YouVersion Logo
Search Icon

شريعت جو دور 26

26
1۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن ۾ جڏهن تون پهچين، ۽ انهي تي قبضو ڪري منجهس رهڻ لڳين؛ 2تڏهن جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن جي زمين جي پيداوار مان پهريون ڦل هڪڙي ٽوڪريءَ ۾ رکي، انهي هنڌ کڻي وڃج، جو خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي. 3۽ جيڪو انهن ڏينهن ۾ ڪاهن هجي، تنهن وٽ وڃي چئجانس، تہ آءٌ اڄ خداوند تنهنجي خدا جي حضور ۾ اقرار ٿو ڪريان، تہ جيڪو ملڪ اسان کي ڏيڻ لاءِ خداوند اسان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن ۾ آءٌ آيو آهيان. 4۽ ڪاهن اها ٽوڪري تنهنجي هٿن مان وٺي، خداوند تنهنجي خدا جي قربانگاهہ تي رکي. 5۽ تون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ ورندي ڏيئي چئج، تہ هڪڙو مرڻ هار ارامي منهنجو پيءُ هو، ۽ اهو ٿورا ماڻهو ساڻ ڪري مصر ۾ وڃي اتي رهڻ لڳو؛ ۽ هو اتي هڪڙي وڏي، زوراور، ۽ گهڻن ماڻهن واري قوم ٿي پيو: 6۽ مصرين اسان سان خراب هلت ڪئي، ۽ اسان کي ڏک ڏنائون، ۽ اسان کان سخت غلامي ڪرايائون: 7تڏهن اسان خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي حضور ۾ دانهون ڪيون، ۽ خداوند اسان جو آواز ٻڌو، ۽ اسان جي مصيبت، ۽ اسان جي محنت ۽ اسان جي مظلومي ڏٺائين: 8۽ خداوند اسان کي زوراور هٿ سان، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان، ۽ وڏيءَ هيبت سان، ۽ نشانن سان، ۽ معجزن سان مصر مان ٻاهر ڪڍي آندو: 9۽ انهي اسان کي هن هنڌ آندو آهي، ۽ اسان کي هي ملڪ ڏنو اٿس، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي. 10سو هاڻي، اي خداوند ڏس، جيڪا زمين تو مون کي ڏني آهي، تنهن جو پهريون ڦل مون آندو آهي. پوءِ تون اها خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ رکي، خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان سجدو ڪج: 11پوءِ تون، ۽ لاوي، ۽ جيڪو پرديسي اوهان جي وچ ۾ رهندو هجي، سي سڀيئي گڏجي، جيڪي نعمتون خداوند تنهنجي خدا توکي ڏنيون آهن، تن جي ڪري خوشيون ڪجو.
12ٽيون سال، جو ڏهين حصي اُڳاڙڻ جو سال آهي، تنهن ۾ جڏهن تون پنهنجي سموريءَ پيدائش جو ڏهون حصو ڪڍي پورو ڪرين، تڏهن تون اهو لاويءَ کي، ۽ پرديسيءَ، ۽ يتيم کي، ۽ بيوہ زال کي ڏج، تہ اهي تنهنجن دروازن جي اندر کائي ڍءُ ڪن؛ 13تون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ هيئن چئج، تہ جيڪي حڪم تو مون کي ڏنا آهن، تن موجب مون پاڪ شيون پنهنجي گهر مان ڪڍيون آهن، ۽ اهي لاويءَ کي، ۽ پرديسيءَ کي، ۽ يتيم کي، ۽ بيوہ زال کي ڏنيون اٿم: مون تنهنجي ڪنهن بہ حڪم جي انحرافي نہ ڪئي آهي، نڪي اهي وساري ڇڏيا اٿم: 14مون پنهنجي ماتم جي وقت انهن مان ڪي بہ نہ کاڌو آهي، نڪي ناپاڪيءَ جي حالت ۾ انهن مان ڪي ڪڍيو اٿم، نڪي مئلن جي لاءِ انهن مان ڪي ڏنو اٿم: مون خداوند پنهنجي خدا جو آواز ٻڌو آهي، ۽ جيڪي بہ حڪم تو مون کي ڏنا آهن، تن موجب ڪيو اٿم. 15تون پنهنجي پاڪ مڪان يعني آسمان مان هيٺ نگاهہ ڪر، ۽ پنهنجيءَ اُمت بني اسرائيل کي، ۽ هن ملڪ کي برڪت ڏي، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، ۽ جو ملڪ اسان کي ڏيڻ لاءِ تو اسان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.
16خداوند تنهنجو خدا اڄوڪي ڏينهن توکي حڪم ٿو ڏئي، تہ هنن قانونن ۽ فيصلن تي عمل ڪج: تنهنڪري تون پنهنجي ساريءَ دل سان، اهي ياد رکج ۽ مٿن عمل ڪج. 17تو اڄوڪي ڏينهن اقرار ڪيو آهي تہ خداوند ئي تنهنجو خدا آهي، ۽ تون هن جي واٽن تي هلندين، ۽ هن جو آواز ٻڌندين، ۽ هن جي قانونن کي، ۽ هن جي حڪمن کي، ۽ هن جي فيصلن کي مڃيندو رهندين: 18۽ خداوند بہ اڄوڪي ڏينهن توسان اقرار ڪيو آهي تہ تون هن جي خاص اُمت آهين، ۽ جيئن ڪ هن توسان واعدو ڪيو آهي تون بہ هن جا سڀ حڪم مڃيندو رهج؛ 19۽ جيڪي قومون هن پيدا ڪيون آهن، تن سڀني ۾ هو توکي تعريف ۾، ۽ نالي ۾، ۽ عزت ۾ وڌائيندو، ۽ تون خداوند پنهنجي خدا جي هڪڙي پاڪ اُمت ٿيندين، جيئن ڪ هن فرمايو آهي.

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in