شريعت جو دور 31
31
1۽ موسيٰ وڃي سڀني اسرائيلين کي اهي ڳالهيون ٻڌايون. 2۽ انهن کي چيائين، تہ اڄ منهنجي عمر هڪ سؤ ويهن ورهين جي آهي، هاڻي آءٌ اندر ٻاهر اچي وڃي نٿو سگهان: ۽ خداوند مون کي چيو آهي، تہ تون هن يردن جي پرئين ڀر نہ ويندين. 3سو هاڻي خداوند تنهنجو خدا تنهنجي اڳيان پار ويندو؛ ۽ هو انهن قومن کي تنهنجي اڳيان برباد ڪندو، ۽ تون انهن تي قبضو ڪندين: ۽ يشوع تنهنجي اڳيان پار ويندو، جيئن ڪ خداوند فرمايو آهي. 4۽ خداوند انهن سان ائين ڪندو جيئن امورين جي بادشاهن سيحون ۽ عوج سان، ۽ انهن جي ساري ملڪ سان ڪيو هئائين؛ جن کي هن برباد ڪري ڇڏيو. 5جڏهن خداوند انهن کي اوهان جي حوالي ڪري، تڏهن اوهين ساڻن انهن سڀني حڪمن موجب هلت ڪجو، جي مون اوهان کي ڏنا آهن. 6زور ڀريا ۽ همت وارا ٿيو، ڊڄو نہ، نڪي انهن کان ڪو خوف ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا پاڻ تو سان ٿو هلي؛ هو توکي نااُميد نہ ڪندو، نڪي توکي ڇڏي ڏيندو. 7پوءِ موسيٰ يشوع کي سڏي، سڀني اسرائيلين جي اڳيان چيائينس تہ زور ڀريو ۽ همت وارو ٿيءُ: ڇالاءِ جو تون هن اُمت سان گڏجي انهي ملڪ ۾ ويندين، جنهن بابت خداوند هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کڻي چيو هو تہ هنن کي ڏيندو؛ ۽ تون هنن کي انهي جو وارث ڪندين. 8۽ خداوند پاڻ تنهنجي اڳيان ٿو هلي، اهو توسان رهندو، هو توکي نااُميد نہ ڪندو، نڪي توکي ڇڏي ڏيندو: ڊڄ نہ، ۽ نہ ڪو خوف ڪر.
9۽ موسيٰ هيءَ شريعت لکي بني لاويءَ کي، جي ڪاهن هئا، ۽ خداوند جي عهد جي صندوق کڻندا هئا، ۽ اسرائيل جي سڀني بزرگن کي ڏني. 10۽ موسيٰ انهن کي حڪم ڏيئي چيو، تہ ستن ورهين جي پڇاڙيءَ ۾، ڇوٽڪاري واري سال جي مقرر ڪيل وقت تي، تنبن واريءَ عيد تي، 11جڏهن سڀ اسرائيلي خداوند تنهنجي خدا جي حضور ۾ سندس چونڊيل هنڌ اچي حاضر ٿين، تڏهن تون هيءَ شريعت سڀني اسرائيلين کي پڙهي ٻڌائج. 12۽ تون سڀني ماڻهن کي، يعني مردن ۽ زالن ۽ ٻارن کي ۽ جيڪي پرديسي تنهنجي شهر ۾ هجن، تن سڀني کي گڏ ڪج، تہ اهي ٻڌن، ۽ سکن، ۽ خداوند تنهنجي خدا کان ڊڄندا رهن، ۽ هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي خبرداريءَ سان عمل ڪن؛ 13۽ انهن جا ٻار، جن کي ڪابہ خبر ڪانهي، سي بہ ٻڌن، ۽ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين يردن جي پار ٿا وڃو، تنهن ۾ جيستائين اوهين رهو تيستائين اهي خداوند تنهنجي خدا کان ڊڄڻ سکن.
14پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو، تہ ڏس تنهنجي مرڻ جا ڏينهن ويجها آيا آهن: سو تون يشوع کي سڏ ۽ اوهين جماعت واري تنبوءَ ۾ وڃي حاضر ٿيو، تہ آءٌ هن کي حڪم ڏيان. تنهن تي موسيٰ ۽ يشوع وڃي جماعت واري تنبوءَ ۾ حاضر ٿيا. 15۽ خداوند تنبوءَ منجهہ ڪڪر جي ٿنڀ ۾ ظاهر ٿيو: ۽ اهو ڪڪر جو ٿنڀ تنبوءَ جي در تي بيهي رهيو. 16تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو، تہ ڏس، تون پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ سمهي پوندين؛ ۽ ماڻهو جنهن ملڪ ۾ رهڻ جي لاءِ وڃن ٿا، اُتي جي ڌارين معبودن جي پيروي ڪري زناڪاري ڪندا، ۽ مون کي ڇڏي ڏيندا، ۽ جيڪو عهد مون ساڻن ڪيو آهي سو ڀڃي ڇڏيندا. 17تڏهن انهي ڏينهن مون کي ماڻهن تي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي، ۽ آءٌ انهن کي ڇڏي ڏيندس، ۽ پنهنجو منهن انهن کان لڪائي ڇڏيندس، ۽ اهي کاڄ ٿي ويندا، ۽ گهڻيون ئي خرابيون ۽ مصيبتون مٿن اينديون؛ جنهن ڪري انهي ڏينهن اهي چوندا، تہ هي خرابيون اسان تي انهي ڪري نہ آيون آهن ڇا جو اسان جو خدا اسان منجهہ ڪونهي. 18۽ ٻين معبودن ڏانهن ڦري جيڪي برايون اهي ڪندا، تن سڀني جي ڪري آءٌ ضرور کانئن پنهنجو منهن لڪائي ڇڏيندس. 19تنهنڪري هاڻي اوهين پنهنجي لاءِ هي گيت لکو، ۽ اهو تون بني اسرائيل کي سيکار: ۽ کين ياد ڪراءِ تہ ڀلي اهو گيت بني اسرائيل تي منهنجي پاران شاهد هجي. 20ڇالاءِ تہ جڏهن آءٌ هنن کي انهي ملڪ ۾ آڻيندس، جنهن بابت مون هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، ۽ جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي؛ ۽ جڏهن هو کائي پيٽ ڀري ٿلها متارا ٿيندا؛ تڏهن هو ٻين معبودن ڏانهن ڦرندا، ۽ انهن جي عبادت ڪندا، ۽ منهنجي حقارت ڪندا، ۽ منهنجو عهد ڀڃندا. 21۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن گهڻيون ئي خرابيون ۽ مصيبتون انهن تي اينديون، تڏهن هي گيت انهن تي شاهد وانگر شاهدي ڏيندو؛ ڇالاءِ جو اهو هنن جي اولاد جي وات مان وسري ڪين ويندو، ڇو جو مون کي خبر آهي، تہ هاڻي ئي، يعني جنهن ملڪ بابت مون قسم کنيو هو، تنهن ۾ آءٌ کين پهچايان تنهن کان اڳ ۾ ئي، انهن جا خيال ڪيڏانهن پيا ڊوڙن. 22سو موسيٰ اهو گيت انهي ساڳي ڏينهن لکيو، ۽ بني اسرائيل کي سيکاريائين. 23۽ هن نون جي پٽ يشوع کي نصيحت ڪئي، ۽ چيائينس تہ زور ڀريو ۽ همت وارو ٿي؛ ڇالاءِ جو تون بني اسرائيل کي انهي ملڪ ۾ آڻيندين جنهن بابت مون ساڻن قسم کنيو هو: ۽ آءٌ توسان هوندس.
24۽ هيئن ٿيو، تہ جڏهن موسيٰ هن شريعت جون سڀ ڳالهيون هڪڙي ڪتاب ۾ لکي چڪو، ۽ اهي پوريون ٿيون، 25تڏهن لاوي، جي خداوند جي عهد جي صندوق کڻندا هئا، تن کي موسيٰ حڪم ڏيئي چيو، تہ 26هي شريعت جو ڪتاب کڻي، خداوند پنهنجي خدا جي عهد جي صندوق جي پاسي ۾ رکو، تہ ڀلي تہ اها اوهان تي شاهدي هجي. 27ڇالاءِ جو مون کي اوهان جي بغاوت ۽ اوهان جي هٺ جي خبر آهي: ڏسو، اڄ تائين آءٌ اوهان سان جيئرو ويٺو آهيان، تڏهن بہ اوهان خدا جي برخلاف بغاوت پئي ڪئي آهي؛ سو منهنجي مُئي کان پوءِ ڪيترو نہ وڌيڪ ائين ڪندا؟ 28اوهين پنهنجن قبيلن جي سڀني بزرگن کي، ۽ پنهنجي عملدارن کي مون وٽ وٺي اچو، تہ آءٌ انهن جي ٻڌندي هي ڳالهيون چوان، ۽ آسمان ۽ زمين کي مٿن شاهد ڪريان. 29ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ منهنجي مرڻ کان پوءِ اوهين پاڻ کي بلڪل بگاڙي ڇڏيندا، ۽ جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن کان ڦري ويندا؛ ۽ پوين ڏينهن ۾ اوهان تي ڏک ايندا؛ ڇالاءِ جو اوهين اهي ڪم ڪندا جي خداوند جي نظر ۾ خراب آهن، ۽ اوهين پنهنجن هٿن جي ڪمن سان هن کي غصو ڏياريندا.
30پوءِ موسيٰ هن گيت جا لفظ اسرائيل جي ساريءَ جماعت کي پڇاڙيءَ تائين چئي ٻڌايا.
Currently Selected:
شريعت جو دور 31: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.