ڪلسين 3
3
1تنهنڪري، جيڪڏهن اوهين مسيح سان گڏ جياريا ويا آهيو تہ انهن شين جا ڳولائو ٿيو جي مٿي آسمان ۾ آهن، جتي مسيح خدا جي ساڄي پاسي ويٺو آهي. 2انهن شين سان دل لايو جي مٿي آسمان ۾ آهن، نہ انهن شين سان جي زمين تي آهن. 3ڇالاءِ جو اوهين مري ويا ۽ اوهان جي حياتي مسيح سان خدا ۾ پوشيدہ آهي. 4جڏهن مسيح، جو اسان جي زندگي آهي، سو ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهين بہ ساڻس گڏ جلال ۾ ظاهر ٿيندا.
5تنهنڪري اوهان جا عضوا جي زمين تي آهن، تن کي ماري ڇڏيو، يعني زناڪاري، ناپاڪي، شهوت، خراب خواهش، ۽ لالچ جا بُت پرستي آهي؛ 6انهن ڳالهين جي ڪري خدا جو غضب نافرمانيءَ جي فرزندن تي نازل ٿو ٿئي؛ 7۽ اوهين بہ جڏهن انهن ڳالهين ۾ زندگي گذاريندا هئا، تڏهن انهن تي هلندا هئا. 8پر هاڻي اوهين بہ اهي سڀ ڇڏي ڏيو؛ يعني غصو، ڪاوڙ، بدخواهي، گلا ۽ گاريون ڏيڻ: 9هڪ ٻئي سان ڪوڙ نہ ڳالهايو، جو اوهان پراڻي انسانيت سندس ڪمن سميت پوشاڪ وانگر لاهي ڇڏي آهي، 10۽ نئين انسانيت ڍڪي اٿوَ، جا علم حاصل ڪرڻ لاءِ نئين ٿيندي ٿي وڃي، تہ پنهنجي پيدا ڪرڻ واري جي صورت وانگر ٿئي؛ 11جتي نڪو يوناني آهي نہ يهودي، نڪو مختون آهي نڪو نامختون، نہ جهنگلي آهي نہ وحشي، نہ غلام آهي نہ آزاد، پر مسيح سڀ ڪجهہ آهي ۽ سڀني ۾ آهي.
12تنهنڪري جيئن خدا جا چونڊيل ۽ پاڪ پيارا آهيو، تيئن رحمدليءَ ۽ مهربانيءَ ۽ نماڻائيءَ ۽ حليمائيءَ ۽ تحمل جو جامو پهريو؛ 13جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪنهن ڏانهن رنج هجي تہ انهي جي برداشت ڪريو ۽ هڪٻئي کي معاف ڪريو؛ جهڙيءَ طرح ڪ خداوند اوهان کي معاف ڪيو، تهڙيءَ طرح اوهين بہ ڪريو؛ 14۽ انهن سڀني کان وڌيڪ محبت، جا ڪماليت جو ڪمربند آهي، تنهن کي پهريو. 15مسيح جو اطمينان، جنهن جي لاءِ اوهين بہ هڪڙي بدن ۾ سڏيا ويا هئا، سو ڀلي تہ اوهان جي دلين تي حڪومت ڪري، ۽ اوهين شڪرگذار رهو. 16ڀلي تہ مسيح جو ڪلام هر قسم جي دانائي سميت اوهان ۾ ججهو ئي رهي. هڪٻئي کي تعليم ڏيو ۽ نصيحت ڪريو، ۽ فضل سان ڀرپور ٿي پنهنجين دلين ۾ خدا جي لاءِ زبور ۽ گيت ۽ ديني راڳ ڳايو. 17۽ جيڪي بہ ڪريو، قول يا فعل، سو سڀ خداوند يسوع مسيح جي نالي تي ڪريو، ۽ انهي جي وسيلي خدا پيءُ جا شڪرانا بجا آڻيو.
18اي زالون، پنهنجن مڙسن جي تابعداريءَ ۾ رهو، جيئن ڪ خداوند ۾ مناسب آهي. 19اي مڙسو، پنهنجين زالن کي پيار ڪريو ۽ ساڻن سختي نہ ڪريو. 20اي ٻارو، سڀني ڳالهين ۾ پنهنجي ماءُ پيءُ جي فرمانبرداري ڪريو، ڇالاءِ جو اها ڳالهہ خداوند کي گهڻو پسند آهي، 21اي پيئرو، پنهنجن ٻارن کي ڪڪ نہ ڪريو، متان هو بي همٿ ٿي پون. 22اي نوڪرو، جيڪي جسماني طور اوهان جا ڌڻي آهن، تن جو سڀني ڳالهين ۾ حڪم مڃو؛ ڏيکاءَ جي نوڪري نہ ڪريو، جيئن خوشامدڙيا ڪندا آهن، پر صاف دل ٿي خداوند کان ڊڄي نوڪري ڪريو: 23جيڪو بہ ڪم ڪريو سو دل سان ڪريو، ڄڻ تہ خداوند جي لاءِ ٿا ڪريو؛ نہ ماڻهن جي لاءِ؛ 24ائين سمجهو تہ خداوند کان انهي جي عيوض ۾ اوهان کي ورثو ملندو: اوهين خداوند مسيح جي ٿا خدمت ڪريو. 25ڇالاءِ جو جيڪو برائي ٿو ڪري، تنهن کي پنهنجي برائيءَ جو بدلو ملندو: اتي ماڻهن جي طرفداري ڪانهي.
Currently Selected:
ڪلسين 3: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.