شريعت جو دور 24
24
1جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن زال سان شادي ڪري، تڏهن هيئن ٿيندو، تہ جيڪڏهن هو انهي ۾ ڪا اڻ وڻندڙ ڳالهہ ڏسي، انهيءَ کي پسند نہ ڪري، تہ هو انهيءَ کي طلاق نامو لکي ڏئي، ۽ پوءِ پنهنجي گهر مان ڪڍي ڇڏيس. 2۽ جڏهن هو انهي جي گهر مان نڪري وڃي، تڏهن ڀلي وڃي ٻيو مڙس ڪري. 3۽ جي هي ٻيو مڙس بہ انهيءَ مان بيزار ٿي پوي، تہ اهو بہ کيس طلاق نامو لکي ڏئي، ۽ پوءِ پنهنجي گهر مان ڪڍي ڇڏيس، يا جي هي ٻيو مڙس، جنهن هن سان شادي ڪئي هئي، سو مري وڃي؛ 4تہ سندس پهريون مڙس، جنهن ڪڍي ڇڏيو هوس، سو هن جي ناپاڪ ٿيڻ کان پوءِ وري کيس پنهنجي زال نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو اهڙو ڪم خداوند جي نظر ۾ مڪروهہ آهي: ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ گناهہ ٿيڻ نہ ڏج.
5جڏهن ڪو ماڻهو ڪا نئين زال پرڻجي، تڏهن هو لشڪر ۾ شامل ٿي جنگ تي نہ وڃي، ۽ نہ انهي کي ڪو ٻيو ڪم ڪرڻ لاءِ ڏجي: هو هڪڙي سال تائين ڀلي تہ گهر ۾ آزاد رهي، ۽ جيڪا زال پرڻيو آهي تنهن کي خوش رکي. 6ڪوبہ ماڻهو جنڊ، يا جنڊ جو مٿيون پُڙ گروي نہ رکي: ڇالاءِ جو هو ماڻهوءَ جي حياتيءَ جو آسرو گروي ٿو رکي.
7جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجن بني اسرائيلي ڀائرن مان ڪنهن کي چورائي، پاڻ وٽ غلامي ڪرائي، يا وڪڻي ڇڏيس، تہ اهو چور ضرور ماريو وڃي: انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.
8تون ڪوڙهہ جي بيماريءَ کان سنڀاليندو رهج، ۽ جيڪي لاوي ڪاهن اوهان کي سيکارين، انهي موجب خبرداريءَ سان عمل ڪج: جيئن مون انهن کي حڪم ڏنو آهي، تيئن اوهين خبرداريءَ سان ڪندا رهجو. 9جڏهن اوهين مصر مان نڪري آيا، تڏهن رستي ۾ خداوند تنهنجي خدا جيڪي مريم سان ڪيو سو ياد رکو.
10جڏهن تون پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪي قرض ڏين، تڏهن انهي جي ڪا شيءِ گروي رکڻ لاءِ سندس گهر ۾ نہ گهڙج. 11تون ٻاهر بيهي رهج، ۽ جنهن ماڻهوءَ کي تو قرض ڏنو آهي سو پاڻيهي اها شيءِ ٻاهر آڻي گرويءَ طور توکي ڏئي. 12۽ جيڪڏهن هو غريب ماڻهو هجي، تہ تون انهي جي گرويءَ واري شيءِ پاڻ وٽ رکي سمهي نہ رهج: 13پر جڏهن سج لهي تڏهن تون ضرور اها شيءِ هن کي موٽائي ڏج، تہ هو پنهنجو ڪپڙو ڍڪي سمهي، ۽ توکي دعا ڪري: ۽ خداوند تنهنجي خدا جي اڳيان اها تنهنجي لاءِ راستبازي ليکي ويندي.
14تون پنهنجي غريب ۽ محتاج پورهيت تي ظلم نہ ڪج، پوءِ اهو تنهنجن ڀائرن منجهان هجي، يا انهن ڌارين مان جي تنهنجي ملڪ ۾ تنهنجن شهرن ۾ رهندا هجن. 15جنهن ڏينهن هو ڪمائي، انهي ڏينهن سج لهڻ کان اڳ ۾ تون هن کي مزوري ڏج؛ ڇالاءِ جو هو غريب آهي، ۽ هن جي دل انهي ۾ لڳل آهي: متان هو تنهنجي برخلاف خداوند جي حضور ۾ پڪاري، ۽ اهو تنهنجي لاءِ گناهہ ٿئي. 16پٽ جي بدلي پيءُ ماريو نہ وڃي، نڪي پيءُ جي بدلي پٽ ماريو وڃي: هرڪو ماڻهو پنهنجي ئي گناهہ جي لاءِ ماريو وڃي.
17تون ڪنهن مسافر يا يتيم سان ناحق نہ ڪج، نڪي ڪنهن بيوہ زال جا ڪپڙا گروي رکج: 18پر تون ياد رکج تہ تون مصر ۾ غلام هئين، ۽ خداوند تنهنجي خدا توکي اُتان ڇڏايو: تنهنڪري آءٌ توکي ائين ڪرڻ لاءِ حڪم ٿو ڏيان.
19جڏهن تون پنهنجي ٻنيءَ جو فصل لڻين، ۽ ٻنيءَ ۾ هڪڙو سنگ وساري ڇڏين، تڏهن اهو کڻڻ لاءِ وري نہ وڃج: اهو مسافر، ۽ يتيم، ۽ بيوہ زال لاءِ پيو رهي: انهي لاءِ تہ جنهن ڪم ۾ تون هٿ وجهين، تنهن ۾ خداوند تنهنجو خدا توکي برڪت ڏئي.
20جڏهن تون پنهنجي زيتون جي وڻ کي ڌوڻين، تڏهن ساڳين ٽارين تي ٻيو ڀيرو نہ وڃج: اهو مسافر، ۽ يتيم، ۽ بيوہ زال لاءِ پيو رهي. 21جڏهن تون پنهنجي ڊاک جي منهہ جي ڊاک گڏ ڪرين، تڏهن جيڪا رهجي وڃي سا ٻيو ڀيرو گڏ نہ ڪج: اها مسافر، ۽ يتيم ۽ بيوہ زال لاءِ پيئي رهي. 22۽ تون ياد رکج تہ تون مصر جي ملڪ ۾ غلام هئين: تنهنڪري آءٌ توکي ائين ڪرڻ لاءِ حڪم ٿو ڏيان.
Currently Selected:
شريعت جو دور 24: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.