شريعت جو دور 13
13
1جيڪڏهن تنهنجي وچ ۾ ڪو نبي، يا خوابن ڏسڻ وارو ظاهر ٿئي، ۽ اهو توکي ڪوبہ نشان يا عجيب ڪم ڏيکاري، 2۽ جنهن نشان يا عجيب ڪم جي هو توکي خبر ڏئي، سو پورو ٿئي، ۽ پوءِ هو توکي اهڙن معبودن جي پيروي ڪرڻ ۽ انهن جي عبادت ڪرڻ لاءِ چوي، جن کان تون ناواقف هجين؛ 3تہ تون انهيءَ نبيءَ يا خوابن ڏسڻ واري جي ڳالهہ اصل نہ ٻڌج: ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي آزمائيندو، تہ معلوم ڪري تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان پيار ڪريو ٿا يا نہ. 4اوهين خداوند پنهنجي خدا جي پيروي ڪجو، انهي کان ڊڄجو، ۽ انهي سان قائم رهجو، 5۽ انهي نبيءَ يا خوابن ڏسڻ واري کي ماري ڇڏجو؛ ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا جو اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو، ۽ توکي غلاميءَ جي گهر مان ڇڏايائين، تنهن جي برخلاف هن بغاوت جي ڳالهہ ڪئي آهي، انهي لاءِ تہ جنهن رستي هلڻ لاءِ خداوند تنهنجي خدا توکي حڪم ڏنو آهي، تنهن کان ڦيرائي ٻئي پاسي ڪريئي. انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.
6جيڪڏهن تنهنجو ڀاءُ، يعني تنهنجيءَ ماءُ جو پٽ، يا تنهنجو پٽ، يا تنهنجي ڌيءَ، يا تنهنجي دلگهري زال، يا تنهنجو جاني دوست توکي ڳجهيءَ طرح لالچائي، ۽ اهڙن معبودن جي عبادت ڪرڻ جي لاءِ چوي، جن جي توکي ۽ تنهنجي ابن ڏاڏن کي خبر نہ هجي، 7يعني انهن ماڻهن جا معبود، جي تنهنجي آس پاس، ويجها توڙي پري، بلڪ زمين جي هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين رهندا هجن؛ 8تڏهن بہ تون انهن جي ڳالهہ تي راضي نہ ٿج، نڪي انهن جو چوڻ ٻڌج؛ تون انهي تي قياس نہ ڪج، نڪي انهي سان ڪا مروت ڪج، نڪي انهي کي لڪائج: 9پر تون انهي کي ضرور قتل ڪج؛ انهي کي قتل ڪرڻ لاءِ پهرين تنهنجو هٿ مٿس پوي، ۽ پوءِ ٻين ماڻهن جو هٿ. 10تون انهي کي سنگسار ڪج، تہ هو مري وڃي؛ ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا جنهن توکي مصر جي ملڪ مان، يعني غلاميءَ جي گهر مان ٻاهر ڪڍي آندو، تنهن کان توکي ڦيرائڻ جي هن ڪوشش ڪئي آهي. 11۽ سڀ اسرائيلي اهو ٻڌي ڊڄندا، ۽ تنهنجي وچ ۾ وري اهڙي شرارت نہ ڪندا.
12جيڪي شهر خداوند تنهنجو خدا توکي رهڻ لاءِ ڏيندو، تن مان ڪنهن جي بابت جيڪڏهن تون ڪا اهڙي ڳالهہ ٻڌين، 13تہ ڪي ڪميڻا ماڻهو تنهنجي وچ مان نڪري پنهنجي شهر جي ماڻهن کي هيئن چئي گمراهہ ڪري رهيا آهن، تہ اچو تہ اهڙن معبودن جي عبادت ڪريون، جن جي اوهان کي خبر ڪانهي؛ 14تہ پوءِ تون تحقيقات ۽ ڳولا ڪج، ۽ چڱيءَ طرح پڇاڳاڇا ڪج؛ ۽ ڏس، جيڪڏهن اها ڳالهہ سچي هجي، ۽ اها پڪ هجي، تہ تنهنجي وچ ۾ اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ٿيو آهي؛ 15تہ پوءِ تون ضرور انهي شهر جي رهاڪن کي ترار جي ڌار سان قتل ڪج، ۽ جيڪي انهي ۾ هجي سو سڀ، ۽ انهي جو چوپايو مال بہ ترار جي ڌار سان بلڪل تباهہ ڪري ڇڏج. 16۽ تون انهي جو سمورو لٽ جو مال انهي جي چونڪ ۾ گڏ ڪج، ۽ شهر کي لٽ جي سموري مال سميت، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ باهہ سان ساڙي ڇڏج: اهو هميشہ جي لاءِ هڪڙو ڍڳ رهندو؛ ۽ اهو شهر وري نہ ٻڌبو. 17۽ انهيءَ برباديءَ لاءِ مقرر ٿيل شين منجهان ڪجهہ بہ تنهنجي هٿ ۾ نہ رهي، تہ خداوند پنهنجيءَ خوفناڪ ڪاوڙ کان مُڙي، ۽ توتي رحم ڪري، ۽ توتي مهربان ٿئي، ۽ جيئن هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو آهي، تيئن هو توکي وڌائي. 18اهو تڏهن ٿيندو، جڏهن تون پنهنجي خدا جو آواز ٻڌندين، ۽ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪندين، ۽ جيڪي خداوند تنهنجي خدا جي نظر ۾ چڱو آهي سو ڪندو رهندين.
Currently Selected:
شريعت جو دور 13: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.