شريعت جو دور 14
14
1اوهين خداوند پنهنجي خدا جا ٻار آهيو: اوهين مئلن جي لاءِ پنهنجي بت تي وڍ نہ وجهجو، نڪي پنهنجي پنبڻين جي وچ جا وار ڪوڙائجو. 2ڇالاءِ جو تون خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ پاڪ اُمت آهين، ۽ خداوند زمين جي سڀني قومن مان توکي پنهنجي خاص اُمت ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي.
3تون ڪابہ مڪروهہ شيءِ نہ کائج. 4جيڪي جانور اوهان کي کائڻ روا آهن سي هي آهن: ڍڳو، رڍ، ۽ ٻڪري، 5سانڀر، هرڻ، ڦاڙهو، جهنگلي ٻڪر، ۽ جابلو هرڻ، نيل گانءِ ۽ جهنگلي گهيٽو. 6جانورن مان جن جا کر چيريل آهن، ۽ جن جا کر ٻہ ڦاڪا آهن، ۽ اوڳارين ٿا، سي اوهين کائجو. 7تڏهن بہ جيڪي اوڳارين ٿا، يا جن جا کر چيريل آهن، تن مان هي اوهين نہ کائجو، يعني اُٺ، سهو، ۽ جهنگلي نور؛ ڇالاءِ جو اهي اوڳارين ٿا پر سندن کر چيريل نہ آهن: تنهنڪري اهي اوهان جي لاءِ حرام آهن. 8۽ سوئر؛ ڇالاءِ جو هن جا کر چيريل آهن پر اوڳاري نٿو، تنهنڪري اهو اوهان جي لاءِ حرام آهي: انهن جو گوشت اوهين نہ کائجو، نڪي انهن جي مڙهن کي هٿ لائجو.
9پاڻيءَ جي ساهوارن مان جيڪي اوهان کي کائڻ روا آهن سي هي آهن: جن کي کنڀڙاٽيون ۽ ڇلر آهن، سي اوهين کائجو: 10۽ جن کي کنڀڙاٽيون ۽ ڇلر نہ آهن، سي اوهين نہ کائجو؛ اهي اوهان جي لاءِ حرام آهن.
11حلال پکين مان جيڪي اوهان کي وڻي سو کائجو. 12سواءِ هنن مان جي اوهين نہ کائجو: عقاب، باز، ۽ ڪُريل؛ 13هڏخور، شِڪرو، ۽ سرڻ جا سڀ قسم؛ 14سڀني قسمن جا نانگ 15اٺ پکي، رات شِڪرو، سامونڊي باز ۽ بازن جا سڀ قسم؛ 16چٻرو، وڏي چٻ، ۽ سڱن واري چٻ؛ 17پيڻ، ڳجهہ، ۽ ڪنگ؛ 18لقلق، ۽ ٻگهن جا سڀ قسم، چنڊول، ۽ چمڙو؛ 19۽ سڀ کنڀن وارا سرندڙ جيت اوهان جي لاءِ حرام آهن: اهي نہ کائجو. 20حلال پکين مان اوهان کي جيڪي وڻي سو کائجو.
21جيڪو جانور پاڻيهي مري سو اوهين نہ کائجو: جيڪو پرديسي تنهنجو شهر ۾ هجي تنهن کي تون اهو کائڻ لاءِ ڏيئي ٿو سگهين، يا اهو ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ کي وڪڻي ٿو سگهين: ڇالاءِ جو تون خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ هڪڙي پاڪ اُمت آهين. تون ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌج.
22تون پنهنجي ٻج جي پيدائش منجهان، جا سال بسال تنهنجيءَ ٻنيءَ مان حاصل ٿي ٿئي، ڏهون حصو ضرور ڏيندو رهج. 23۽ جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊي، اتي تون پنهنجي اَن، ۽ پنهنجي شراب، ۽ پنهنجي تيل جو ڏهون حصو، ۽ پنهنجي ڍورن، ۽ ڌڻن جا پهريان ٻچا خداوند جي حضور ۾ کائج؛ انهي لاءِ تہ تون هميشہ خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄڻ سکين. 24۽ جيڪڏهن اهو هنڌ جو خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊي، سو تو کان گهڻو پري هجي، ۽ رستو بہ ايترو ڊگهو هجي جو جڏهن خداوند تنهنجو خدا توکي برڪت ڏئي، تڏهن تون پنهنجو ڏهون حصو کڻي اتي وڃي نہ سگهين، 25تہ پوءِ تون اهو وڪڻي پئسا وٺج، ۽ اهي پئسا پاڻ سان کڻي انهي هنڌ وڃج، جو خداوند تنهنجي خدا چونڊيو هجي. 26۽ اتي انهن پئسن سان جيڪي تنهنجي دل چاهي سو وٺج، يعني ڏاند، يا رڍون، يا مئي، يا شراب، يا جيڪا بہ شيءِ توکي وڻي سا وٺي، تون، ۽ تنهنجو گهراڻو، اتي خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ کائجو، ۽ خوشي ڪجو. 27۽ جيڪو لاوي تنهنجي گهر ۾ هجي، تنهن کي وساري نہ ڇڏج؛ ڇالاءِ جو هن کي توسان گڏ ڪوبہ حصو يا ورثو مليل ڪونهي.
28ٽن ٽن ورهين کان پوءِ، تون پنهنجي سموري پيدائش جو ڏهون حصو انهي سال ۾ ڪڍي، پنهنجي گهر ۾ آڻي گڏ ڪج؛ 29تہ لاوي، جنهن کي توسان گڏ ڪوبہ حصو يا ورثو مليل ڪونهي، ۽ مسافر، ۽ يتيم، ۽ بيوہ زال، جي تنهنجي ڳوٺ ۾ هجن، سي اچي اهو کائي ڍءُ ڪن؛ انهي لاءِ تہ جنهن بہ ڪم ۾ تون هٿ وجهين، تنهن ۾ خداوند تنهنجو خدا توکي برڪت ڏئي.
Currently Selected:
شريعت جو دور 14: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.