YouVersion Logo
Search Icon

شريعت جو دور 16

16
1تون ابيب جو مهينو ياد رکج، ۽ انهي ۾ خداوند پنهنجي خدا جو فسح ڪج: ڇالاءِ جو انهي ابيب جي مهيني ۾ خداوند تنهنجو خدا توکي رات جي وقت مصر مان ٻاهر ڪڍي آيو. 2تنهنڪري جيڪو هنڌ خداوند پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊي، اتي تون پنهنجن ڍورن ۽ پنهنجن ڌڻن مان، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ فسح جي قرباني ڪج. 3تون انهيءَ سان گڏ خميري ماني نہ کائج؛ ست ڏينهن تون انهيءَ سان گڏ بي خميري ماني کائج، يعني ڏک جي ماني؛ ڇالاءِ جو تون مصر جي ملڪ مان تڙتڪڙ ۾ نڪري آئين: سو جنهن ڏينهن تون مصر جي ملڪ مان نڪتين، اهو ڏينهن پنهنجي سڄيءَ حياتيءَ ۾ ياد رکج. 4۽ ستين ڏينهن تائين تنهنجي سڄي ملڪ ۾ تو وٽ خمير ڏسڻ ۾ نہ اچي، ۽ تون پهرئين ڏينهن شام جو جيڪا قرباني ڪرين، تنهن جي گوشت مان ڪجهہ بہ صبح تائين بچائي نہ رکج. 5جيڪي ڳوٺ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تن مان ڪنهن ۾ بہ تون فسح جي قرباني نہ ڪج. 6پر جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊيندو، اتي شام جو سج لهڻ مهل، جنهن وقت تون مصر مان نڪتو هئين، انهي وقت فسح جي قرباني ڪج. 7۽ جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا چونڊي، اتي تون اهو پچائي کائج: ۽ صبح جو تون اتان موٽي پنهنجن تنبن ڏانهن وڃج. 8ڇهہ ڏينهن تون بي خميري ماني کائج: ۽ ستين ڏينهن خداوند تنهنجي خدا جي لاءِ پاڪ جماعت گڏ ٿيندي؛ ۽ انهي ڏينهن تون ڪوبہ ڪم نہ ڪج.
9پوءِ تون پنهنجي لاءِ ست هفتا ڳڻج: جنهن وقت تون ان جي بيٺل پوک ۾ ڏاٽو وجهڻ شروع ڪرين، تنهن وقت کان وٺي تون ست هفتا ڳڻج. 10۽ جيتري برڪت خداوند تنهنجي خدا توکي ڏني هجي، تنهن موجب تون نذرانو آڻي، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ هفتن جي عيد ملهائج: 11۽ جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊيندو، اتي تون، ۽ تنهنجو پٽ، ۽ تنهنجي ڌيءَ، ۽ تنهنجو غلام، ۽ تنهنجي ٻانهي، ۽ لاوي جو تنهنجي ڳوٺ ۾ هجي، ۽ مسافر، ۽ يتيم، ۽ بيوہ زال، جي تنهنجي ڳوٺ ۾ هجن، سي سڀ گڏجي خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشي ڪجو. 12۽ تون اهو ياد رکج تہ تون پاڻ مصر جي ملڪ ۾ غلام هئين: تنهنڪري تون هنن قانونن تي خبرداريءَ سان عمل ڪج.
13جڏهن تون پنهنجي کري ۽ پنهنجي چيچڙي جو مال گڏ ڪري ڇڏين، تڏهن ست ڏينهن تنبن جي عيد ملهائج: 14۽ تون، ۽ تنهنجو پٽ، ۽ تنهنجي ڌيءَ، ۽ تنهنجو غلام، ۽ تنهنجي ٻانهي، ۽ لاوي، ۽ مسافر، ۽ يتيم، ۽ بيوہ زال جي تنهنجي ڳوٺ ۾ هجن، سي سڀ گڏجي خوشيءَ سان عيد ملهائجو. 15جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا چونڊي، اتي تون ست ڏينهن خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ عيد ملهائج: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا تنهنجي ساريءَ پيدائش ۾، ۽ تنهنجن سڀني ڪمن ۾ برڪت وجهندو، ۽ تون پوريءَ طرح خوش رهندين. 16سال ۾ ٽي ڀيرا، يعني فطيري مانيءَ جي عيد تي، ۽ هفتن جي عيد تي، ۽ تنبن جي عيد تي، تنهنجا سڀ مرد ماڻهو، خداوند تنهنجي خدا جي حضور ۾، سندس چونڊيل جاءِ تي وڃي حاضر ٿين: ۽ اهي خداوند جي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچن: 17۽ جيڪا برڪت خداوند تنهنجي خدا توکي ڏني هجي، تنهن موجب سڀڪو ماڻهو جيڪي ڏيئي سگهي سو ڏئي.
18تون پنهنجن قبيلن جي سڀني ڳوٺن ۾، جيڪي خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، پنهنجي قبيلن موجب قاضي ۽ حاڪم مقرر ڪج: تہ اهي سچائيءَ سان ماڻهن جي عدالت ڪن. 19تون ڪنهن سان ناحق نہ ڪج؛ نڪي تون ماڻهن جي طرفداري ڪج: نڪي تون رشوت وٺج؛ ڇالاءِ جو رشوت سياڻن کي بہ انڌو ٿي ڪري، ۽ راستبازن جي ڳالهين کي ڦيرائي ٿي ڇڏي. 20جيڪي نسورو حق هجي، انهي جي تون پيروي ڪج، تہ تون جيئرو رهين، ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن جو وارث ٿئين.
21تون خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ جيڪا قربانگاهہ جوڙين، تنهن جي آس پاس پنهنجي لاءِ ڪنهن بہ قسم جي يسيرہ نہ کوڙج. 22نڪي پنهنجي لاءِ ڪو ٿنڀ کڙو ڪج: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجي خدا کي انهن کان نفرت آهي.

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in