو، جڏهن هن بني آدم کي ڌار ڌار ڪيو، تڏهن هن بني اسرائيل جي شمار موجب قومن جون حدون مقرر ڪيون.
9ڇالاءِ جو خداوند جو حصو سندس اُمت آهي؛ يعقوب هن جي ورثي جو ڀاڱو آهي.
10خداوند هن کي رڻ پٽ ۾، ۽ سڃي ۽ خوفناڪ بيابان ۾ لڌو هو؛ هو انهي جي آس پاس رهيو، ۽ انهي جي سنڀال ڪيائين، ۽ انهي کي پنهنجيءَ اک جي ماڻڪيءَ وانگر رکيائين.
11جيئن عقاب پنهنجي آکيري کي چوري پوري، پنهنجن ٻچن جي مٿان پر پکيڙيندو آهي، تيئن هن پنهنجا پر پکيڙي انهن کي پنهنجن ٻانهن تي کنيو آهي:
12خداوند ئي انهي جي رهبري ڪئي، ۽ هن سان ٻيو ڪوبہ معبود ڪونہ هو.
13هن انهي کي زمين جي مٿانهين جاين تي سوار ڪيو، ۽ هن انهيءَ زمين جي پيداوار کاڌي، ۽ هن انهي کي ٽڪريءَ مان ماکي، ۽ چقمق جي جبل مان تيل چوسايو؛
14هن انهن کي ڳئن جو مکڻ، ۽ رڍن جو کير، ۽ گهيٽن جي چرٻي، ۽ بسن جي نسل جا گهٽا، ۽ ٻڪر، ڪڻڪ جي اٽي سميت ڏنا؛ تو انگور جي رس جو شراب پيتو.
15پر يسورن مچي ٿلهو ٿيو، ۽ لتون هڻڻ لڳو: تون ٿلهو ٿيو آهين، تون متارو ٿيو آهين، تون سڻڀو ٿيو آهين: تڏهن هن خدا کي ڇڏي ڏنو جنهن کيس جوڙيو، ۽ پنهنجي نجات جي ٽڪر جي بي قدري ڪيائين.
16انهن هن کي ڌارين جي سبب غيرت ڏياري، ۽ مڪروهہ شين جي ڪري کيس ڪاوڙايائون.
17انهن ڀوتن جي لاءِ قربانيون چاڙهيون، نہ خدا لاءِ؛ ۽ اهڙن معبودن جي لاءِ جن جا هو واقف نہ هئا، يعني نوَن نوَن معبودن جي لاءِ، جن کان سندن ابا ڏاڏا نہ ڊڄندا هئا.
18جنهن ٽڪر توکي پيدا ڪيو، تنهن جي توکي يادگيري ڪانهي، جنهن توکي خلقيو، تنهن کي تو وساري ڇڏيو آهي.
19خداوند اهو ڏٺو، ۽ انهن کان نفرت ٿيس، ڇالاءِ جو انهي جي پٽن ۽ ڌين کيس ڪاوڙايو.
20تڏهن هن چيو، تہ آءٌ پنهنجو منهن انهن کان لڪائي ڇڏيندس، ۽ آءٌ ڏسندس تہ انهن جو حال ڪهڙو ٿو ٿئي: ڇالاءِ جو اهي تمام ضدي پيڙهي، ۽ بي ايمان اولاد آهن.
21جيڪو خدا ناهي تنهن جي سبب انهن مون کي غيرت ڏياري آهي؛ ۽ پنهنجين اجاين ڳالهين جي ڪري مون کي ڪاوڙايو اٿن: سو آءٌ بہ انهن کي اهڙن ماڻهن جي سبب غيرت ڏياريندس جي اُمت نہ آهن؛ ۽ هڪڙيءَ بي عقل قوم جي ڪري کين ڪاوڙائيندس.
22ڇالاءِ جو منهنجي غصي جي باهہ ڀڙڪو کاڌو آهي، جا اوڙاهہ جي تري تائين ٻرندي ويندي، ۽ زمين کي سندس پيداوار سميت ڀسم ڪري ڇڏيندي، ۽ جبلن جي بنيادن کي بہ ساڙي ڇڏيندي.
23آءٌ انهن تي آفتن جا ڍير ڪندس: ۽ پنهنجا تير مٿن کپائي ڇڏيندس:
24اهي بک سان ڳري ويندا، ۽ سخت گرميءَ سان ڀسم ٿي ويندا؛ آءٌ انهن تي جهنگلي جانورن جا ڏند، ۽ زمين تي سرندڙ جيتن جو زهر موڪليندس.
25اهي ٻاهر ترار سان، ۽ اندر ڪوٺين ۾ ڊپ جي ڪري مرندا؛ جوان ماڻهو، ڪنواريون ڇوڪريون، کير پياڪ ٻار ۽ پير مرد، سڀ ائين برباد ٿيندا.
26مون چيو تہ آءٌ انهن کي پري پري پکيڙي ڇڏيندس، آءٌ انهن جي يادگيري ماڻهن منجهان ڪڍي ڇڏيندس.
27پر مون کي دشمن جي چيڙائڻ جو خيال ٿيو، تہ متان انهن جا مخالف اُبتو سمجهن، ۽ چون تہ اسين پنهنجي هٿ سان سرفراز ٿيا آهيون، ۽ خداوند هي سڀ نہ ڪيو آهي.
28ڇالاءِ جو اها قوم بي عقل آهي، ۽ منجهن ڪابہ سمجهہ ڪانهي.
29شل اهي داناءَ هجن ها تہ چڱو هو، تہ انهيءَ جي سمجهہ پوين ها، ۽ پنهنجي پڇاڙيءَ تي غور ڪن ها!
30جيڪڏهن انهن جو ٽڪر کين وڪڻي نہ ڇڏي ها، ۽ خداوند انهن کي حوالي نہ ڪرائي ها، تہ ڪيئن هڪڙو ڄڻو هزار جي پٺيان پوي ها، ۽ ٻہ ڄڻا ڏهن هزارن کي ڀڄائي ڪڍن ها؟
31ڇالاءِ جو انهن جو ٽڪر اسان جي ٽڪر جهڙو نہ آهي، خود اسان جا دشمن بہ اهو قبولين ٿا.
32ڇالاءِ جو انهن جي ڊاک صدوم جي منهہ، ۽ عمورہ جي ٻنين جهڙي آهي: انهن جا انگور پت سان ڀريل آهن، ۽ انهن جا ڇڳا ڪوڙا آهن.
33انهن جو شراب نانگن جو وِهہ، ۽ سپن جو موتمار زهر آهي.
34اهو مون وٽ گڏ ٿيل، ۽ منهنجن خزانن ۾ مهر سان بند ٿيل نہ رکيو آهي ڇا؟
35وير وٺڻ، ۽ بدلو ڏيڻ منهنجو ڪم آهي، جڏهن انهن جو پير ترڪندو؛ ڇالاءِ جو انهن جي مصيبت جو ڏينهن ويجهو آهي، ۽ جيڪي حادثا انهن تي اچڻا آهن سي جلد ايندا.
36ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ اُمت جو انصاف ڪندو، ۽ پنهنجن ٻانهن تي قياس ڪندو؛ جڏهن هو ڏسندو تہ سندن زور هليو ويو آهي، ۽ منجهن نڪو قيدي نڪو آزاد بچيو آهي.
37۽ چوندو تہ هنن جا معبود ڪٿي آهن، اهو ٽڪر جنهن تي هنن جو ڀروسو هو؛
38جن هنن جي قربانين جي چرٻي ٿي کاڌي، ۽ هنن جي پيئڻ وارين قربانين جو شراب ٿي پيتو؟ ڀلي اهي اُٿي اچي اوهان جي مدد ڪن، ڀلي تہ اهي اوهان جو بچاءُ ٿين.
39هاڻي ڏسو، تہ اهو هڪڙو ئي آءٌ آهيان، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي: آءٌ ماريان ٿو، ۽ آءٌ جياريان ٿو؛ مون ڦٽيو آهي، ۽ آءٌ ڇُٽايان ٿو: ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو منهنجي هٿان ڇڏائي سگهي.
40ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجو هٿ آسمان ڏانهن کڻي ٿو چوان، تہ مون کي پنهنجيءَ هميشہ جي زندگيءَ جو قسم آهي، تہ
41جيڪڏهن آءٌ پنهنجي چمڪندڙ ترار تکي ڪندس، ۽ عدالت جو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کڻندس؛ تہ پوءِ جيڪي منهنجي مخالفت ٿا ڪن، تن کان وير وٺندس، ۽ جيڪي مون سان دشمني ٿا رکن، تن کي بدلو ڏيندس.
42آءٌ پنهنجن تيرن کي رت پياريندس، ۽ منهنجي ترار ماس کائيندي؛ اهو رت قيدين ۽ قتل ٿيلن دشمن جي سردارن جو هوندو.
43اي قومون، اوهين سندس اُمت سان خوشيون ڪريو؛ ڇالاءِ جو هو پنهنجن ٻانهن جي خون جو وير وٺندو، ۽ جيڪي هن جي مخالفت ٿا ڪن، تن کي بدلو ڏيندو؛ ۽ پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجيءَ اُمت جي لاءِ ڪفارو ڪندو.
44پوءِ موسيٰ آيو، ۽ هن، ۽ نون جي پٽ يشوع، هن گيت جا لفظ ماڻهن کي چئي ٻڌايا. 45۽ جڏهن موسيٰ اهي ڳالهيون سڀني اسرائيلين کي ٻڌائي چڪو: 46تڏهن انهن کي چيائين، تہ جن ڳالهين بابت مون اڄوڪي ڏينهن اوهان جي اڳيان شاهدي ڀري آهي، تن سڀني کي اوهين پنهنجيءَ دل ۾ ڄمائي رکجو؛ ۽ انهن بابت پنهنجن ٻارن کي حڪم ڏجو، تہ اهي هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي عمل ڪن. 47ڇالاءِ جو اها اوهان جي لاءِ ڪا اجائي شيءِ نہ آهي؛ پر اها اوهان جي زندگي آهي، ۽ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين يردن جي پار ٿا وڃو، تنهن ۾ انهيءَ جي ڪري اوهان جي عمر وڏي ٿيندي.
48۽ انهي ساڳئي ڏينهن خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس، تہ 49تون هن عباريم جبل تي چڙهي، نبو واري جبل تي وڃ، جو موآب جي ملڪ ۾ يريحو جي سامهون آهي؛ ۽ اتان ڪنعان جو ملڪ ڏس، جو آءٌ بني اسرائيل کي ورثي لاءِ ٿو ڏيان: 50۽ جنهن جبل تي تون چڙهين ٿو انهي تي تون وفات ڪندين، ۽ پنهنجن وڏن سان وڃي گڏبين؛ جهڙيءَ طرح ڪ تنهنجو ڀاءُ هارون حور جبل تي مئو، ۽ پنهنجن وڏن سان وڃي گڏيو: 51انهي لاءِ جو اوهان صين جي بيابان ۾، ۽ قادس جي مريبہ واري چشمي وٽ، بني اسرائيل جي وچ ۾ منهنجو ڏوهہ ڪيو هو؛ ڇوتہ اوهان بني اسرائيل جي وچ ۾ منهنجي پاڪيزگي ظاهر نہ ڪئي. 52تنهنڪري جيڪو ملڪ آءٌ بني اسرائيل کي ڏيان ٿو، سو تون پنهنجي اڳيان ڏسندين، پر تون انهي ملڪ ۾ داخل ڪين ٿيندين.

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in