شريعت جو دور 25
25
1جيڪڏهن ماڻهن ۾ ڪو تڪرار ٿئي، ۽ اهي عدالت ۾ اچن، ۽ قاضي انهن جو انصاف ڪن؛ تہ هنن کي گهرجي تہ راستباز کي بيگناهہ ٺهرائين، ۽ شرير کي سزا ڏين؛ 2۽ جيڪڏهن اهو شرير سزا جو لائق هجي، تہ قاضي انهي کي پٽ تي سمهاري، ۽ پنهنجي روبرو انهيءَ شرارت موجب ڳڻي ڦٽڪا هڻائي. 3هو انهي کي چاليهہ ڦٽڪا هڻائي، وڌيڪ نہ هڻائيس: متان انهن کان وڌيڪ ڦٽڪا کائڻ ڪري، تنهنجو ڀاءُ تنهنجي اڳيان ذليل ڏسڻ ۾ اچي.
4جڏهن ڏاند اَن ڳاهي تڏهن انهي جو ٻُوٿ نہ ٻڌ.
5جڏهن ڪي ڀائر گڏ رهندا هجن، ۽ انهن مان هڪڙو مري وڃي، ۽ پٽ نہ هجيس، تہ انهي فوتيءَ جي زال ڌارئي ماڻهو سان نہ وڃي پرڻجي: سندس مڙس جو ڀاءُ انهيءَ وٽ وڃي، ۽ کيس پنهنجي زال ڪري، ۽ ساڻس ڏير جو حق ادا ڪري. 6۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪو پهريون ٻار هوءَ ڄڻيندي سو هن جي فوتي ڀاءُ جي نالي سان انهي جو وارث ٿيندو، انهي لاءِ تہ اسرائيل منجهان انهي جو نالو ميٽجي نہ وڃي. 7پر جيڪڏهن هو ماڻهو پنهنجي ڀاڄائيءَ سان پرڻجڻ تي راضي نہ ٿئي، تہ سندس ڀاڄائي شهر جي دروازي تي بزرگن وٽ وڃي چوي، تہ منهنجو ڏير پنهنجي ڀاءُ جو نالو اسرائيل ۾ قائم رکڻ کان انڪار ٿو ڪري، ۽ مون سان ڏير جو حق ادا ڪرڻ نٿو گهري. 8تڏهن شهر جا بزرگ انهي ماڻهوءَ کي سڏي کيس سمجهائين: ۽ جيڪڏهن هو پنهنجيءَ ڳالهہ تي قائم رهي، ۽ چوي، تہ آءٌ هن سان پرڻجڻ نٿو گهران؛ 9تہ پوءِ سندس ڀاڄائي بزرگن جي روبرو هن وٽ اچي، ۽ هن جي پير مان پادر لاهي، ۽ هن جي منهن تي ٿُڪ هڻي ۽ چويس، تہ جيڪو پنهنجي ڀاءُ جو گهر آباد نٿو ڪري تنهن سان هيئن ڪرڻ گهرجي. 10۽ اسرائيل ۾ انهيءَ ماڻهوءَ جو هي نالو پئجي وڃي، ”پادر لٿل ماڻهوءَ جو گهراڻو“.
11جڏهن ٻہ ماڻهو پاڻ ۾ وڙهن، ۽ هڪڙي جي زال پنهنجي مڙس کي مارڻ واري جي هٿان ڇڏائڻ جي لاءِ ويجهو اچي، پنهنجو هٿ ڊگهيري، ۽ انهي ماڻهوءَ جي آنورن کي جهلي: 12تہ تون انهيءَ زال جو هٿ وڍي ڇڏج، ۽ تون انهي تي ڪوبہ قياس نہ ڪج.
13تون پنهنجي ڳوٿريءَ ۾ جدا جدا قسمن جا، يعني هڪڙا ننڍا ٻيا وڏا وٽ نہ رکج. 14تون پنهنجي گهر ۾ جدا جدا قسمن جا يعني هڪڙا ننڍا ٻيا وڏا ماڻ نہ رکج. 15پر تون بلڪل پورا ۽ سچا وٽ ۽ ماڻ رکج؛ تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عمر وڏي ٿئي. 16ڇالاءِ تہ جيڪي ماڻهو اهڙا ڪم ٿا ڪن، يعني جيڪي اهڙا ڪپت جا ڪم ٿا ڪن، سي خداوند تنهنجي خدا جي نظر ۾ مڪروهہ آهن.
17جڏهن اوهين مصر مان نڪري آيا، تڏهن واٽ تي عماليقين توسان ڇا ڪيو سو ياد رکج. 18ڪيئن نہ هو واٽ تي توکي اچي گڏيا، ۽ جڏهن تون ٿڪل ۽ ماندو هئين، تڏهن تنهنجا ضعيف ماڻهو جيڪي پٺتي رهيل هئا، تن سڀني کي اچي ماريائون. 19تنهنڪري هيئن ٿيندو، تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور قبضي ۾ ٿو ڏئي، تنهن ۾ جيڪي تنهنجا دشمن تنهنجي آس پاس هوندا، تن کان جڏهن خداوند تنهنجو خدا توکي آرام ڏئي، تڏهن تون زمين تان عماليقين جو نالو نشان مٽائي ڇڏج؛ تون اها ڳالهہ نہ وسارج.
Currently Selected:
شريعت جو دور 25: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.