YouVersion Logo
Search Icon

شريعت جو دور 15

15
1ستن ستن ورهين کان پوءِ تون ڇوٽڪارو ڏج. 2انهي ڇوٽڪاري ڏيڻ جو نمونو هي آهي: تہ جنهن جنهن قرض خواہ پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪجهہ اُڌارو ڏنو هجي؛ سو انهي کي ڇڏي ڏي؛ هو انهي جي لاءِ پنهنجي پاڙيسريءَ کان، يا پنهنجي ڀاءُ کان ڪابہ تنگ طلبي نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو خداوند جي نالي انهي ڇوٽڪاري جو اعلان ٿيل آهي. 3ڌارئي ماڻهوءَ کان تون انهي جي طلب ڪري ٿو سگهين: پر تنهنجي ڀاءُ وٽ جيڪي تنهنجو رهيل هجي انهي تان تون هٿ کڻي ڇڏج. 4اوهان منجهہ ڪوبہ ڪنگال نہ رهندو؛ (ڇالاءِ تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور قبضي ۾ ٿو ڏئي، تنهن ۾ هو ضرور برڪت وجهندو؛) 5بشرطيڪ تون خداوند پنهنجي خدا جو آواز ڌيان ڏيئي ٻڌين، ۽ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، تن سڀني تي خبرداريءَ سان عمل ڪرين. 6ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا توکي برڪت ڏيندو، جيئن ڪ هن توسان واعدو ڪيو آهي: تون گهڻين قومن کي قرض ڏيندين، پر تون قرض ڪونہ کڻندين؛ تون گهڻين قومن تي حڪومت هلائيندين، پر اهي توتي حڪومت نہ هلائينديون.
7جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجن ڀائرن منجهان جيڪڏهن ڪو غريب تنهنجي ڳوٺ ۾ تو وٽ رهندو هجي، تہ تون پنهنجي غريب ڀاءُ جي لاءِ پنهنجي دل سخت نہ ڪج، نڪي پنهنجي مٺ بند ڪج؛ 8پر تون انهي جي لاءِ ضرور پنهنجي مٺ کولج، ۽ جنهن ڪم ۾ جيتري هن کي گهرج هجي، اوترو کيس اُڌارو ڏج. 9خبردار رهج، متان تنهنجيءَ دل ۾ اهڙو هلڪو خيال اچي تہ ستون سال، يعني ڇوٽڪاري وارو سال ويجهو آهي؛ ۽ تنهنجي نيت تنهنجي انهي غريب ڀاءُ ڏانهن خراب ٿئي، ۽ تون هن کي ڪجهہ بہ نہ ڏين؛ ۽ هو تنهنجي برخلاف خداوند جي حضور ۾ پڪاري، ۽ اهو تنهنجي لاءِ گناهہ ٿئي. 10تون ضرور هن کي ڏج، ۽ هن کي ڏيڻ وقت دل ۾ ڏک نہ ڪج: ڇالاءِ جو ائين ڏيڻ ڪري، خداوند تنهنجو خدا تنهنجن سڀني ڪمن ۾، جن ۾ تون هٿ وجهندين، تن ۾ توکي برڪت ڏيندو. 11ڇو جو غريب تہ سدائين ملڪ ۾ هوندا: تنهنڪري آءٌ توکي حڪم ٿو ڏيان تہ تون پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجي ڀاءُ جي لاءِ، ۽ پنهنجي محتاج جي لاءِ، ۽ پنهنجي غريب جي لاءِ، پنهنجي مٺ کليل رکج.
12جيڪڏهن تنهنجن ڀائرن مان ڪو عبراني مرد يا عبراني زال تو وٽ وڪامي، ۽ اها ڇهہ ورهيہ تنهنجي خدمت ڪري؛ تہ پوءِ ستين ورهيہ تون انهيءَ کي آزاد ڪري ڇڏج. 13۽ جڏهن تون انهي کي آزاد ڪري پاڻ وٽان وڃڻ ڏين، تڏهن کيس خالي هٿين وڃڻ نہ ڏج: 14تون انهي کي پنهنجي ڌڻ مان، ۽ پنهنجي اَن جي کري مان، ۽ پنهنجي شراب جي چيچڙي مان، کليءَ دل سان ڏج: خداوند تنهنجي خدا توکي جيتري برڪت ڏني هجي، تنهن موجب تون بہ هن کي ڏج، 15۽ تون ياد رکج تہ تون پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ غلام هئين، ۽ خداوند تنهنجي خدا توکي ڇڏايو: تنهنڪري آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي هي حڪم ٿو ڏيان. 16۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪڏهن هو توکي چوي، تہ آءٌ تو وٽان وڃڻ نٿو گهران؛ ۽ هن کي توسان ۽ تنهنجي گهر سان ايترو پيار هجي، جو هو تو وٽ رهڻ ۾ خوش هجي؛ 17تہ پوءِ تون هڪڙي آر کڻي، انهي جي ڪن مان لنگهائي در ۾ ٽنبج، پوءِ هو هميشہ جي لاءِ تنهنجو غلام ٿيندو، ۽ تون پنهنجي ٻانهيءَ جي لاءِ بہ ساڳيءَ طرح ڪج. 18جڏهن تون انهي کي آزاد ڪري پاڻ وٽان وڃڻ ڏين، تڏهن ائين ڪرڻ ڏکيو متان سمجهين؛ ڇالاءِ جو هن ڇهن ورهين تائين ٻن مزورن جيتري تنهنجي خدمت ڪئي آهي: ۽ خداوند تنهنجو خدا تنهنجن سڀني ڪمن ۾ برڪت وجهندو.
19تنهنجن ڍورن ۽ تنهنجن ڌڻن ۾ جيڪي پهريان نر ٻچا هجن، سي تون خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ پاڪ ڪري ڇڏج: تون پنهنجي پهرئين ڄاول وهڙي کان ڪو ڪم نہ وٺج، نڪي پنهنجي ڌڻ ۾ پهرئين ڄاول ٻچي جي اُن ڪترج. 20اهو تون پنهنجي گهراڻي سميت انهيءَ جاءِ تي، جا خداوند تنهنجو خدا چونڊيندو، سال بسال کائيندو رهج. 21۽ جيڪڏهن انهي ۾ ڪو عيب هجي، جيئن تہ هو منڊو يا انڌو هجي، يا ٻيو ڪو عيب هجيس، تہ اهو تون خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان قربانيءَ طور پيش نہ ڪج. 22اهو تون پنهنجن دروازن جي اندر کائج: پاڪ ۽ ناپاڪ ماڻهو، جيئن هرڻ يا هرڻيءَ جو گوشت کائيندا آهن، تيئن هي بہ کائي ٿا سگهن. 23رڳو انهي جو رت نہ کائج، اهو تون زمين تي پاڻي وانگر هاري ڇڏج.

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in