شريعت جو دور 34
34
1پوءِ موسيٰ موآب جي ميدان مان نبو جبل جي پسگہ نالي چوٽيءَ تي چڙهي ويو، جا يريحو جي سامهون آهي، ۽ خداوند هن کي جلعاد جو سڄو ملڪ دان تائين، 2۽ نفتاليءَ جو سڄو ملڪ، ۽ افرائيم ۽ منسيءَ جو سڄو ملڪ، ۽ يهوداهہ جو سڄو ملڪ، پٺين سمنڊ تائين؛ 3۽ ڏکڻ جو ملڪ، ۽ کجين جي وڻن واري شهر يريحو جي ماٿريءَ وارو ميدان ضغر تائين ڏيکاريو. 4۽ خداوند هن کي چيو، تہ هي اهو ملڪ آهي، جنهن بابت مون ابرهام سان، ۽ اسحاق سان، ۽ يعقوب سان، قسم کڻي چيو هو تہ اهو تنهنجي اولاد کي ڏيندس: اهو مون توکي تنهنجين اکين سان ڏيکاريو آهي، پر تون لنگهي انهي تائين نہ ويندين. 5سو خداوند جي ٻانهي موسيٰ، خداوند جي حڪم موجب، موآب جي ملڪ ۾ وفات ڪئي. 6۽ هو موآب جي ماٿريءَ ۾ بيت فغور جي سامهون دفن ڪيو ويو: پر اڄ ڏينهن تائين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي انهي جي قبر جي خبر ڪانهي. 7جڏهن موسيٰ وفات ڪئي، تڏهن سندس عمر هڪ سؤ ويهہ ورهيہ هئي: هن جي اکين ۾ اڃا ڌنڌ بہ ڪونہ ٿيو هو، نڪا سندس بدن جي طاقت گهٽي هئي. 8۽ بني اسرائيل موسيٰ جي لاءِ موآب جي ميدان ۾ ٽيهہ ڏينهن ماتم ڪيو: پوءِ موسيٰ جي لاءِ ماتم ڪرڻ ۽ روئڻ جا ڏينهن پورا ٿيا. 9۽ نون جو پٽ يشوع دانائيءَ جي روح سان ڀرپور هو؛ ڇالاءِ جو موسيٰ پنهنجا هٿ مٿس رکيا هئا: ۽ خداوند جيڪو حڪم موسيٰ کي ڏنو هو تنهن موجب بني اسرائيل هن جي فرمانبرداري ڪرڻ لڳا. 10انهي وقت کان وٺي اسرائيل ۾ موسيٰ جهڙو نبي پيدا ڪونہ ٿيو، جنهن سان خداوند روبرو ملاقات ڪئي؛ 11۽ جنهن کي خداوند مصر جي ملڪ ۾ فرعون ڏانهن، ۽ سندس نوڪرن ڏانهن، ۽ سندس ساري ملڪ ڏانهن، نشان ۽ معجزا ڏيکارڻ لاءِ موڪليو؛ 12جيئن موسيٰ ساري اسرائيل جي اڳيان زوراور هٿ سان خوفناڪ ڪم ڪري ڏيکاريا.
Currently Selected:
شريعت جو دور 34: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.