YouVersion Logo
Search Icon

شريعت جو دور 22

22
1تون پنهنجي ڀاءُ جو ڏاند يا رڍ رلندي ڏسين، تہ ڏٺي اڻ ڏٺي نہ ڪج: پر تون ضرور ورائي آڻي پنهنجي ڀاءُ کي ڏج. 2پر جيڪڏهن هو تنهنجو ڀاءُ توکي ويجهو نہ هجي، يا تون انهي کي نہ سڃاڻندو هجين، تہ تون انهي جانور کي پنهنجي گهر وٺي اچج، ۽ اهو تنهنجي گهر ۾ رهي جيسين ڪ تنهنجو ڀاءُ انهي جي ڳولا ڪري، پوءِ تون انهي کي موٽائي ڏج. 3ائين ئي تون هن جي گڏهہ سان، ۽ هن جي ڪپڙن سان بہ ڪج؛ مطلب تہ تنهنجي ڀاءُ جي ڪابہ گم ٿيل شيءِ، جا هن وڃائي هجي، ۽ تو لڌي هجي تنهن سان تون ائين ڪج: تون انهي کي ڏٺي اڻ ڏٺي نہ ڪج.
4تون پنهنجي ڀاءُ جو گڏهہ يا ڏاند رستي ۾ ڪريل ڏسي، پاسو ڪري هليو نہ وڃج: پر ضرور انهي کي اُٿارڻ ۾ هن جي مدد ڪج. 5ڪابہ زال مرداڻي پوشاڪ نہ ڍڪي، نڪي ڪو مرد زالاڻا ڪپڙا پائي: ڇالاءِ تہ جيڪو ائين ٿو ڪري، تنهن کان خداوند تنهنجي خدا کي نفرت آهي.
6جيڪڏهن توکي واٽ ويندي اتفاق سان ڪنهن پکيءَ جو آکيرو پٽ تي يا وڻ تي ڏسڻ ۾ اچي، ۽ انهي ۾ آنا يا ٻچا هجن، ۽ مادي آنن يا ٻچن تي ويٺل هجي، تہ تون ماديءَ کي ٻچن سميت نہ کڻج: 7تون ٻچا کڻين تہ ڀلي کڻج، پر ماديءَ کي ضرور ڇڏي ڏج؛ تہ تنهنجو ڀلو ٿئي، ۽ تنهنجي حياتي وڌي.
8جڏهن تون ڪو نئون گهر جوڙين، تڏهن پنهنجيءَ ڇت تي چوڌاري ٻنو ٻڌائج، تہ متان ڪو ماڻهو اتان ڪري پوي، ۽ انهي جو خون تنهنجي گهر تي اچي. 9تون پنهنجي ڊاک جي منهہ ۾ ٻن قسمن جو ٻج نہ پوکج: متان انهي جو سڀ ميوو، يعني تنهنجو پوکيل ٻج، ۽ ڊاک جي سڀ پيداوار ضبط ٿي پوي.
10تون ڏاند ۽ گڏهہ کي گڏ جوٽي هر نہ ڏج. 11تون پشم ۽ سڻيءَ جو گڏ اُڻيل ڪپڙو نہ پائج.
12جنهن ڪپڙي سان تون پاڻ کي ڍڪين، تنهن جي چئن ئي پاسن تي جهالر لڳائج.
13جڏهن ڪو ماڻهو زال پرڻجي، ۽ انهيءَ وٽ وڃي، ۽ پوءِ انهيءَ سان اڻبڻت ٿئيس، 14۽ انهيءَ تي شرم جهڙين ڳالهين جي تهمت رکي، ۽ کيس بدنام ڪري، ۽ چوي تہ مون هن زال سان شادي ڪئي، ۽ جڏهن آءٌ وٽس ويس، تڏهن مون هن ۾ ڪنوارپڻي جون نشانيون نہ ڏٺيون: 15تڏهن انهيءَ ڇوڪريءَ جا ماءُ ۽ پيءُ هن جي ڪنوارپڻي جون نشانيون کڻي، شهر جي دروازي تي بزرگن وٽ اچن: 16۽ انهيءَ ڇوڪريءَ جو پيءُ بزرگن کي چوي تہ ڏسو، مون پنهنجي ڌيءَ هن ماڻهوءَ کي پرڻائي ڏني، ۽ هو انهيءَ سان نفرت ٿو ڪري؛ 17ڏسو، هن مٿس شرم جهڙين ڳالهين جي تهمت رکي آهي، ۽ چوي ٿو تہ مون تنهنجي ڌيءَ ۾ ڪنوارپڻي جون نشانيون نہ ڏٺيون؛ پر منهنجيءَ ڌيءَ جي ڪنوارپڻي جون نشانيون اِجهي هي آهن. پوءِ اهي شهر جي بزرگن جي اڳيان اهو ڪپڙو وڇائين. 18تڏهن انهيءَ شهر جا بزرگ انهي ماڻهوءَ کي سزا ڏين؛ 19۽ مٿس چانديءَ جا هڪ سؤ مشقال ڏنڊ وجهن؛ ڇالاءِ جو هن اسرائيل جي هڪڙي ڪنواريءَ ڇوڪريءَ تي بدنامي آندي آهي، ۽ اهي ڏنڊ وارا پئسا ڇوڪريءَ جي پيءُ کي ڏين: پوءِ هو انهيءَ ماڻهوءَ جي زال ٿي رهي؛ ۽ هو انهيءَ کي حياتيءَ تائين طلاق نہ ڏئي. 20پر جي اها ڳالهہ سچي هجي، يعني انهيءَ ڇوڪريءَ ۾ ڪنوارپڻي جون نشانيون ڏسڻ ۾ نہ آيون هجن: 21تہ پوءِ انهيءَ ڇوڪريءَ کي سندس پيءُ جي گهر جي در تي وٺي اچن، ۽ سندس شهر جا ماڻهو کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين: ڇالاءِ جو هن پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ زناڪاري ڪري اسرائيل ۾ بيعزتيءَ جو ڪم ڪيو آهي: انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.
22جيڪڏهن ڪو مرد ماڻهو ڪنهن پرڻيل زال سان گڏ سمهندو ڏسڻ ۾ اچي، تہ اهي ٻئي ماريا وڃن، يعني اهو جو زال سان گڏ ستو، ۽ اها زال: انهيءَ طرح تون اها خرابي اسرائيل جي وچ مان ڪڍي ڇڏج.
23جيڪڏهن ڪا ڪنواري ڇوڪري، جا ڪنهن مرد سان مڱيل هجي، ۽ ڪو ٻيو ماڻهو انهيءَ کي شهر ۾ ڏسي ساڻس سمهي؛ 24تہ اوهين انهن ٻنهي کي انهي شهر جي دروازي تي آڻي، کين سنگسار ڪري ماري ڇڏجو؛ انهيءَ ڇوڪريءَ کي هن ڪري، جو هو شهر ۾ هئي تڏهن بہ رڙيون نہ ڪيائين؛ ۽ انهي ماڻهوءَ کي هن ڪري، جو هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال کي بي آبرو ڪيو: انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.
25پر جيڪڏهن اهو ماڻهو انهيءَ ڇوڪريءَ کي جهنگ ۾ ڏسي، ۽ ساڻس زوريءَ سمهي، تہ فقط انهي ماڻهوءَ کي مارڻ گهرجي، جو هو انهيءَ ڇوڪريءَ سان ستو هو: 26پر ڇوڪريءَ کي تون ڪي بہ نہ ڪج؛ انهيءَ ڇوڪريءَ جو گناهہ موت جي لائق نہ آهي: ڇالاءِ تہ جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ تي حملو ڪري، انهي کي ماري وجهي، تيئن هيءَ ڳالهہ بہ آهي: 27ڇوتہ هن انهيءَ ڇوڪريءَ کي جهنگ ۾ ڏٺو؛ مڱيل ڇوڪريءَ رڙيون ڪيون پر اتي ڪوبہ ڪونہ هو، جو انهيءَ کي بچائي.
28جيڪڏهن ڪو مرد ماڻهو ڪا ڪنواري ڇوڪري ڏسي، جا مڱيل نہ هجي، ۽ انهيءَ کي جهلي ساڻس سمهي، ۽ اهي ٻئي پڪڙجي پون؛ 29تہ جيڪو ماڻهو انهيءَ ڇوڪريءَ سان ستو، سو انهيءَ جي پيءُ کي چانديءَ جا پنجاهہ مشقال ڏئي، ڇالاءِ جو هن انهي کي بي آبرو ڪيو آهي؛ پوءِ هوءَ انهي جي زال ٿي رهي، ۽ هو انهيءَ کي حياتيءَ تائين طلاق نہ ڏئي.
30تون پنهنجي پيءُ جي زال سان شادي نہ ڪج، نڪي پنهنجي پيءُ جو ننگ کولج.

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in