شريعت جو دور 17
17
1تون خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ ڪنهن اهڙي ڍڳي، يا گهيٽي جي قرباني نہ ڪج، جنهن ۾ ڪو عيب يا ڪا بدزيبائي هجي: ڇالاءِ جو اهو خداوند تنهنجي خدا جي نظر ۾ مڪروهہ آهي.
2تنهنجا ڳوٺ، جي خداوند تنهنجي خدا توکي ڏنا آهن، تن مان ڪنهن ۾ بہ جيڪڏهن ڪو اهڙو مرد يا ڪا زال لڀي، جنهن خداوند تنهنجي خدا جو عهد ڀڃي، ڪو اهڙو ڪم ڪيو هجي، جو هن جي نظر ۾ بڇڙو هجي، 3۽ ٻين معبودن جي عبادت ڪئي هجيس، يعني سج کي، يا چنڊ کي، يا خدا جي ساري خلقت مان ڪنهن کي سجدو ڪيو هجيس، جنهن جون مون حڪم نہ ڏنو آهي؛ 4۽ انهيءَ ڳالهہ جي توکي خبر پوي، ۽ تون اها ٻڌين، تہ پوءِ تون چڱيءَ طرح تحقيقات ڪج، ۽ ڏس، جيڪڏهن اها ڳالهہ سچي هجي، ۽ اها پڪ هجي، تہ اسرائيل ۾ اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ٿيو آهي؛ 5تہ پوءِ جنهن مرد يا زال اهڙو خراب ڪم ڪيو هجي، تنهن کي ڳوٺ جي دروازي تي وٺي اچج، ۽ انهي کي سنگسار ڪري ماري ڇڏج. 6ٻن يا ٽن شاهدن جي زبانيءَ تي اهڙو مرڻ جوڳو ماڻهو ماريو وڃي؛ پر هڪڙي شاهد جي زبانيءَ تي اهو ماريو نہ وڃي. 7۽ انهي کي قتل ڪرڻ لاءِ پهرين انهن شاهدن جا هٿ مٿس پون، پوءِ ٻين ماڻهن جا هٿ: انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.
8جيڪڏهن تنهنجن ڳوٺن مان ڪٿي بہ پاڻ ۾ خون، يا دعويٰ، يا ماراماري جون ڪي اهڙيون تڪراري ڳالهيون هجن، جن جو فيصلو ڪرڻ تنهنجي لاءِ تمام ڏکيو هجي: تہ پوءِ تون اُٿي انهيءَ جاءِ تي وڃج، جا خداوند تنهنجو خدا چونڊي؛ 9۽ اتي جيڪي لاوي ڪاهن هجن، يا جيڪو قاضي هجي، تنهن وٽ وڃي پڇا ڪج؛ ۽ اهي توکي فيصلي جو حڪم ٻڌائيندا: 10۽ جيڪو حڪم اهي توکي خداوند جي چونڊيل جاءِ تان ٻڌائين، تنهن موجب تون عمل ڪج، ۽ جيڪي اهي توکي سيکارين، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪج: 11جيڪو شريعت جو رستو اهي توکي سيکارين، ۽ جيڪو فيصلو اهي توکي ٻڌائين، تنهن موجب تون عمل ڪج: ۽ جيڪو حڪم اهي توکي ٻڌائين، تنهن کان ساڄي پاسي يا کٻي پاسي نہ ڦرج. 12۽ جيڪو ڪاهن اتي خداوند تنهنجي خدا جي حضور ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر هجي، يا جيڪو قاضي اتي هجي، تنهن جي ڳالهہ جيڪڏهن ڪو شخص گستاخي ڪري نہ ٻڌي، تہ اهو شخص ماريو وڃي: ۽ تون اها خرابي اسرائيل مان ڪڍي ڇڏج. 13۽ سڀ ماڻهو اهو ٻڌي ڊڄندا، ۽ وري اهڙي گستاخي نہ ڪندا.
14جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ جڏهن تون پهچين، ۽ انهي تي قبضو ڪري منجهس رهڻ لڳين؛ ۽ چوين تہ آءٌ پنهنجي مٿان ڪو بادشاهہ مقرر ڪريان، جيئن منهنجي آس پاس وارين سڀني قومن ڪيو آهي؛ 15تہ تون هر حالت ۾ رڳو اهڙي شخص کي پنهنجي مٿان بادشاهہ مقرر ڪج، جنهن کي خداوند تنهنجو خدا چونڊي: تون پنهنجي ڀائرن منجهان ڪنهن کي پنهنجي مٿان بادشاهہ مقرر ڪج: ڪوبہ ڌاريو ماڻهو، جو تنهنجو ڀاءُ نہ آهي، تنهن کي پنهنجي مٿان مقرر نہ ڪج. 16۽ هو پاڻ وٽ گهڻا گهوڙا نہ رکي، نڪي پاڻ وٽ گهڻا گهوڙا گڏ ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي مصر ۾ موڪلي: ڇالاءِ جو خداوند اوهان کي چيو آهي، تہ اوهين اڳتي ڪڏهن بہ انهي رستي موٽي نہ وڃجو. 17نڪي هو پاڻ وٽ گهڻيون زالون رکي، متان سندس دل ڦري وڃي: نڪي هو پاڻ وٽ گهڻو روپو ۽ سون گڏ ڪري. 18۽ جڏهن هو پنهنجي بادشاهيءَ جي تخت تي ويهي، تڏهن هيءَ شريعت، جا لاوي ڪاهنن جي ڪتاب ۾ هوندي، تنهن جو هڪڙي ڪتاب ۾ نقل ڪرائي پاڻ وٽ رکي: 19هو انهيءَ کي پاڻ وٽ رکي، ۽ پنهنجي سڄي حياتي انهيءَ کي پڙهندو رهي: انهي لاءِ تہ هو خداوند پنهنجي خدا جو ڊپ سکي، ۽ هن شريعت، يعني هنن قانونن جي سڀني ڳالهين تي عمل ڪرڻ سکي: 20هو پاڻ کي پنهنجن ڀائرن کان وڌيڪ نہ سمجهي، ۽ هن حڪم کان ساڄي پاسي يا کٻي پاسي نہ ڦري، تہ اسرائيل منجهہ سندس بادشاهت ۾، سندس، ۽ سندس اولاد جي عمر وڏي ٿئي.
Currently Selected:
شريعت جو دور 17: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.