YouVersion Logo
Search Icon

شريعت جو دور 23

23
1جنهن ماڻهوءَ کي آنورن ۾ ڪو زخم هجي، يا جنهن جي آلت وڍيل هجي، سو خداوند جي جماعت ۾ داخل نہ ٿئي.
2ڪوبہ حرام مان ڄاول خداوند جي جماعت ۾ داخل نہ ٿئي؛ انهي جي ڏهين پيڙهيءَ تائين سندس نسل مان ڪوبہ خداوند جي جماعت ۾ داخل نہ ٿئي.
3ڪوبہ اموني يا موآبي خداوند جي جماعت ۾ داخل نہ ٿئي؛ انهن جي ڏهين پيڙهيءَ تائين منجهائن ڪوبہ خداوند جي جماعت ۾ داخل نہ ٿئي: 4ڇالاءِ تہ جڏهن اوهين مصر مان نڪري آيا ٿي، تڏهن اهي ماني ۽ پاڻي کڻي اوهان کي رستي ۾ نہ اچي گڏيا؛ پر اُٽلندو بعور جي پٽ بلعام کي، مسوپوتاميہ جي شهر فتور مان پئسا ڏيئي وٺي آيا، تہ توتي لعنت وجهي. 5پر خداوند تنهنجي خدا بلعام جي نہ ٻڌي؛ بلڪ خداوند تنهنجي خدا تنهنجي لاءِ لعنت کي ڦيرائي برڪت ڪيو، ڇو جو خداوند تنهنجي خدا کي توسان محبت هئي. 6تون پنهنجي سڄيءَ حياتيءَ ۾ ڪڏهن بہ هنن جو سک يا آرام نہ ڳولج.
7تون ڪنهن ادوميءَ سان نفرت نہ رکج؛ ڇالاءِ جو هو تنهنجو ڀاءُ آهي: تون ڪنهن مصريءَ سان بہ نفرت نہ رکج؛ ڇالاءِ جو تون انهي جي ملڪ ۾ مسافر هئين. 8انهن جي ٽين پيڙهيءَ جا ٻار ڀلي تہ خداوند جي جماعت ۾ شامل ٿين.
9جڏهن تون پنهنجن دشمنن سان وڙهڻ لاءِ منزلگاهہ ۾ وڃين، تڏهن پاڻ کي هر ڪنهن خراب شيءِ کان بچائج. 10جيڪڏهن اوهان ۾ ڪو اهڙو ماڻهو هجي، جو رات جو احتلام جي ڪري ناپاڪ ٿيو هجي، تہ اهو منزلگاهہ کان ٻاهر نڪري وڃي، ۽ منزلگاهہ ۾ نہ اچي: 11پر جڏهن سانجهي ٿئي، تڏهن هو پاڻيءَ سان وهنجي: ۽ جڏهن سج لهي وڃي، تڏهن منزلگاهہ جي اندر اچي. 12تون منزلگاهہ جي ٻاهر هڪڙي جاءِ مقرر ڪج جتي تون حاجت لاهڻ وڃين: 13۽ تون پنهنجن هٿيارن ۾ هڪڙو رنبو رکج؛ ۽ جڏهن تون ٻاهر حاجت لاهڻ وڃين، تڏهن انهي سان زمين کوٽج، ۽ گند کي ڪڍي ڇڏج: 14ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا توکي بچائڻ لاءِ، ۽ تنهنجي دشمن کي تنهنجي هٿ ۾ ڏيڻ لاءِ، تنهنجيءَ ڇانوڻيءَ ۾ پيو گهمي؛ تنهنڪري تون پنهنجيءَ منزلگاهہ کي پاڪ رکج: متان هو تو ۾ گندگي ڏسي، ۽ توکان منهن ڦيرائي هليو وڃي.
15جيڪڏهن ڪو غلام پنهنجي مالڪ وٽان ڀڄي تو وٽ اچي، تہ تون انهي کي سندس مالڪ جي حوالي نہ ڪج: 16پر هو ڀلي تو وٽ تنهنجي وچ ۾ تنهنجن شهرن مان ڪنهن ۾، جتي وڻيس اُتي رهي: تون انهي تي ظلم نہ ڪج.
17اسرائيلين جي ڌيئرن مان ڪابہ ڪسبياڻي نہ ٿئي، ۽ نڪي اسرائيلين جي پٽن مان ڪو لونڊو ٿئي. 18تون ڪنهن ڪسبياڻيءَ جي يا لونڊي جي ڪمائيءَ مان نذرانو ڪري، خداوند پنهنجي خدا جي گهر ۾ متان آڻين: ڇالاءِ جو انهن ٻنهي کان خداوند تنهنجي خدا کي نفرت آهي.
19تون پنهنجي ڀاءُ کي وياج تي قرض نہ ڏج؛ پئسن جو وياج، يا کاڌي جي شين جو وياج، يا ٻيءَ ڪنهن بہ شيءِ جو وياج نہ وٺج: 20ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ کي تون ڀلي وياج تي قرض ڏج؛ پر پنهنجي ڀاءُ کي ڪابہ شيءِ وياج تي اُڌاري نہ ڏج: تہ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ تون وڃين ٿو، انهي ۾ خداوند تنهنجو خدا انهن سڀني ڪمن ۾، جن ۾ تون هٿ وجهندين، تن ۾ توکي برڪت ڏيندو.
21جڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ ڪا مڃتا مڃين، تڏهن انهيءَ جي پوري ڪرڻ ۾ دير نہ ڪج: نہ تہ تو تي گناهہ ايندو، ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا ضرور توکان انهيءَ جي طلب ڪندو: 22پر جي تون مڃتا نہ مڃيندين، تہ پوءِ تو تي ڪو گناهہ ڪونہ ايندو. 23جيڪي تنهنجي وات مان نڪري سو تون ضرور پورو ڪج، ۽ جيڪا مڃتا تو خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ مڃي هجي، يعني جنهن بہ خوشيءَ جي قربانيءَ جو واعدو تو پنهنجي وات مان ڪڍيو هجي، سا ضرور پوري ڪج.
24جڏهن تون پنهنجي پاڙيسريءَ جي ڊاک جي منهہ ۾ وڃين، تڏهن جيتري ڊاک وڻيئي اوتري کائي پيٽ ڀرج؛ پر پنهنجي ٿانوَ ۾ ڪي بہ نہ کڻج.
25جڏهن تون پنهنجي پاڙيسريءَ جي ان جي بيٺل پوک ۾ وڃين، تڏهن پنهنجي هٿ سان سنگ ڀلي پٽج؛ پر پنهنجي پاڙيسريءَ جي بيٺل پوک ۾ ڏاٽو نہ گهمائج.

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in