شريعت جو دور 12
12
1هي آهن اهي قانون ۽ فيصلا، جن تي اوهين پنهنجي ساري عمر انهي ملڪ ۾ عمل ڪندا رهجو، جو خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا، اوهان کي ورثي طور ڏنو آهي. 2اوهين ضرور اهي سڀ جايون برباد ڪري ڇڏجو، جتي اهي قومون، جن جا اوهين وارث ٿيندا، سي اُتانهن جبلن تي، ۽ ٽڪرين تي، ۽ هر ڪنهن سائي وڻ هيٺ، پنهنجن معبودن جي عبادت ڪنديون هيون: 3۽ اوهين هنن جون قربانگاهون ڀڃي ڊاهي ڇڏجو، ۽ هنن جا ٿنڀ ڪيرائي پرزا پرزا ڪجو، ۽ هنن جون يسيرہ نالي مورتون باهہ سان ساڙي ڇڏجو؛ ۽ اوهين هنن جي معبودن جون اُڪريل مورتون وڍي ڪيرائي ڇڏجو؛ ۽ اوهين انهي هنڌان هنن جو نالو ئي مٽائي ڇڏجو. 4پر اوهين خداوند پنهنجي خدا سان ائين نہ ڪجو. 5بلڪ جيڪا جاءِ خداوند اوهان جو خدا، اوهان جي سڀني قبيلن منجهان چونڊي ڪڍندو، انهي لاءِ تہ اتي پنهنجو نالو قائم ڪري، اتي، يعني هن جي مسڪن وٽ اوهين اچجو: 6۽ اتي اوهين پنهنجون سوختنيون قربانيون، ۽ پنهنجون ذبح ڪرڻ واريون قربانيون، ۽ پنهنجا ڏهان حصا، ۽ پنهنجي هٿ جون مٿي کنيل قربانيون، ۽ پنهنجون مڃتائون، ۽ پنهنجون خوشيءَ جون قربانيون، ۽ پنهنجي ڍورن ۽ ڌڻن جا پهريان ٻچا پيش ڪجو: 7اتي اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ کائجو؛ ۽ تنهنجي هٿ جي ڪمائي جنهن ۾ خداوند تنهنجي خدا برڪت وڌي آهي، تنهن لاءِ اوهين پنهنجن گهراڻن سميت خوشيون ڪجو. 8جيئن اڄوڪي ڏينهن اسين هتي ڪريون ٿا، يعني جنهن ماڻهوءَ کي جيڪي ٿو وڻي سو ٿو ڪري، تيئن اوهين نہ ڪجو: 9ڇالاءِ جو اوهين اڃا انهي آرام ۽ انهي ميراث واري هنڌ نہ پهتا آهيو، جيڪو خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو. 10پر جڏهن اوهين يردن جي پار وڃي انهي ملڪ ۾ رهندا، جو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ورثي طور ٿو ڏئي، ۽ هو اوهان کي آسپاس وارن سڀني دشمنن کان آرام ڏيندو، ۽ اوهين سلامتيءَ سان رهندا؛ 11تڏهن هيئن ٿيندو، تہ جيڪو هنڌ خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي جي مسڪن لاءِ چونڊيندو، اتي اوهين هي سڀ شيون آڻجو، جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، يعني اوهان جون سوختنيون قربانيون، ۽ اوهان جا ڏهان حصا، ۽ اوهان جي هٿ جون مٿي کنيل قربانيون، ۽ اوهان جي خوشيءَ جون مڃتائون، جي اوهين خداوند جي اڳيان مڃيندا: 12۽ اوهين، ۽ اوهان جا پٽ، ۽ اوهان جون ڌيون، ۽ اوهان جا غلام، ۽ اوهان جون ٻانهيون، ۽ لاوي، جن کي اوهان سان گڏ حصو يا ورثو نہ ملڻ ڪري، اوهان جي گهرن ۾ رهندا هجن، سي سڀ گڏجي خوشيون ڪجو. 13۽ تون خبردار رهج تہ متان جيڪا جاءِ ڏسين اتي ئي پنهنجي سوختني قرباني پيش ڪرين: 14پر جيڪا جاءِ خداوند تنهنجن قبيلن منجهان چونڊي ڪڍندو، اتي ئي اوهين پنهنجون سوختنيون قربانيون پيش ڪجو؛ ۽ جن ڪمن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، سي سڀ اتي ئي ڪجو. 15پر تون پنهنجن دروازن جي اندر پنهنجيءَ دل جي خواهش موجب، ۽ خداوند جي ڏنل برڪت موجب، جانور ڪهي گوشت کائي ٿو سگهين، جيئن تہ هرڻ يا هرڻي، پاڪ يا ناپاڪ ماڻهو انهي مان کائي ٿو سگهي. 16رڳو اوهين رت نہ کائجو؛ اهو تون زمين تي پاڻيءَ وانگي هاري ڇڏج. 17۽ تنهنجي اَن، ۽ تنهنجي شراب، ۽ تنهنجي تيل جو ڏهون حصو، ۽ تنهنجي ڍورن ۽ ڌڻن جا پهريان ٻچا، ۽ تنهنجون مڃتائون، ۽ تنهنجون خوشيءَ جون قربانيون، ۽ تنهنجي هٿ جون مٿي کنيل قربانيون، انهن مان ڪابہ شيءِ تون پنهنجن دروازن جي اندر کائي نٿو سگهين: 18پر اهي تون، ۽ تنهنجو پٽ، ۽ تنهنجي ڌيءَ، ۽ تنهنجو غلام، ۽ تنهنجي ٻانهي، ۽ جيڪو لاوي تنهنجي گهر ۾ هجي سو، اهي شيون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ انهي هنڌ کائجو، جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا چونڊي ڪڍي؛ ۽ تون پنهنجي هٿ جي ڪمائيءَ لاءِ خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشي ڪج. 19۽ تون خبردار رهج، ۽ جيسين تون انهي ملڪ ۾ جيئرو رهين، تيسين لاوين کي وساري نہ ڇڏج.
20جڏهن خداوند تنهنجو خدا تنهنجي سرحد وڌائي، جيئن هن تو سان واعدو ڪيو آهي ۽ تو کي گوشت کائڻ جي دل ٿئي، ۽ چوين تہ آءٌ گوشت کان، تہ تون پنهنجيءَ دل جي خواهش موجب گوشت کائج؛ 21۽ جيڪڏهن اهو هنڌ جو خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊي سو تو کان گهڻو پري هجي، تہ پوءِ خداوند توکي جيڪي ڍور ۽ ڌڻ ڏنا هجن، تن مان ڪنهن کي بہ ذبح ڪري، پنهنجيءَ دل جي خواهش موجب، پنهنجن دروازن جي اندر کائج، جيئن ڪ مون توکي حڪم ڏنو آهي. 22جيئن هرڻ يا هرڻي کائبي آهي، تيئن تون اهو کائج: پاڪ ۽ ناپاڪ ماڻهو انهي مان کائي ٿو سگهي. 23رڳو ايتري خبرداري ڪج جو رت نہ کائج: ڇالاءِ جو رت حياتي آهي؛ ۽ تون گوشت سان گڏ حياتيءَ کي نہ کائج. 24تون اهو نہ کائج، اهو تون زمين تي پاڻيءَ وانگر هاري ڇڏج. 25تون اهو نہ کائج؛ تہ جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱو آهي، سو ڪرڻ ڪري تنهنجو، ۽ توسان گڏ تنهنجي اولاد جو ڀلو ٿئي. 26پر پنهنجون پاڪ شيون انهي هنڌ کڻي وڃج جو خداوند چونڊيندو: 27اتي تون پنهنجون سوختنيون قربانيون پيش ڪج، انهن جو گوشت ۽ انهن جو رت، قربانگاهہ تي چاڙهج: ۽ تنهنجين ذبح ڪرڻ وارين قربانين جو رت قربانگاهہ تي اوتبو، ۽ گوشت تون کائج. 28هي سڀ ڳالهيون جن جو آءٌ توکي حڪم ٿو ڏيان، سي ڌيان ڏيئي ٻڌ، تہ جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱو ۽ درست آهي، سو ڪرڻ ڪري تنهنجو، ۽ توکان پوءِ تنهنجي اولاد جو ڀلو ٿئي.
29جڏهن خداوند تنهنجو خدا انهن قومن کي تباهہ ڪندو، جن کي قبضي ڪرڻ لاءِ تون وڃين ٿو، ۽ جڏهن تون انهن تي قبضو ڪري انهن جي ملڪ ۾ رهين؛ 30تڏهن تون خبردار ٿج، متان جڏهن اهي تنهنجي اڳيان نابود ٿي وڃن، تڏهن تون گمراهہ ٿي انهن جي پيروي ڪرين؛ ۽ انهن جي معبودن بابت پڇا ڪرين تہ اهي قومون ڪهڙيءَ طرح پنهنجن معبودن جي عبادت ڪنديون هيون، تہ آءٌ بہ انهن وانگر ڪريان؟ 31پر تون خداوند پنهنجي خدا سان ائين نہ ڪج: ڇالاءِ جو هرڪو ڪراهت جهڙو ڪم، جنهن کان خدا کي نفرت آهي، سو انهن پنهنجن معبودن لاءِ ڪيو آهي؛ بلڪ اهي پنهنجن پٽن ۽ پنهنجين ڌيئرن کي بہ معبودن جي اڳيان باهہ ۾ ساڙين ٿا.
32جيڪا بہ ڳالهہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو: ۽ تون نڪي انهيءَ ۾ ڪجهہ وڌائج، نڪي انهيءَ مان ڪجهہ گهٽائج.
Currently Selected:
شريعت جو دور 12: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.